سنڌين-بلوچن جو فطري اتحاد ۽ رياست جو ڪمال ؛عاجز جمالي

انگريزن جي دور ۾ انگريزن ۽ هندن خلاف ڌاڙيل گيري ڪندڙ ميران خان جمالي دادو ضلعي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ ڀرسان ڌاڙا هڻي وري بلوچستان هليو ويندو هو. ميران جمالي جي ٽولي ۾ گهڻو ڪري جمالي قبيلي جا ئي ڌاڙيل هوندا هئا. نانو جان محمد به سندس ٽولي ۾ ڪجهه عرصو رهيو. حاجي محمد جو ڪافي سال اڳ حب ۾ لاڏاڻو ٿي ويو، پر ننڍي هوندي کانئس جيڪي ڳالهيون يا روايتون ٻڌيون اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو حصو آهن. ميران خان ۽ سندس ٽولي جا ڌاڙيل هئا ته ٺپ اڻ پڙهيل، سندن ڪابه سياسي وابستگي ڪانه هئي، پر سنڌ ۾ انگريزن خلاف شديد نفرت هئي، شايد حر تحريڪ جو زمانو هو، ان ڪري بلوچي ڳالهائيندڙ هنن سنڌي ڌاڙيلن به ان تحريڪ جو اثر قبول ڪيو ۽ خود ئي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن به مسلمان کي تنگ نه ڪبو، ڌاڙا هڻبا ته انگريزن يا هندن کي هڻبا، هندن کي هتان ڀڄائبو. شايد ماڻهن جي ذهنن ۾ پاڪستان ٺهڻ جي سوچ موجود هئي. ناني جان محمد چواڻي، دادو جي مختلف علائقن مان ڌاڙا هڻي بلوچستان جي لسٻيلي جي سنڌ سان ملندڙ بارڊر ڪراس ڪري بلوچستان ۾ وڃي رهبو هو. ڇو ته اسان جا وڏڙا پڻ بلوچستان جي ساڳئي علائقي مان ئي سنڌ آيا هئا، جن ۾ اسان جي سڀ کان وڏي ڏاڏي زهري جو مڙهه به بلوچستان جي علائقي ۾ آهي. هنن سندس قبر به ڳولي لڌي هئي، ڏاڏا زهري هڪ بزرگ منش ماڻهو هو، ان ڪري سندس مزار اڄ به ٽنڊو رحيم (دادو ضلعي) کان لوهي (بلوچستان) ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود آهي. ڪجهه سال اڳ نانا جان محمد (مرحوم) جي ننڍي ڀاءُ نانا حاجي حمزه (مرحوم) پنهنجي موبائل فون ۾ ڏاڏا زهري جي مزار جي تصوير به ڪڍي آيو هو.

نانا جان محمد ٻڌايو هو ته انگريزن ۽ هندن کي ڦرڻ کانپوءِ هو سون ۽ ٻي ملڪيت بلوچستان جي مختلف جبلن ۾ لڪائيندا هئا، سندس چواڻي ڪيتريون ئي ملڪيتون اڃا تائين پوريل آهن. هن هڪ قصو ٻڌايو ته هندن جو سخت مخالف هوندي به ميران خان جو چوڻ هوندو هو ته ڪنهن به عورت کان ڦر ناهي ڪرڻي. هڪ ڌاڙي ۾ وڏو سون ڦريو ويو، پر هڪ هندو عورت ميران خان کي قسم وڌو ته اهو سڄو سون سندس ڌيءَ جو ڏاج آهي ته ميران خان ڦريل سڄي ملڪيت کيس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميران خان لاءِ مشهور آهي ته هن مير جعفر خان جمالي سميت ڪنهن به وڏي ماڻهو جو سڄي حياتي پورو نالو ڪونه ورتو، هو ماڻهن کي اڌ نالي سان پڪاريندو هو. قائداعظم جي ساٿي مير جعفر خان جمالي کي هو جعفو سڏيندو هو. عدالتن ۾ ججن کي اڌ نالي سان پڪاريندو هو، سندس قصا تمام کوڙ آهن، پر سندس حوالو سنڌ ۾ رهندڙ بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌين جو بلوچستان سان تعلق جي حوالي سان مون کي ياد آيو.

تاريخي طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جو سوين سالن جو ويجهو ڳانڍاپو رهيو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ ذاتيون پاڻ کي سنڌ ۾ به بلوچ سڏائينديون آهن، پر انهن جو سنڌ سان سدائين فطرتي ڳانڍاپو رهيو. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ به سوين سال اڳ بلوچستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيا هوندا، اهڙي ريت پنجاب ۾ به بلوچن جي وڏي اڪثريت آهي، پنجاب ۾ رهندڙ بلوچ سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، خود بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به بلوچ سرائيڪي ڳالهائيندا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچي ڳالهائيندا آهن، سنڌ ۾ هنن اڄ تائين بلوچي ثقافت، لباس ۽ ٻولي کي زنده رکيو آهي.

سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ سنڌي آهي، ڇو ته هو سنڌي سماج ۾ ضم ٿي ويو آهي، ان ڪري سنڌ ڌرتي کي هو پنهنجي ماءُ سمجهي ٿو. سنڌ تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو، تاريخي طور بلوچ نسل جا سنڌي اڳيان رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ 20 مزدورن جي قتل، سنڌين ۽ سرائيڪين کي شديد ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هر ڪنهن هن واقعي جي مذمت ڪئي. سنڌي ۽ سرائيڪي تاريخي طو تي بلوچستان جي هر جدوجهد ۾ بلوچ عوام سان گڏ رهيا آهن، پوءِ ڇا ٿيو جو تربت مان سنڌين ۽ بلوچن جا لاش روانا ٿيا. بلوچن جي اتحادين مان هڪ آواز بلند ٿيو ۽ رياستي ايجنسين کي هڪ مضبوط موقعو مليو ته ان آواز کي هو بلوچن خلاف نفرت ۾ تبديل ڪن.

نواب نوروز خان ۽ سندس پٽ ۽ ساٿين کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڇو بند ڪيو ويو هو، وڏو ڪارڻ اهو هو ته سنڌ خلاف بلوچن ۾ نفرت جنم وٺي. بلوچستان ۾ آپريشن بنگلاديش ٺهڻ شرط شروع ڪيو ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي اچڻ کانپوءِ ان ۾ تيزي آندي وئي هئي. ڀُٽي دور ۾ ئي نواب نوروز خان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، هُن ڀُٽي تي اعتبار ڪيو هو، پر اسٽبلشمينٽ نواب نوروز خان کي آزاد ڪرڻ بدران سزا ڏني. بلوچن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، تڏهن کان بلوچن سنڌين کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي، پر مير غوث بخش بزنجو جهڙن ترقي پسند سياستدانن تڏهن به چيو هو ته سنڌي بلوچن جو فطري اتحادي آهي، رياستي ادارا اسان کي ويڙهائي رهيا آهن.مون کي تربت ڀرسان ٿيل واقعي وقت مير غوث بخش بزنجي جا اهي لفظ ياد آيا، مون مير غوث بخش بزنجي کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڳوليا، پر ڪو ڪتاب ڪونه مليو، هن موقعي تي سندس ڪتاب ڪافي ڪارآمد ثابت ٿي سگهيو ٿي.مون عبرت جي ڪالمن وسيلي مسلسل بلوچستان جي حالتن تي لکيو آهي. بلوچستان جي لاپتا ماڻهن لاءِ شروع ٿيل لانگ مارچ ويجهي ماضي جو شاندار مثال آهي، جڏهن ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ ’وائيس آف مسنگ بلوچ‘ ڪوئيٽا مان لانگ مارچ شروع ڪري ڪراچي پهتو ته سندس سڀ کان وڏو استقبال ڪراچي ۾ ٿيو. 2 سال اڳ هي لانگ مارچ جڏهن پنجاب لاءِ نڪتو ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ لانگ مارچ جو شاندار استقبال ٿيو. سنڌي قومپرستن ۽ سول سوسائٽي هر هنڌ هنن مٿان گل ڇٽيا. هي لانگ مارچ انهن بلوچ مزاحمت ڪارن جي حامين جو هو، جيڪي بلوچستان ۾ مسلسل وڙهي رهيا آهن.ويجهي ماضي ۾ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت به موجود آهي، سندس ميڊيا ۾ نواب اڪبر جي آزادي لاءِ وڏا آواز بلند ٿيا، سندس شهادت تي سنڌ ۾ وڏو احتجاج ٿيو. بلوچستان جا سمورا سگهارا سياستدان ۽ سردار گهڻو ڪري سنڌ ۾ ئي رهندا آهن، سندن گهر ڪراچي يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آهن. بلوچ سردارن کي ڪڏهن به اسلام آباد قبول نه ڪيو، ان ڪري ڪراچي هميشه سندن لاءِ محفوظ جڳهه رهي.

هاڻي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کان وٺي اڄ تائين بلوچستان ۾ جيڪو به آپريشن هلي پيو، سنڌ جا سڄاڻ ۽ محب وطن ماڻهو انهيءَ جي مخالفت ئي ڪندا پيا اچن، ان سڀ ڪجهه جي هوندي آخر تربت جهڙو واقعو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ان جو پس منظر بلوچستان جي مزاحمت ڪارن کان اڄ سوال جي تقاضا ڪري ٿو. ڇا پنجاب دشمني ۾ اوهان پنهنجا ٻيا اتحادي به وڃائيندو؟ ڇا پنجاب يا پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ خلاف جنگ ۾ اوهان صرف اڪيلا وڙهڻ چاهيو ٿا؟ ڇا اوهان آس پاس جي سياسي حالتن کان بي خبر رهي صرف بندوق جي زور تي آزادي وٺي سگهو ٿا، جيستائين ان بندوق جي پٺيان ڪا نظرياتي سوچ نه هجي؟

دنيا جي اڄوڪين حالتن ۾ گوريلا جنگ وڙهڻ جا نوان رستا کڙا ٿي سگهن ٿا. اوهان ايترا طاقتور آهيو جو رياست جي فورسز جو سڄي حياتي مقابلو ڪندؤ؟ يا صرف عالمي تناظر ۾ ئي انقلاب اچي سگهي ٿو يا ان ۾ مقامي حالتن جو ڪو عمل دخل هوندو؟ اڄ سرد جنگ جو ته زمانو رهيو ڪونهي، تازو ئي يمن ۾ هلندڙ حوثي باغين جي بغاوت تي نظر وجهو.

سو سنڌ کان هي واقعو هضم ڪرڻ ڏکيو پيو لڳي، جيڪڏهن هن تي ندامت يا پاڻ کي الڳ نه ڪيو ويو ته بلوچ ۽ سنڌي دشمن ايجنسيون هن کي ٻيو رنگ ڏينديون. هن کي سنڌي بلوچ دشمني رنگ به ڏئي سگهن ٿيون. مون کي ته اهو ئي لڳي ٿو ته هي واقعو ڄاڻي ٻجهي ڪرايو ويو هوندو. ڇو ته بلوچستان ۾ ته فورسز جي هڪ سولين فورس به موجود آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڀرتي ڪيل آهن، جيڪي بظاهر عام هٿياربند آهن، هو بظاهر وردي وارا ناهن، پر مزاحمت ڪارن جي حامين کي جتي ڏسن ٿا، قتل ڪري ڇڏين ٿا. اهڙا عنصر هن قسم جا واقعا ڪرائي سگهن ٿا. ميڊيا ۾ بيان به جاري ڪري سگهن ٿا، ان ڪري مزاحمت ڪار تنظيمن جي ترجمانن کي کليل مؤقف سان سامهون اچڻ گهرجي، جيڪڏهن هنن سنڌي ۽ سرائيڪي پورهيتن کي قتل ڪيو ته کين معافي وٺڻ گهرجي يا پاڻ کي چٽو ڪرڻ گهرجي. هونئن به پورهيت کي استحصال قوتون استعمال ڪنديون آهن. اصل نشانو استحصالي قوتون ۽ رياستي ادارا هجڻ گهرجن، جيڪي بلوچستان تي ظلم ڪن ٿا، انهن کان حساب وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *