سنڌ جا 60 لک ٻارڙا اسڪول وڃي سگهندا؟: انس گهانگهرو

سنڌ ۾ 60 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، لازمي ۽ مفت تعليم جي ذميواري رياست جي ذميواري آهي، تعليم جي بهتري لاءِ جيترا فنڊ گهرجن  اهي ڏيندس، سمورن ٻارڙن کي اسڪول آڻي نادرا جي ڄم رجسٽريشن سرشتي کي تعليم سان ڳنڍيو ويندو، هي انڪشاف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن واري تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزارت اعليٰ جو قلمدان سنڀاليندي ئي تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو، اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ مختيارڪار، ڊي سي ۽ ايس ڊي ايم کي به ڇاپن جو اختيار ڏنو ويو، جنهن تي ڪجهه حلقن پاران تنقيد ڪئي وئي ته ڪجهه ڌرين وري اهڙي عمل کي ساراهيو، استاد تنظيمن پاران هميشه جيان مخالفت ۾ ئي رد عمل ظاهر ڪيو ويو، تعليم جي بهتري ڪيئن ممڪن آهي، بنيادي سبب ڪهڙا آهن،  ان طرف ڌيان وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وڏي وزير پاران تعلمي جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن جو اعلان ساراهه جوڳو آهي، پر ڪجهه نه ٿيڻ واري نااميدي به مايوسي آهي، هميشه بهتري ڀلائي جي ئي اميد ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي تعليم کي جهڙي طرح تباهه ڪيو ويو آهي، ان ۾ سڀني جو ڪردار هڪ جهڙو آهي، سنڌ سرڪار، تعليم جي وزارت، سيڪريٽري، ڊائريڪٽرز تعليم توڙي سپروائيزرن کان وٺي هيڊ ماسترن، استادن والدين ۽ شاگردن جو هڪ جيترو قصو آهي، ڪرپشن جي ڀرمار سفارش تي مقرر ڪامورا توڙي هر سال اسڪولن جي لاءِ ايندڙ فنڊ به بخش ناهن ڪيا ويا، اسڪولن جي مرمت ۽ بهتري لاءِ قائم ايس ايم سي ڪاميٽيون به ڪرپشن جي ور چڙهي ويون، جنهن سبب مقامي والدين ڳوٺاڻا به پنجن رپين تي وڪامجي ويا، نه اسڪولن جي مرمت ٿي نه وري فنڊ استعمال ٿيا، الٽو وري ماسترن به گسائڻ شروع ڪيو، هن وقت 60 سيڪڙو استاد بائيو ميٽرڪ سسٽم هئڻ باوجود اسڪول وڃڻ کي پسند ئي نٿا ڪن، سڄو ڏهاڙو هوٽلن، ڪڪڙن جي ميل، ڏاندن جي گوءِ توڙي پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڌنڌي ڌاڙي سان لڳا پيا آهن، انهن استادن کي سياستدانن جي سرپرستي حاصل آهي، ڇوته اليڪشن وقت ساڳيا ئي استاد پولنگ ايجنٽ بڻجي انهن سياستدانن جي ونگار وهي ويندا آهن، والدين ۾ ايتري همت ناهي جو اسڪول جو دورو ڪري پڇاڻو ڪن ته استاد ڇو ناهي آيو، گيٽ کي تالو ڇو لڳل آهي، پر ساڳيائي والدين جڏهن نجي اسڪولن ۾ فيس ڀري پنهنجي ٻارڙن کي داخل ڪرائيندا آهن ته ان وقت ٿوري ٿوري ڳالهه تي استادن سان جهيڙا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، ڪاپي تي جيڪڏهن هوم ورڪ ناهي ته ان جي به شڪايت ڪرڻ اچي ويندا آهن، پر مفت جي تعليم ملڻ تي چپ سبي خاموش ٿي ويهي رهندا آهن، اسان گذريل 90 جي ڏهاڪي کان وٺي هلندڙ سال تائين تعليم جي تباهي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، هن وقت به سنڌ ۾ اٽڪل 33 سيڪڙو اسڪول مڪمل بند پيل آهن، 18 سيڪڙو اسڪول وڏيرن جي اوطاقن جانورن جي واڙن، اناج جي گدامن توڙي جوا ۽ منشيات جي اڏن طور استعمال ٿي رهيا آهن، سنڌ جي کاٻي ڌر جي اڳواڻ ۽ قومپرست رهنما ڪامريڊ غلام رسول سهتو، جڏهن اسلام آباد ۾ تعليم ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف بک هڙتال تي ويٺل هو، ان وقت پ پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن ۽ هڪ نجي ٽي وي جي اينڪر جڏهن کائنس پاڻي جي کوٽ ۽ تعليم جي تباهي تي انگ اکر ٻڌا ته هڪا ٻڪا رهجي ويا، اعتزاز احسن اهي انگ اکر پارٽي قيادت کي پيش ڪيا، جڏهن ته اينڪرن پروگرام ڪري سنڌ جي تعليم تي ملڪ کي پريشان ۽ حيران ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس پڻ ورتو ويو، سنڌ ۾ سيشن ۽ سول ججن پاران اسڪولن جا دورا ڪيا ويا، پر رزلٽ ٻڙي آئي، گذريل سال عوامي جمهوري پارٽي پاران تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاءِ سڄي سنڌ جو لانگ مارچ ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال به اهڙو لانگ مارچ حيدرآباد کان شروع ٿي سڄي سنڌ جو دورو ڪرڻ بعد ڪراچي پڄاڻي تي پهتو، ان کان علاوه تعليمي ڪانفرنسون ميلا ۽ پروگرام پڻ منقعد ڪيا ويا آهن، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تعليمي ايمرجنسي جو ڪريڊٽ اي جي پي جي ابرار قاضي، حڪيم زنگيجو وارن ڏانهن وڃي ٿو.

ٻه ڪم ضرور ٿيڻ گهرجن… وڏو وزير مراد علي شاهه جيڪڏهن سچائي سان ڪم ڪرڻ تي اچي ته هاڻ به سنڌ ۾ ڏيڍ سال جي مدت واري وقت ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو، سڀ کان پهرين ٻه ڪم ضرور ڪري، هڪ ته اسڪولن جي نئين سر تعمير، سهولتون ۽ ٻيو ميرٽ تي هڪ لک استادن جي ڀرتي! سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي حالت بدتر کان بدتر ٿي وئي آهي، 99 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري آهي ئي ڪونه، ڇتن ۾ به ڏار پئجي ويا آهن، اسڪولن جي ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ به روز جو معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب روزانو سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن اسڪول هيٺان معصوم ٻارڙا استادن سميت زخمي ٿي رهيا آهن، وڏو وزير هنگامي بنيادن تي هڪ سال جي ترقياتي ڪمن ۽ ٽي ايم اوز جي 50 سيڪڙو بجيٽ ڪٽوتي ڪري تعليم جي لاءِ خرچ ڪري، سڀ کان پهرين سروي ڪرائي وڃي ته ڪيترا سيڪڙو اسڪول زبون آهن، جيڪي ٻيهر تعمير ٿيندا ۽ ڪيترا سيڪڙو اسڪول مرمت جي لائق آهن، جن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪرائي وڃي، اسڪولن ۾ ضروري سهولتون هئڻ لاءِ باٿ روم، بجلي جي سهولت، ڪمپيوٽر ليب، پيئڻ جو صاف پاڻي، جنريٽر جو بندوبست ڪيو وڃي، اسڪول جي حفاظت لاءِ ٻه چوڪيدار مقرر ڪيا وڃن، جن تي حفاظت جي ڊيوٽي لڳائي وڃي، ڳوٺاڻن جي هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ استاد به شامل هجن، اها اسڪولن جي نگراني تي مشتمل هجي، ٻيو ته سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون ويون، ووٽر هئڻ ڪري هوٽل مالڪ، بيرا، گڏهه گاڏي وارا، ڌنار ايستائين جو بنگلن تي صفائي ڪندڙ ۽ زمينون سنڀاليندڙ ڪمدارن کي به ماستري جي نوڪري ڏني وئي، جن کي صحيح ڪرڻ به بعد ۾ سيکاري وئي، اهي الف اک ۽ ب بدڪ پڙهائڻ جي به لائق ناهن، اهڙن استادن گڏجي منٿلي سسٽم متعارف ڪرايو، پگهار جو چوٿو حصو ڏيو، گهر ويٺي پگهار کڻو، متعارف ڪرايو، اهي استاد تنظيمون تعليم لاءِ اڏهي جيان ثابت ٿيون، هر روز مظاهرا اسڪولن جا بائيڪاٽ، ڌرڻا توڙي بک هڙتالن جو ڪلچر عام ڪرايو ويو، انهن مان اڃا بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟ وڏي وزير کي گهرجي ته هڪ لک استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، اين ٽي ايس يا آءِ بي اي جهڙي معتبر اداري کان ٽيسٽ ۽ انٽرويو جو بندوبست ڪيو وڃي، ٽن مهينن جي اندر اهو عمل مڪمل ڪرايو وڃي، سنڌ ۾ هن وقت اندازن 50 هزار اسڪولن جو تعداد آهي، جيڪڏهن نئين ڀرتي موجب في اسڪول تي ٻه استاد مقرر ڪيا وڃن ته 50 هزار اسڪولن ۾ هڪ لک استاد پورا پئجي ويندا، انهن استادن کان پاڪ ڪتاب تي حلف ورتو وڃي، شايد ان جا بهتر نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، ان سان هڪ ته پڙهائيندڙ استاد اسڪولن کي ملي ويندا، ٻيو ته ٻارڙن جو تعداد وڌڻ شروع ٿي ويندو.

60 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ڇو آهن ؟ وڏي وزير پاران دعويٰ سئو سيڪڙو سچي آهي ته هن وقت سنڌ جا 60 لک ٻارڙا اهڙا آهن، جيڪي اسڪول وڃي نٿا سگهن، انهن جا مک سبب ڪهڙا به هجن پر جبري پورهيو توڙي اسڪول بند هئڻ ۽ پڙهائي نه هئڻ ڪري به پوئتي پيل علائقن ۽ ٻهراڙين سميت شهرن جا غريب ماڻهو معياري تعليم نه ملڻ ڪري پنهنجي ٻارڙن کي جبري پورهئي تي مجبور ڪن ٿا، اڃا ٻارڙي جي عمر کيڏڻ ۽ پڙهڻ جي هجي ٿي ته پيءِ يا ڀاءِ کيس پاڻ سان گڏ ڪم تي وٺي وڃن ٿا، يا وري ڪيترائي ٻارڙا بس اسٽاپن، دڪانن، هوٽلن، گيراجن تي ڪم ڪندي، ڇولا، گجرون ۽ فروٽ توڙي پاڻي جون بوتلون ۽ جوس جا دٻا وڪرو ڪندي ڏسي سگهجن ٿا.

سنڌ ۾ هن وقت اندازن 13 سيڪڙو ٻارڙا تعليم نه هئڻ ۽ جبري پورهيو نه ڪرڻ سبب پنندي به نظر اچن ٿا، شايد جن کي ڏسي هر درد رکندڙ جي اندران ڏک جو آواز نڪري ٿو، هڪ ته جبري پورهيو ڪندڙ توڙي ڪرائيندڙ خلاف قانون ٺهڻ گهرجي، ٻارڙن جي پيدا ٿيڻ سان وظيفو مقرر ڪيو وڃي ۽ انهن جي ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪئي وڃي، جيئن هر والدين پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي سگهه رکي سگهي، ان جو مثال سنڌ ۾ مدرسن جو وڌڻ ۽ ٻارڙن جي داخلا جي شرح ۾ تيزي سان اضافو آهي، ديني مدرسن ۾ مفت کاڌو، رهائش، صحت جي سهولت سميت گهران اچڻ وڃڻ جو ڪرايو به ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري 20 سيڪڙو والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ نه پڙهائڻ سبب مدرسن ۾ داخل ڪرائڻ کي اهميت ڏين ٿا، اهو ئي سبب جو سنڌ ۾ هن وقت پابندين مشڪلاتن باوجود مدرسا ٻارڙن سان ڀريا پيا آهن، جيڪڏهن حڪومت مدرسن جيتريون ئي ٻارڙن کي سهولتون، وظيفو، تعليم ڏئي ته جيڪر ويران سرڪاري اسڪول اباد ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن مٿين تجويزن تي عمل ڪيو ويو ته يقينن ڪافي بهتري ئي نه پر سنڌ ۾ تعليمي انقلاب اچي سگهي ٿو، جي نه ته پوءِ وڏي وزير جو ڏيڍ سال به پورو ٿي ويندو، اعلان، فيصلا، دعوائون اڳ به ٿيون پر ان جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليم اڳ کان به تباهه ٿيندي وئي ۽ نتيجي ۾ جهالت وڌي وڻ ٿي وئي، انتهاپسندي، ڏوهن، جهيڙن، چورين، جيب ڪترن ٽارگيٽ ڪلرن ۽ ڌاڙيلن ۾ اضافو ٿيو ۽ ٿيندو پيو اچي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *