سفرنامن جو برک ليکڪ الطاف شيخ؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انساني ضرور پيدا ٿيا آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن. ڪي ماڻهو به گلن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي خوبصورت ڪردار، صلاحيتن، ڏات ۽ ڏانءُ جي خوشبوء سان هن ڌرتيءَ کي مهڪايو آهي؛ جن کي تاريخ ۾سنهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الطاف شيخ به انهن انمول هيرن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورت ڪردار ۽ جدوجهد سان ٻين لاءِ اتساهه بڻيل آهي.

الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، وزٽنگ پروفيسر، ميرين انجنيئر، ۽ سفرنامن جو برک ليکڪ آهي. جيڪو 1944ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم هالا مان ۽ پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ميرين انجنئرنگ جي سکيا ورتي، هي سدا سيلاني مختلف سامونڊي جهازن جو چيف انجنئر رهيو آهي. ان کان علاوه ادب جي دنيا ۾ 80 کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما شامل آهن. الطاف شيخ هر ڪم سان سچو ۽ ڪميٽڊ رهي ٿو. سندس لکيل سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جڳھيون، رنگ روپ، ٻولي، ثقافت بيان ڪئي آهي ۽ انهن سفرنامن ۾ اهڙي ته خوبصورتي سان منظرنگاري ٿيل آهي جو ڪو به پڙهندڙ ان سفرنامي ۾ بلڪل سمائجي وڃي ٿو ۽ ايئن محسوس ڪري ٿو جيئن واقعي هو اُن ملڪ جو سير ڪندو هجي.

ڪجهه به لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به پڙهندڙ جي دل ۾ اتساهه ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جوش پيدا ٿئي. اهو ڏات ۽ ڏانءُ الطاف شيخ ۾ موجود آهي، سندس لکيل سفرناما وڏي چاهه منجهان پڙهيا وڃن ٿا. بزرگ توڙي نوجوان وڏي شوق سان سفرناما خريد ڪن ۽ پڙهن ٿا. ويندي اُنهن فردن تائين جيڪي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن ۽ جيڪي ڪيترن ئي پريشانين ۽ مايوسين کي منهن ڏين ٿا، سي به الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي راحت محسوس ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽائيم لاءِ رليڪس محسوس ڪن ٿا. الطاف شيخ اهڙين خوبصورت لکڻين سان نه صرف سنڌي ادب کي سونهن بخشي آهي، بلڪه تمام وڏو احسان به ڪيو آهي. هن نئين ٽهي کي به ايترو سٺو لکڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي آهي. الطاف شيخ جڏهن به پرڏيهه مان ڏيهه ايندو آهي، تڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو شاگردن کي مسئلن جو حل ٻڌائيندي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي. بقول الطاف شيخ جي، تعليم ئي هر مسئلي جو حل آهي. جيڪي به قومون ڪامياب ۽ اڳيان آهن، سي سڀئي تعليم ۾ اڳيان هجڻ جي ڪري ئي ڪامياب آهن. سندس نصيحتن ۾ اها نصيحت به شامل هوندي آهي ته نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر جي دنيا به ڏسڻ کپي. اتان جي خوبصورتين کان واقف ٿيڻ کپي. اهڙي طرح الطاف شيخ نوجوانن جي همت افزائي ڪري خوشحال زندگي گذارڻ جا درس ڏيندو آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺي شخصيت رکندڙ اديب آهن پر الطاف شيخ سڀن کان الڳ ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. الطاف شيخ انيڪ ملڪن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس هزارين مداح آهن، جيڪي هن سان ملڻ لاءِ منتظر هوندا آهن ۽ نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي پر هن انسان ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور ناهي. هي بلڪل سادو ۽ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آهي، هو هر وزٽ تي پنهنجي مداحن سان گڏجي وڏي دلچسپي سان فوٽو ڪڍرائيندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها اسان نوجوانن جي لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان الطاف شيخ جهڙي شخصيت جي دور ۾ پيدا ٿياسين ۽ ساڻس ملياسين به. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي گهرجي ته سندس ڏسيل صلاحن تي عمل ڪريون، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون بلڪه پنهنجي سماج ۾ موجود هر فرد لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *