سنڌ اندر زوري مذهب مڙهڻ جو ڪلور: ماهم سنڌي / ميرپورخاص

ڪنهن به ننڍي ٻار جي ڄم کان وٺي سڄي پالنا ان جا مائٽ ڪندا آهن . هڪ ٻار جنم وٺڻ بعد ٻولي سميت ريتون رسمون ، سماجي لاها چاڙها ۽ مذهبي عقيدا پنهنجي مائٽن کان وراثت ۾ وٺندو آهي . اسان اگر پنهنجي آسپاس ئي جاچون ته هر مذهب جا ٻار پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل هئڻ تي فخر ڪن ٿا ۽ مطمئن پڻ هجن ٿا . مسلمانن جا ننڍا ٻار هجن ،  يا هُندو توڙي ٻين مذهبن جا انهن کي پنهنجي ريتن رسمن سان پيار هوندو آهي . مسلمانن جا ننڍڙا ٻار عيد جي موقعن تي گلن جيان ٽڙي پوندا ته ، هولي تي هندن جا ٻار ڳاڙهن نيرن رنگن ۾ رنگيا پيا هوندا آهن . اُهي پنهنجي والدين سان گڏ پنهنجي مذهبن موجب پنهنجا تهوار ۽ ڏهاڙا ملهائي دل سان خوش ٿيندا آهن،  نچندا ، جمهريون هڻندا آهن . شادي جا ناچ گانا رسمون هجن ،  يا مرڻ تي سوڳ جا طريقا هر انسان کي پنهنجو پنهنجو مذهب ئي سڪون ڏيندو  آهي. پر اهو سمجھ ئي نٿو اچي ته ننڍا ٻار ۽ ٻارڙيون جهٽ ۾ ڪئين ته ننڍي عمر ۾ ايڏو وڏو فيصلو ڪري سگهندا ته،  اسان پنهنجي مذهب سان متفق ناهيون ۽ ايتري قدر جو اسين پنهنجي سڃاڻپ مٽائي ، پنهنجا ابا ڏاڏا ڇڏي ٻي هنڌ وڃي دنيا وسائينداسون. انهن ڪچي ذهن جي ٻارن کي جيڪر زبردستي ٻيو مذهب قبول ڪرائي ۽ ان جي رسمن ريتن تي عمل ڪرڻ جو زور ڀريو وڃي ته ، اهو ڪئين ته ان لاء قابل قبول هوندو؟   اڃا ته انهن جي ننڍڙن ذهنن ۾ ايڏي اوسر به ناهي ٿي هوندي، جو هو مطالعي ۽ تجربي جي بنياد تي ٻي مذهب مان  متاثر ٿي اهو قبولڻ چاهيندا هجن . سنڌ اندر هندن جي جبري طور مذهب جي تبديلي جو سنجيده نوعيت جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي . جنهن سان هندو برادري ۽ خاص ڪري شيڊيول ڪاسٽ ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪولهي ذاتيون ان جبر جو وڏي عرصي کان شڪار آهن . انهن جي انسان هئڻ جي ناتي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪري ، انهن کي ڌمڪيون ڏئي ، لٺ جي زور تي پيرن مُلن هٿان مدرسن ۾ زوري مذهب تبديل ڪرائي ، انهن جي اصل سڃاڻپ انهن جو نالو  ۽ ذات کسي  ڪلمو پڙهايو وڃي ٿو ۔  پوء انهن کي ڪو اسلامي نالو ڪنهن نبي يا بيبي جي نالي سان ڳنڍيل نالو ڏئي ڏاڍ ۽ جبر سان مسلمان ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بعد هر طرح جو زور ڀريو وڃي ٿو ته،  ڀلي دلي طور اوهان راضي هجو يا رنج پر اسلامي عقيدن مطابق زندگي گزاريو .

جئين ته مذهبي انتهاپسندي ۽ مذهب جي استمعال غرضي ۾ تازي شدت آئي آهي ته  پاڪستان جي رياست اندر سنڌ ۾ خاص ڪري هندو ان جو وڏو نشانو  آهن . بلڪه ائين چئجي ته برصغير جو ورهاڱو انهي فساد جي پيڙھ جو پٿر ثابت ٿيو آهي . شايد انڪري به ڇوته پاڪ هند گڏ هئا ۽ ورهاڱي بعد جيڪي فساد ۽ قتل غارت ٿي ان جي ڪري ٻنهي ملڪن ۾  زميني توڙي دلي سرحدن تي روز نفعرتم جي گولاباري ٿيندي رهي ۽ ان انتشار جو اظهار زور زبردستي سان اقليتي قومن تي ٿيڻ لڳو ۽ ڪرڻ وارن جو تعلق ڪجھ مخصوص گروھ جي انتهاپسندن سان آهي. ضلعو عمرڪوٽ ،  ٿرپاڪر  ، گهوٽڪي،  سکر،  لاڙڪاڻي  ، جيڪب آباد ، ڪشمور  مان ان ڏس ۾ ڪيس سامهون آيا آهن .  سڀ کان وڌيڪ عمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ان حوالي سان گهڻو ڀوڳي رهيو آهي ڇوته اتي هندن جي آبادي اڪثريت ۾ آهي . جن به هندن وٽ مال ملڪيت يا وڏي تعداد ۾ سونا زيور آهن،  انهن کان مذهبي جي آڙ ۾ اهي ڦُر ڪرڻ لاء تنگ ڪري هيسايو وڃي ٿو . ان سبب  ڪري ڪيترائي سنڌي هندو پنهنجي ڪٽنبن سميت واپس هندوستان لڏي ويا آهن ، باقي رهجي ويل انهي آزار ۾ ڀوڳي رهيا آهن ته هو هندو مذهب سان لڳاپيل آهن . پر نه صرف اهي امير هندو خاندان  ، پر غريب طبقي جا هندو جن جو تعليم نه هئڻ سبب رڳو هارپي مزدوري سان تعلق آهي ، اهي ته سڌو نانگ جي مُنهن ۾ آهن ۽ هر طرح جا زهريلا ڏنگ برداشت ڪري رهيا آهن . انهن جون نابالغ 18 سالن کان ننڍيون نياڻيون زبردستي اغوا ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جا جبري مذهب بدلائي سرٽيفيڪٽ ڏئي انهن تي مسلمان هئڻ جو ٺپو لڳايو وڃي ٿو . ويچاريون معصوم هندو نينگريون جيڪي اڃا عاقل بالغ به ناهن هونديون ، سي هميشه لاء پنهنجي ماءُ پيءُ کان زبردستي ڌار ڪري سڄي عمر لاء مجبوري ۾ الوداع ڪري ٿيون ڇڏين .  اگر ڪنهن جو معامرو کُلي به ٿو ته اها ويچاري نينگري پنهنجي  حق ۾ بيان به ڏئي ناهي سگهندي ۽ ڪجھ ڪري ناهي سگهندي ، ڇو جو ان کي ڌمڪيون ڏنل هونديون آهن ته جيڪر سچ ٻولئيي ته تنهنجي مائٽن کي ماريو ويندو . انهي ڊپ وچان اهي هندو ڇوڪريون خاموش ٿي پنهنجي مٿان  زوري مڙهيل مذهب تحت زندگي گزارينديون آهن . اتي جي مقامي هندن ڪميونٽي موجب پوليس به اسانجي داد فرياد ڪرڻ کان لنوائي ٿي ۽ چوي ٿي ته ،  مسلمانن جي ڪميونٽي ڀڙڪي پوندي ۽ چوندا هندن جي ٿا مدد ڪريو ۽ عزت لائق مولين تي تهمتون ٿا لڳايو . ٻيو ته اتي موجود مدرسن کي سنڀاليندڙ پڻ آسپاس سميت ڪراچي جي ايوانن تائين اثر رسوخ رکندڙ هجن ٿا .  زوري مذهب مٽائي مسلمان جيڪي ٿين ٿا  ،  ته ذرا سوچجي ته ڇا انهن کي پنهنجي ريتن رواجن سان پيار نه هوندو ؟   اهو ته هڪ ظلم آهي جنهن جي نالي مذهب تبديل ڪرائيندڙ مُلا فتوائون ٿا ڏين ته اسين ثواب جو ڪم پيا ڪريون . حالانڪه ڏٺو وڃي ته ڪا بالغ ۽ وڏي عمر جي  هندو عورت ان ڪيس ۾ نظر ئي ناهي ايندي . ڪا به وڏي عمر جي هندو عورت جي ڪڏهن ڳالھ ٻڌڻ ۾ نه ايندي ته ،  ڪو ان پيار جو پرڻو رچائي ۽ پنهنجي خوشنودي سان اسلام قبول ڪري ڪنهن مسلمان سان شادي ڪئي اٿس . تقريباً سڀن ئي واقعن ۾ ننڍي عمر جي 10 کان 15 يا 16،  17 سالن جي هندو نينگرين جا نالا رپورٽ ٿيا آهن . ڇا ايڏي  ننڍڙي عمر ۾ ان جو دماغ ايڏو  سنجيده هوندو جو هو پنهنجي ساهيڙين سان سڄو ڏينهن راندين ۾ مصروف رهڻ بدران،  ڪنهن پاڻ کان وڏي عمر جي مرد سان عشق محبت جون ڳالهيون ڪري . اها سوچ ۽ جذبو ،  پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ شعور ۽ ان تي عمل ته هڪ بالغ  ڇوڪري ئي ڪري سگهي ٿي . هي ننڍڙيون نينگريون ته ٽاپو راند ۽ گڏين جي راندين ۾ گُم هونديون آهن . اسان ڪڏهن اهي واقعا سنڌ اندر نه ٻڌا هوندا ته ڪا نابالغ مسلمان ڇوڪري مذهب مٽائي ڪنهن هندو ڇوڪري سان گڏجي پنڊتن سامهون هندو مذهب قبول ڪري ، نالو بدلائي ، ان سان گڏ باھ کي ست ڦيرا ڏئي،  مٿي تي سندور لڳائي شادي ڪري هندياڻي ٿي آهي . ان جو صاف ۽ چٽو مطلب اهو ٿيو ته اقليت ۾ هئڻ  ڪري هندو طبقو جبر ۽ ڏاڍ جو مذهب جي نالي تي ڪيترين ورهين کان شڪار آهي ، جنهن جي داد رسي اڃا تائين ناهي ٿي . ڪنهن سچ ئي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي جتي سفيد رنگ سان ظاهر ڪيو ويو آهي اصل ۾ ڏنڊو به ته اتي ئي هنيو ويو آهي .

ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقه ساماري ۾ گلزار خليل جي نالي سان جوڙيل مدرسو،  جنهن جي مالڪي هنئير پير ايوب جان سرهندي وٽ آهي ، جيڪو سرهندي واري مقبري جو گادي نشين پڻ آهي ، ان جي معرفت هيٺ ڪيترن ئي هندو نينگرين کي زوري مسلمان بڻايو وڃي ٿو ، جنهن ۾ تازو ئي ڪيس رويتا مينگهواڙ جو منظرعام تي آيو هيو . انساني حقن جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي رپورٽ موجب هر مهيني 25 ، يا ان کان وڌيڪ ٻارن جا مذهب تبديل ڪرايا وڃن ٿا جن ۾ ننڍا  ڇوڪرا پڻ هجن ٿا  . ايوب جان سرهندي جي ڀاءُ موجب ته اسان اڻ ڳڻت هندن جا مذهب ان مدرسي ۾ تبديل ڪرايا آهن جن جا انگ اکر ئي ناهن . عمرڪوٽ کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن تي هڪ ٻيو مدرسو جوڙيو ويو آهي ، جنهن جي مالڪي  محمد يعقوب ڪري پيو . هو جمعيت العلما اسلامي(فضل) جو جنرل سيڪريٽري  ضلعه عمرڪوٽ پڻ آهي ۔ هن موجب ته اسان سڄي خاندانن کي گهرائي انهن جا مذهب تبديل ڪرايون ٿا . ان موجب پوين 15 سالن ۾ اٽڪل 9 هزار ماڻهن جا ان مدرسي ۾ مذهب تبديل ڪرائي مسلمان هئڻ جي سند جاري ڪئي وئي آهي . پوئين سال ۾ ساڍا 8 سئو هندو مسلمان بڻايا ويا . ان بعد انهن جي خوشامد ڪندي انهن نون مسلمان ٿيل ماڻهن کي نوان پڪا گهر ٺهرائي ڏنا وڃن تا . انهن جي عورتن کي سلائي مشينون ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي شادي مهل ڏاج پڻ ڏنو وڃي ٿو . ٻيو ته جلد ئي انهن کي هنگامي بنيادن تي 6 مهينا شروعاتي اسلام جي سکيا ڏئي  وڃي ٿي ته،  جئين هو مسلمان جي عقيدن کان واقف ٿين ۽ پنهنجي زبان ۾ ڀڳوان رام جو ورد ڪرڻ بدران ، الله الله ڪن ۽ گيتا جيڪي اهي دل جي گهرائين سان پڙهن ٿا ،  اها ڦٽي ڪري ڪلام پاڪ کي پڙهن ڀلي بي دلي سان ئي ڇو نه پڙهن . 2012 سال ۾ رنڪل ڪماري جي جبري مذهب جي تبديلي ميڊيا سامهون پڌري ٿي آئي هئي . جنهن ۾ پي پي پي جو ٽڪيٽ يافته گهوٽڪي جي مولوي پير ميان مٺو ان جبر سان ڪيل عمل جو ذميوار نڪتو هيو . ان جي هڪ فوٽو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو هٿ ۾ بندوق کڻي نشانا چُٽي رهيو هيو . اها هڪ تصوير ئي  سمجهڻ  ۽ سمجهائڻ لاء ڪافي هئي .

ٿرپارڪر تان چونڊيل  ايم اين اي ۽ هندو ڪائونسل جي چيف  ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواڻي موجب  ته :   “ڪا به ڇوڪري رضامندي سان شادي ناهي ڪندي . بلڪه زبردستي ڪندي نه هلڻ تي انهن ڇوڪرين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ، طرح طرح سان ستايو ڌمڪايو وڃي ٿو ،  لڄالٽ ڪئي وڃي ٿي ته جئين هو شادي لاء رضامند ٿين.“انساني حقن بابت قانوندان فاطمه هاليپٽو جي هڪ انٽرويو موجب  : “جڏهن ڪا هندو نينگري ايڏي پريشر مان گزري ٿي ته آخر اها ڪاڏي وڃي؟ هڪ طرح ان جي مائٽن جي غيرت جو سوال ،  انهن جي قتل ٿيڻ جو خوف ، ٻي طرح سماج جو بي رحماڻو رويو . اها ڇوڪري باقي زندگي  زنده بُت مثل ٿي گزاري ٿي ان لاء ته اها مسلمان ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ پنهنجيون اباڻيون رسمون وڃائي ٿي ويهي . اها مذهب جي تبديلي سان گڏوگڏ  قبر کوٽي ان ۾ خوشيون ۽ خواهشون دفن ڪري ٿي ڇڏي.“ٿرپاڪر ۾ وڌنڌڙ مدرسن جي تعداد ڏسندي ٿر واسي حيرت ٿا کائين ته خبر ناهي ايترا فنڊ ڪٿا ۽ ڪئين اچن ٿا جو جهٽ ۾ عاليشان عمارتن وارا مدرسا جڙيو راس ٿيو وڃن . ڪيترا ئي اسڪول زمين ۽ بلڊنگ سميت خريد ڪيا وڃن ٿا .   شهر مٺي ڀرسان جماعت الدعوه جو هڪ عاليشان مدرسو  پڻ تعمير ٿي رهيو آهي جنهن جو سربراھ انٽرنيشنل طور تي پابندي لڳل بدنام دهشتگرد آهي. مقامي رهائشين موجب مدرسي جي مک گيٽ تي انهن جا ماڻهو اچي تعميراتي سامان سان ڀريل ٽرڪون ٻاهران ڊرائيورن کي لاهي پاڻ اندر کڻيو وڃن ٿا ، انهن کي اندر داخلا ناهي ڏني ويندي .
ان ئي تنظيم پاران ٻه سال اڳ مٺي شهر جي مک ڪشمير چوڪ تي عيدالضحي جي موقعي تي هندن کي مذهبي طور رسوا ڪندي ڍڳين کي  ذبح ڪيو ويو . حالانڪه اتي ائين عام طور قرباني بدران گوشت صرف ڪاسائين جي دڪان تي ملي ٿو پر فساد پکيڙڻ لاء اهو عمل ڪيو ويو .

زوري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف قانون جو دروازو پڻ کڙڪايو ويو پر اهو قانون به صفا انڌو ڪٿي ٿو ڏسي  معصوم هندو ٻارن جا  ڳوڙها …. اهو پاڻ به ته انهن مذهبي مولوين وٽ يرغمال لڳو پيو آهي . 2015ع جي آخري مهيني ڊسمبر ۾ ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ بل آيو پر سردخاني حوالي ٿيو ۽  بحث مباحثي جي انتظار ۾ پيل رهيو . اقليتن جي حقن وارو بل پوئين سال 2016ع جي نومبر مهيني ۾  سال کان پوء سنڌ ڪرمنل لاء (اقليتن جي حقن جي حفاظت وارو قانون ) جو بل منظور ڪيو ويو،  جيڪو سال اڳ مسلم ليگ فنڪشنل جي نند ڪمار  گوڪلاڻي ، پي پي پي جي سينيٽر کٽو مل جيوڻ جو پيش ڪيل هيو . جنهن ۾ مختصر اهو ته ڪنهن جو به 18 سالن کان اڳ مذهب تبديل ڪرائڻ مجرماڻو عمل هوندو ، جنهن لاء سزا مقرر ڪئي ويندي . ان عمل ۾ سڌو ملوث ٿيندڙن کي پنج سال ،  سهولتڪارن کي 3 سال جي قيد ڏني ويندي . اگر ڪو بالغ به مذهب تبديل ڪري ٿو ته ان کي 21 ڏينهن پنهنجي فيصلي تي غور ڪرڻ لاء مهلت ڏني ويندي. اهو بل خفيه طور منظور ته ڪيو ويو  پر جنهن بعد وڏي تنقيد  ٿي ۽ وڏو هُلان مچي ويو . مختلف مذهبي جماعتن پاران احتجاج شروع ٿي ويا ۽ عمرڪوٽ مدرسي جو سربراه ايوب سرهندي پڻ ڪراچي وڃي لٿو هيو ته ڪئين به ڪري ان غير اسلامي ۽ ڪُفر کي هٿي ڏيندڙ بل کي خارج ڪريو ۽ ان کي قانوني شڪل نه ڏني وڃي . سنڌ حڪومت جلد پريشر هيٺ اچي وئي ۽ گورنر سنڌ پڻ چيو ته بل  اسلامي نظرياتي ڪائونسل  جي اصولن خلاف آهي . ايم ڪيو ايم طرفان به ان جي خلاف درخواستون موصول ٿيون  ۽ پوء ان بل جي اصلي شڪل بگاڙي پنهنجي من مرضي موجب ترميمون ڪيون ويون ۽ جنوري 2017ع ۾  ان وقت جي گورنر سعيد الزمان صديقي جا اعتراضات سان ان کي واپس ڪيو ويو.

قرآن پاڪ جي سڀ کان ڊگهي سورة البقره ۾ حڪم ٿيل آهي ته “ مذهب تي ڪا زور زبردستي نه هلندي “ . جنهن جي معني ۽ مفهوم سمجهڻ جي اسان سڀ اهليت رکون ٿا . اسلام امن جو مذهب آهي ،  اهو نڪاح کان وٺي مذهب جي تبديلي تائين رضامندي سان قبولڻ جو حڪم ڏئي ٿو . ان ۾ زور زبردستي ۽ يرغمال ڪري اسلام قبول ڪرائڻ جو حڪم ناهي ڏنل ،  بلڪه رضا خوشي سان جيڪر قبول ڪري ٿو ته ان کي اسلام مذهب ۾ شامل ڪرڻ جو چيل آهي  . رياست تي وڏي ذميواري اڪثريتي کان وڌيڪ اقليتي قوم جي هوندي آهي ته ان جي حقن جي حفاظت ڪري . انهن جي مذهبي عقيدن  ۽ سماجي برابري کي نظرانداز نه ڪري . پر ان سڀ باوجود اڄ تائين سنڌ ۾ هندو سنڌين سان ناانصافيون زور شور سان جاري آهن جن جي روڪٿام لاء قانون جڙڻ ۽ انهن تي عمل ضروري آهي . سنڌ ۾ زوري مذهبي تبديلي جا ڪلور جيڪي مدرسن اندر جاري آهن تنهن اسانجي مقدس  ڌرتي سنڌ امڙ کي وڏو رنجايو آهي .  ان جي رنج جو قرض اسان سڀني سنڌ واسين تي عائد ٿو ٿئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *