سماج ڪهڙي طرف وڃي پيو؟ ؛وقار خان

نه، اهو صحيح ناهي ته سياستدانن هن مُلڪ کي تباهه ڪيو، اهو به غلط آهي ته مارشلائن پاڪستان جي لاءِ کوهه کوٽيو، ان ۾ به صداقت ناهي ته بيوروڪريسي هن ديس جي پاڙن ۾ ويهي اُن کي کوکلو ڪيو. اهو به رُڳو الزام آهي ته مولوين هن مُلڪ کي ان حال تائين پهچايو. ان ڳالهه ۾ به وزن ناهي ته عدليه اسان جي تباهيءَ جي ذميدار آهي. ائين چوڻ به انصاف ناهي ته دانشورن وطن عزيز کي پسماندگيءَ جي کڏ ۾ اُڇلايو، اها به خيالي تهمت آهي ته تباهه حال مُلڪ ۽ قوم جاگيردارن، وڏيرن، سرمائيدارن ۽ پيرن جي سازشن جو نتيجو آهي.حقيقت هيءَ آهي ته اُنهن سڀني گڏجي، ٻڌي ڪري، رُڪ جي ديوار بڻجي، پوري سگهه سان، مڪمل اتحاد ۽ يڪجهتيءَ سان پنهنجي پنهنجي مفادن خاطر مُلڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. جڏهن ايتريون طاقتون ملي، گڏيل مقصد خاطر پنهنجي مجموعي توانائي خرچ ڪن ته پوءِ ناڪاميءَ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. بس اها ئي سنگين واردات هن بدقسمت مُلڪ ۽ اُن جي بدقسمت قوم سان ٿي آهي. نه ته دنيا ۾ اهڙا به مُلڪ آهن، جيڪي اسان کان پوءِ آزاد ٿيا، پر اُتي زندگي مسڪرائي ٿي ۽ خوشحالي عوام جي چهرن مان جهلڪي ٿي.

ڀرپور زندگيءَ جون خوشيون، رهائشگاهن، ريسٽورانٽ، ڪلب ۽ آفيسن جي ڳڙکين مان جهلڪڻ ته ڇا، اسان کي ڦڪائيءَ جو احساس ڏيارينديون آهن. صفائي اُنهن جو نصف ايمان هُجي يا نه پر اُنهن جا گهر، ڳليون، رستا، فٽ پاٿون ۽ مارڪيٽون شيشي جيان چمڪنديون آهن. اسان جي زندگي کي جنجال ڪندڙ هيءَ لوڊشيڊنگ ته پري جي ڳالهه، بجلي ايتري تعداد ۾ ۽ سستي آهي جو ڏينهن رات جو فرق به معلوم ناهي ٿيندو. هڪ ڀيري مون پنهنجي ڪالم ۾ غالب جي زباني جنت جو خيالي نقشو ڪڍيو ته آمريڪا، سويڊن ۽ سوئٽزرلينڊ مان پڙهندڙن اي ميلز ۾ لکي موڪليو ته اهڙي قسم جو نقشو هتي جي سماجن ۾ عملي طور آهي.

ٿيو هيئن جو اهڙن مُلڪن ۾ مٿي ڄاڻايل قوتن هڪ ٻئي سان گڏجي، رُڪ جي ديوار بڻجي، پوري سگهه سان، مڪمل اتحاد ۽ يڪجهتيءَ سان ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي مُلڪ ۽ قوم جي تعمير ڪئي. پنهنجي ماڻهن کي هڪ قوم جي مالها ۾ پرويو، آباديءَ تي ڪنٽرول ڪيو، جمهوري روايتن کي فروغ ڏنو، آئين ۽ قانون جي عملداري قائم ڪئي، عوام کي بنيادي حق، شخصي آزادي، صحت، تعليم، رهائش ۽ خالص خوراڪ جون سهوليتون پهچايون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سماج ۾ برابري، عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪيو. ائين اُهي روشن خيال، وسيع النظر ۽ کُليءَ دل ۽ دماغ وارو معتبر سماج قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

افسوس! اسان سان رانجهن جي روپ ۾ کيڙا ٽڪرايا، ساڌن جي ويس ۾ چور ميسر ٿيا، رهبرن جي شڪل ۾ رهزنن سان پالو پيو، محافظن جي صورت ۾ ڦورن کي ڀوڳڻو پيو، دانشورن جي روپ ۾ جاهلن اسان جي تربيت جو ٺيڪو کڻي ورتو. اغيار خوشبو کي موبائل فون ۽ اي ميل جي ذريعي ٽرانسفر ڪرڻ تي به قادر ٿي ويا. هتي پوليو زده سوچ دوربين سواءِ چنڊ ڏسڻ واري بحث کان اڳيان نه وڌي سگهي. اُهي شخصي آزاديءَ جي بُلندين تي آهن، هتي ايمرجنسيون ۽ حدود آرڊيننس جو شور، پر بنيادي حق نه انصاف. هوڏانهن اڳئين دنيا ۾ وڃڻ جي لاءِ پَر ساهيا پيا وڃن، هتي هر ڏيڏر پنهنجي کوهه کي ڪُل ڪائنات سمجهي شور ڪري رهيو آهي.

ڪٿي جديد علمن، انسانيت جو احترام ۽ انصاف کي پنهنجو اثاثو سمجهڻ وارا ۽ ڪٿي جهالت، سطحيت، دقيانوسي، سفاڪي، ريليون، ڌرڻا، جلوس ۽ لائوڊ اسپيڪرن جو حواس خطا ڪندڙ گوڙ کي پنهنجي طرزِ زندگي سمجهي غرور ڪرڻ وارا.

فوج مُلڪي تاريخ جي سڀ کان اهم ۽ نازڪ جنگ وڙهي رهي آهي. هن وقت سڀني سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن، دانشورن ۽ ميڊيا کي گڏجي اُنهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ قوم ۾ به اِهو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر بي حسيءَ جي انتها آهي جو پنجاهه هزار کان وڌيڪ بيگناهه شهرين ۽ فوجين کي شهيد ڪرائڻ کانپوءِ به اسان جي اڳواڻن جون دليون شهيدن بجاءِ دهشتگردن جي لاءِ تڙپي رهيون آهن.

ڪير عمران خان صاحب کان پُڇي ته خاڪ ۽ خون ۾ لٿ پٿ، لوڊ شيڊنگ جي آزار ۾ تڙپندڙ قوم جا مسئلا ڇا اهي ئي آهن ته گذريل سال چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن ڪئي ۽ نواز شريف کان تقرير ڪنهن ڪرائي؟ اسان جي رهنمائن گڏجي آبادي ۽ ناخواندگيءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جو ڪو به غير مُلڪي مذهب جي آڙ ۾ جڏهن به چاهي جتي به امن امان تباهه ڪري سگهي ٿو.

تبديلي ۽ انقلاب جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، پر راهه جي خبر نه منزل جو پتو. حڪمرانن جا ڀاشڻ ٻُڌو، اُهي سدائين رمضان المبارڪ اچڻ تي چوندا آهن ته هن مهيني ۾ لوڊ شيڊنگ گهٽ ٿيندي ۽ شين جون قيمتون ۽ معيار تي ڪڙي نظر رکي ويندي. مطلب ته باقي يارنهن مهينا هتي انسان ناهن رهندا، تنهن ڪري اُنهن کي بجليءَ جي ضرورت آهي نه خالص شين ۽ اُنهن جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي.

اسين حرمان نصيب قوم جو نوحو پڙهي رهيا هُئاسين، جنهن کي سڀني ٺڳن ۽ ڊبل شاهن جي گڏيل اتحاد ڦُريو. افسوس ان سوچ ۽ ڪردار تي ته ايڪيهين صديءَ جي سيٽلائيٽ واري دور ۾ به هن مُلڪ جو ٻار ٻار بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ کان سڌو سنئون متاثر آهي، پر ٺڳن جو ڪو اتحاد عوام جي ان اهم ترين مسئلي تي اُٿڻ جي لاءِ تيار ناهي. اٽلندو حرفت سان ڪو اُنهن کي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي خلاف احتجاج تي ڀڙڪائي رهيو آهي، ڪو نام نهاد انقلاب جي نالي تي اُنهن کي تخريبي ڌرڻن جي لاءِ راغب ڪري رهيو آهي، ڪو ميٽرو بس جهڙن منصوبن تي اُنهن جا پيسا اُڏائي رهيو آهي، ڪو اُنهن کي فحاشيءَ کان ڊيڄاري رهيو آهي، ڪو جهنم جي بشارت جون فتوائون ٻڌائي رهيو آهي ۽ ڪو وطن واسي اُنهن کي ملاوٽ واريون شيون مهانگن اگهن تي وڪڻي ناجائز منافعي جا رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. انهيءَ حالت سان ڪيڏو نه ٺهڪندڙ خيال آهي،

ميرا اس شهر عداوت مين بسيرا هي جهان،

لوگ سجدون مين ڀي لوگون ڪا بُرا سوچتي هين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *