سنڌيءَ کي اوپري ٻولي نه بڻايو : ذوالفقار واهوچو

سنڌ اسيمبلي  جنهن سنڌي ٻولي جو ايڪٽ  7 جولاءِ 1972ع ۾ پاس ڪيو  ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي ٻولي لازمي پڙهندو ، ڳالهائيندو ۽ لکندو ، انگريز سرڪار جي دور ۾ به سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي ٻولي هئي ، هر غير سنڌي آفيسر تي اهو لازم هيو ته سنڌ ۾ نوڪري ملڻ کانپوءِ هو ٽن مهينن اندر سنڌي سکي وٺندو ته جيئن هو صوبي جي عوام جي مسئلن کي سمجھي ۽ حل ڪري سگھي ان تي انگريزن  ان جي روح مطابق عمل ڪيو. سڄي لک پڙھ سنڌي ۾ ٿيندي هئي سرڪاري دفتري زبان به سنڌي هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ۽ سنڌي ٻولي پنهنجي وطن ۾ ڌاريا بڻجي ويا . انهن سان اڇوتن واري هلت شروع ڪئي وئي ، ڪراچي ، حيدر آباد ، سکر سميت ٻين شهرن منجھان ڌرتي ڌڻين کي جبري تڙي وطن مان بي وطن ڪيو ويو، ڪراچي سنڌ جي گادي واري شهر سان گڏ وفاق جي گادي وارو شهر بڻايو ويو ته سنڌي جيڪي ڪراچي ۾ اڪثريت ۾ هيا اهي راتو رات ٿورائي ۾ تبديل ٿي ويا، سنڌين کان ڪراچي ۾ ووٽ جو حق کيسو ويو ، سنڌي پنهنجي شهر ۾ مضافاتي بڻايا ويا . جڏهن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگال ۽ پنجاب ۾ رهندڙ هندن ، سکن ، مسلمانن کي پنهنجا وطن ڏنا ويا . پر سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي هندستان ۾ ڪجھه به نه مليو اهي ڪيمپن حوالي ٿي ويا . سنڌ ۾ سنڌي  مسلمان پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿي ويا سڀ اختيار کسجي ويا ، لکين ايڪڙ زمين ، شهرن جي ملڪيت ، دڪان ۽ گھر جيڪي سنڌي هندو ڇڏي ويا اهي سنڌي مسلمانن کي ملڻ بدران  هندستان مان آيل پناهگيرن کي ڪليمن ۾ ڏنا ويا ، سنڌ مان هندستان لڏي ويل سنڌي هندن کي  اتي  ڪک به نه مليو . جڏهن ته پنجاب مان هندستان ويل هندن ۽ سکن کي الڳ صوبا ڏنا ويا.پاڪستان ۾ مسلمان پنجابين کي به صوبو مليو. بنگال ۾ مسلمانن ۽ هندن کي الڳ صوبا مليا . رلي رڳو سنڌي ويا، پاڪستان ۾ به سنڌين جا وسيلا ، حق حڪمراني ،شهر ، ٻولي ، ‎ثقافت کسجي وئي ان تي ڌارين جو غلبو اچي ويو ، هندستان ويل سنڌي هندو  نان ريذيڊينشنل آف انڊن ” اين آر آءِ“ بڻايا ويا .  جڏهن ته 1848 ع ۾ جڏهن انگريزن ڪڇ،پڄ تي قبضو ڪيو ته اهو علائقو سنڌ کان ڪٽي هندستان سان ملايو ويو . جڏهن باقي سنڌ بمبي کان آزادي حاصل ڪئي ته اهو اسان جو علائقو اسان کي واپس نه ڪيو ويو ، اهڙي طرح قانوني ۽ اخلاقي طور تي سنڌ مان ويل سنڌين کي اهو علائقو سنڌ صوبي جا نالي سان ملڻ گهربو هو اها زمين سنڌ جي هئي ،آهي ۽ رهندي جيڪا انهن حوالي نه ڪئي وئي اهي سڄي هندستان ۾ پکڙجي ويا ۽ اڄ تائين انهن  اتي ڪو به جلوس ، جلسو ، ڌرڻو نه هنيو آهي نه ڌار صوبي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اتي انهن ڪا دهشت گردي ، قتل عام به نه ڪيو آهي نه  ئي انهن اتي اصلوڪن رهواسين کي  ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن ته هندستان جي معاشي طاقت ۾ اضافو ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي سان ماءُ ٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي اهو سلوڪ ڌارين ته ڪيو ئي ڪيو آهي پر پنهنجن جي طرفان به گھٽ نه ڪئي وئي آهي سنڌ جي وڏي وزير ،سينيئر وزير سميت سرڪاري ڌر توڙي مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ سنڌي ميمبر به سنڌي ٻولي ۾ ڳالھائڻ پسند نٿا ڪن ،  جڏهن ڌرتي جا مالڪ پاڻ پنهنجي ٻولي کان پر ي ٿيندا . اها نه ڳالهائيندا ته پوءِ اتي ويٺل ٻيا جيڪي 68 سال گذري وڃڻ باوجود سنڌي نه ٿي سگھيا آهن سنڌي نٿا ڳالهائڻ پسند ڪن، اهي ڪيئن ڳالهائيندا، انهن سان انهن جي ٻولي ۾ ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي . سنڌي ميمبرن کي چين جي صدر شي جن پنگ کان سبق سکڻ گھرجي ڪجھه ڏينهن اڳ جڏهن هو پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته ان چيني ٻولي ۾ پاڪستان جي وزير اعظم سميت سمورن اڳواڻن سان  ڳالهايو ، ان ته اهو ڪون سمجھو ته پاڪستاني منهنجي ٻولي نه سمجھندا ان ڪري انگريزي ۾ ڳالهايان ته جيئن هو سندس موقف سمجھي سگھن ته پوءِ سنڌي مرد توڙي عورت ميمبر  انگريزي ۽ اردو ۾ اسيمبلي اندر ڇوٿا ڳالهائين . اهي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ کان ڇوٿا گھٻرائين ڪنهن کي ٿا ٻڌائين. سنڌ ۾ ته سندن ووٽر به سنڌي آهي ، هو پاڻ به سنڌي آهن ته پوءِ اردو ۽ انگريزي ڇوٿا ڳالهائين اها ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ، جڏهن ماڻهو پنهنجي وطن ، ٻولي ۽ ثقافت جي مالڪي نه ڪندو ته اهي ان کان کسجي ويندا . تاريخ ۾ ڪٿي ايئن نه” لکڻو ۽ پڙهڻو پوي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي “. سنڌي ميمبرن طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي نه ڳالهائي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هي سنڌ اسيمبلي نه پر  يو پي ۽ سي پي جي اسيمبلي آهي ، اسان جي ميمبرن جي ان رويئي تي شاھ لطيف جو روح به روئندو هوندو ، جنهن چيو هو ” جي توءِ فارسي سکيو،گولو توءِ غلام“ اڄ اسان  پنهنجي ٻولي ڇڏي ٻين اڳيان پاڻ وڻائڻ لاءِ انهن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهيون ، اها نا انصافي  جيڪا ڪري رهيا آهيون ان جا نتيجا اسان ڀوڳي چڪا آهيون ، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي مان سنڌي ٻولي جا اسڪول ختم ڪيا ويا . اڄ تائين سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل سنڌي ٻولي ايڪٽ تي عمل نه ٿي سگھيو آهي .

سنڌ اسيمبلي ۾ زراعت جي وزير علي نواز خان مهر  اعتراف ڪيو ته سنڌ سرڪار وٽ فنڊ نه هجڻ سبب ڪولڊ اسٽور قائم نه ڪري سگھيا آهيون ، پنجاب ڏاڍ ڪري چشما جھلم ڪئنال وهائي رهيو آهي ، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ  اسيمبلي جي ايوان کي آگاهي ڏني ته  سنڌ  حڪومت آبادگارن کان 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ  وڌيڪ خريد ڪندي ۽ ڪمند جي اگھه ۾ ٻه ارب رپيا آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي ، ان دوران  مخالف ڌر جي ميمبرن وڏي آواز ۾ چيو ته بارداڻو ڏيو، وڏي وزير ڪيترائي ڀيرا تقرير ڇڏي بيهي رهيو. جنهن دوران مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٽ ٿي. هڪ موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سعيد نظاماڻي  سکڻ چاهي ٿو اوهان ان کي سيکاريو،مسين سوال ڪيو اٿس، زراعت واري وزير کان جڏهن تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءُ سوال ڪيو ته  ان تي اسپيڪر آغا سراج دراني کيس چيو ته اوهان وزير جي چيمبر۾ وڃو اتي  اوهان کي بسڪٽ پيٽيز کارائيندو۽اتي صوبائي وزير به اها ساڳئي ڳالھه ڪئي ته ڊاڪٽر سيما ضياءُ سخت اعتراض ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهي لفظ واپس ورتا وڃن .  جڏهن ته اسپيڪر سوالن واري وقفي دوران  چيو ته ٽي شيون ٽارگيٽ تي آهن  ڪمند ، ڦٽيون ۽ ڪڻڪ ،ڪڏهن ڪڏهن انسان به ٽارگيٽ ٿئي ٿو . سعيد نظاماڻي طرفان ڊاڪٽر اديب رضوي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ تي ڳالهائيندي پ پ پ جي ميمبر سيد ناصر شاھ چيو ته سعيد نطاماڻي سٺو ماڻهو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ترڪي ويندو آهي . سنڌ اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي کي صحت جي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جيڪو ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي ميمبر عبدالقدوس جي وفات تي سنڌ اسميبلي ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو .

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ميمبرن طرفان سنڌي  ٻولي کي اهميت نه ڏيڻ تي اتي ويٺل مهمان ۽ سنڌي صحافي سخت مايوس ٿين ٿا ۽ هڪ ٻئي کان اهو پڇڻ تي مجبور ٿين ٿا ته هي سنڌي اسيمبلي آهي يا يو پي ۽ سي پي جي اسيمبلي آهي جو ان ۾ سنڌي نٿي ڳالهائي وڃي ، اڪثري صحافين جو اهو خيال آهي ته اسيمبلي اندر وڏيرا، سردار ،سيد  ويـٺل آهن  جن کي ٻولي ، قوم ، ثقافت سان ڪو به لڳاءُ ناهي انهن کي اقتدار گھرجي ان لاءِ جي سڀ ڪجھه قربان ڪري سگھن ٿا. جيئن انهن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي کي قربان ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *