سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن وٽ ڌرتي ڌڻين جو قدر ڪونهي: درياءُ خان جهتيال / دادو

سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن غربت ۽ بدامني جو راڄ قائم ٿيندو پيو وڃي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ قتل جو وارڌاتون، تشدد جا واقعا، اغوا انڊسٽري جو بحال هجڻ ۽ پوليس جي وردي اندر لڪيل قاتل ماڻهو بدامني جو وڏي ۾ وڏ سبب بڻيل آهن، سنڌ ۾ جتي پوليس کي ڏوهہ روڪڻ جا اختيار آهن اتي پوليس عام ماڻهو کي زبردستي ڏوهاري ڪري ماري ڇڏي ٿي، سنڌ جي عورت کي جتي مان ڏيڻو آهي اتي ان عورت کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ان عورت کي گوليون هڻي ماريو وڃي ٿو،. سنڌ ۾ جتي سچ چيو وڃي ٿو يا سچ جو ساٿ ڏيڻو پوي ٿو اتي ان ماڻهو کي قتل ڪرڻ بہ آسان بڻجي ويو آهي ۽ وري ان باثر لاءِ قانون خاموش تماشائي بڻيل آهن، سنڌ جا پڙهيل لکيل بيروزگار پاڻ ساڙڻ ۽ پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڇو جو هنن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ روزگار ناهي، ٻيو تہ جتي اغوا وڏو واقعو سڏيو ويندو هو پر اڄ اِتي هر آءِ ڏينهن ٻار، نوجوانن، مصومن جي اغوا ٿيڻ جون خبرون اخبارن ۾ پڙهون ٿا، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ڪمزو قانون ۽ سنڌ جي دردن کان لا تعلق بڻيل سنڌ جا حڪمران آهن، اهي سمورا واقعا، اهو سڀ ڪجهہ سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، سنڌ جو نالو روايتن کان امن، پيار ۽ ڀائيڇاري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر هن ڌرتي جي اڀاڳ کي ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي وئي آهي، جنهن جا پيرا سنڌ حڪومت ڏانهن وڃن ٿا، ان ڳالهہ کي رد نٿو ڪري سگهجي تہ ڪنهن بہ صوبي، ملڪ جي امن امان جي ذميوار اتان جي حڪومت هوندي آهي، پر سنڌ جا حڪمران سنڌ جي دردن، سورن، امن امان جي معاملن، وڏي ۾ وڏي ڏوهن جهڙوڪ قتل، اغوا، عورتن تي تشدد وارن واقعن کان تمام گهڻو پري بيٺل آهن، ان جو سبب ڇا آهي؟

اهو تہ حڪومت اهي پڪو پهہ ڪري ڇڏيو آهي تہ اسانکي صرف حڪومت ڪرڻي آهي جيڪا اسيمبلين تائين محدود هوندي، جيڪا صرف اعلانن تائين محدود هوندي، جنهن ۾ صرف پنهنجا نوازي وارا بل اسيمبلين مان پاس ڪرايا ويندا!، ها ايئن بلڪل ٿي رهيو آهي، امن جي هن ڌرتي تي حڪمراني ڪندڙ سنڌ جا حڪمران ڌرتي ڌڻين جي دردن کي پرکڻ نٿا چاهن، انهن جي دردن کي مرهم نٿا هڻڻ چاهن، انهن جي آهہ نٿا ٻڌن، جيڪي هن ڌرتي تي نڌڻڪا بڻجي مارجي رهيا آهن، جيڪا انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن، ڌرتي جون ناريون تشدد جو شڪار ٿي رهيون آهن، ايئن لڳي رهيو آهي تہ ڄڻ هن ڌرتي تي ڏاڍ ۽ ڏمر جا حڪمران ويٺل هجن، جيڪي امن امان کي بحال تہ نٿا ڪن پر امن جي پکين جا دشمن هجن، جيڪي سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جي انهجن کان واقف ئي نہ هجن، هنن ڏينهن ۾ سنڌ کي ڏسجي تہ سنڌ اهڙن عذابن مان گذري رهي آهي جنهن سان آسمان ۾ بہ جهير پئجي رهيا آهن، تازو سجاول ڀرسان ٻيلو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ گل محمد سوڍو جي رهواسڻ شهناز سوڍو کي سندس ئي مڙس ماني دير پچائڻ تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان شادي شده عورت جو پيءُ انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي، پر ان کي انصاف نٿو ملي، انصاف ملي بہ تہ ڪيئن، پوليس جا هٿ تہ قاتل کي پڪڙڻن لاءِ وڌن ئي نٿا، جڏهن وڌندا تڏهن تہ قاتل گرفتار ٿيندو، عورت تي تشدد جو هڪ ٻيو واقعو صالح پٽ ۾ پيش آيو، اهو واقعو انساني سوز واقعو هو، صالح پٽ شهر ۾ هڪ وحشي درندي جوابدار هڪ گهر ۾ گهڙي چئن ٻچڙن جي جيجل ماءُ نظيران ڀٽي سان ڏاڍاي جي ڪوشش ڪئي ۽ بعد ۾ ان مٿان پيٽرول هاري ان کي باهہ ڏئي ڇڏي، اها عورت ڪجهہ ڏينهن بعد تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ان واقعي ۾ هڪ وحشي جوابدار معصومن کان جيجل امڙ کسي ڇڏي، جوابدار گرفتار تہ پهرين ڏينهن ٿيو پر قانون 20 ڏينهن ۾ هن کي ڪا بہ سزا ناهي ڏئي سگهيو، ان عورت جو ڪهڙو ڏوهہ هو جو هن کي ساڙي ماريو ويو پر وحشي جوابدار کي نرم قانون ڪا سزا ڏئي ناهي سگهيو،

هڪ واقعو سانگهڙ ضلعي جي شهر پيرو مل ۾ پيش آيو، پيرو مل ۾ غريب عورت شريمتي گلي ڊاٽسن واري کي گهر ٻاهران ڊاٽسن نہ بيهارڻ جو چيو جنهن تان انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي جوابدار ان عورت مٿان ڊاٽس چاڙهي ان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، اهو بہ قاتل گرفتار ٿيو پر ان کي سزا اڃا نہ ملي سگهي آهي، پر اڃا بہ وارثن تي ٺاهہ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جنهن جي پوليس کي بہ ڄاڻ آهي، پوليس ان ڳالهہ تي بہ خاموش آهي، سنڌ ۾ عورتن سان ٿيل هي ظلم جا تازا واقعا آهن،بدامني جا بہ مثال سنڌ ۾ قائم ٿيا آهن،سنڌ ۾ تازو قتل جا واقعا ٿيا آهن، مٺي جي ٻن هندو واپاري ڀائرن دليپ ۽ چندر مهيشوري کي ڦر دوران قتل ڪيو ويو، ايڏي وڏي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن کي نہ ظاهر ڪيو ويو، نہ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، صرف گرفتاري جي ڪوڙي دعوا ڪري شهرين کي چپ ڪرايو ويو، انهن جا وارثن اڃا انصاف جا منتظر آهن، ميهڙ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو مختيار چانڊيو، ڪرم الله چانڊيو، قابل چانڊيو کي پنهنجي ئي اوطاق ٻاهران قاتلن گوليون هڻي ماري ڇڏيو،ان وقعي جو ڪيس داخل ٿي ويو پر 12 ڏينهن کان قاتل آزاد آهن، اهڙي واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري آهن پر جوابدارن خلاف قانون ڪاروائي نٿو ڪري، بهانو”جاچ”جو ڪيو ويو آهي، وارهہ شهر ۾ بہ ڦر دوران سفير چنا ۽ شبير چنا کي هٿياربندن گولين جي بک بڻايو، انهن جا قاتل اڃا گرفتار نہ ٿيا، انهن جا وارث ۽ شهري قاتلن جي گرفتاري لاءِ روڊن تي انصاف جون دانهون ڪري رهيا آهن، ميهڙ شهر ۾ هڪ وقت ٽن قتلن ٿيڻ بعد چوٿون قتل آرا مشين جي مالڪ جو ٿيو،آرا مشين جو مالڪ عطا الله تيوڻو پنهنجي مشين تي ستل هو تہ هٿياربند کيس قتل ڪري ويا، انهن جا وراث بہ احتجاج ڪري انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن،

پوليس جي ڪوڙن مقابلن بہ انسانن کي بيدردي سان مارڻ ۾ پاڻ مڃايو آهي، حيدرآباد پوليس هڪ پورهيت ڌرمون ڪولهي کي تشدد ڪري ماريو، ان کي ان ڏوهہ ۾ گرفتار ڪيو ويو جو هڻ تي موبائيل چوري جو الزام هو، گهوٽڪي پوليس رزاق لاڙڪ کي قتل ڪري ڇڏيو، ان کي چوري جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ملير پوليس هڪ پٺاڻ نوجوان کي دهشتگرد ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، اهي سنڌ پوليس جا تازا ڪلور آهن،ٺل مان 10 سال اڳ اغوا ٿيل فضيلا سرڪي، ميهڙ مان 5 سال اڳ  اغوا ٿيل ڪاشف ۽ سندس سوٽ ڪامران پنهور، نئون ديرو مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل ساحل ڪوريجو، ڦل مان 7 سال اڳ پوليس هٿان کنڀيل عمران جوکيو، ڄامشورو مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل موهن ميگهواڙ اڃا بازياب نہ ٿيا، سنڌ جا نوجوان بيروزگاري سبب پاڻ ساڙي ماري رهيا آهن، تازو لاڙڪاڻو ۾ 2 واعا پيش آيا، /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

هڪ نوجوان پگهارون  نہ ملڻ ڪري پڻ ساڙيو، ٻئي نوجوان ٻڄن جي بُک کي برداشت نہ ڪندي بيروزگاري کان تنگ اچي پاڻ ساڙيو، دادو شگر ملز پيارو ڳوٺ جا برطرف ملازم مسلسل غربت سبب ڪمزور جسم هئڻ باوجود انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن، امن جي ڌرتي ڀيانڪ ماڻهن کي ڊڄڻ لڳي آهي، ان جو سبب اهو ناهي تہ اهي ماڻهو ڪي ٻاهران آيل آهن جيڪي سنڌ جي ماڻهن جا دشمن آهن پر اهي ماڻهو سنڌ جا آهن جيڪي قانون کان ڊڄن نٿا، جيڪي هن ڌرتي ناسور آهن، جن کي روڪڻ، پڪڙڻ شايد پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي وس ۾ ناهي!هن ڌرتي کي نڀاڳي حڪومت نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي،حڪومت ڪنهن جا بہ سور،دانهون ڪندڙن جا درد نٿي ڏسي، بس ڏسي ٿي پاڻ پڏائڻ، پنهنجي لاءِ هر حوالي سان سهولتون ڪرڻ!هن ڌرتي کي امن جي ڌرتي ڪرڻ لاءِ سڀ سنڌي گڏ ٿين،جدوجهد ڪري پنهنجا حق وٺن جنهن جو اهم ذريعو سنڌ جي ماڻهن جو ووٽ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *