سعودي عرب کان آيل ايئر فورس وفد ۽ ايشائي حالتون…!!: غلام مصطفي جماليٰ

پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تعلقات تمام گهڻا ويجها ۽ دوستاڻا رهيا آهن، سعودي عرب جي سربراهن ۽  ذميدار اهم شخصيتن پاڪستان سان تمام سٺو ۽ هميشه بهتر رويو رکيو آهي، ۽ پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر  ۽  وطن پڻ قرار ڏنو آهي، جنهن کي صرف ڳاليهن تائين محدود ناهي رکيو ويو پر انهي ڳالهه کي سعودي عرب عملي جامو به پارايو آهي، ۽ سعودي عرب  هر مشڪل گهڙي اندر پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان مٿان آيل آفتون هجن يا معاشي حالت جو ڪمزور ٿيڻ  پر هر حال اندر پاڪستان ۽ سعودي جا تعلقات بهتر ۽ مظبوط رهيا آهن،جڏهن ته پاڪستاني عوام پاران به هميشه سعودي عرب کي هڪ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويو آهي. ڇو ته سعودي اهو مقصد ملڪ آهي جتي مسلمانن جو عقيدت ۽ ايمان ۽ حرمين شريف آهي،سعودي عرب اسانجو هڪ محسن به رهيو آهي،پر اهو سمورو سلسلو اها سموري محبت ۽ وچ ۾ ويجهڙائپ وارا  تعلقات ڪجهه خاص بهتر رهي نه سگهيا آهن، جڏهن کان يمن اندر هڪ جنگ شروع ٿي آهي انهي ڏينهن کان وٺي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بحث ۽ نفرت جي ديوار بنجي وئي آهي،سعودي عرب پاڪستان جي اها آڇ ڪئي هئي ته پاڪستان پنهنجو فوجون يمن ۾ هلندڙ جنگ لاءِ موڪلي پر پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي اهڙي ماحول اندر جيڪڏهن فوجون موڪيلو وڃن ها ته پاڪستان اندر پڻ هڪ گهرو ويڙهه ٿيڻ جا وڏا امڪان هئا ڇو ته پاڪستان  ۾ پڻ هر طبقي جا ماڻهو رهن ٿا جيڪي اهو نه پيا چاهين ته پاڪستان پنهنجون فوجون يمن موڪلي ٻئي طرف پاڪستان جيڪڏهن يمن اندر پنهنجو فوجون موڪلي هان ته نه رڳو هڪ پاسي پاڪستان جي عوام ناراض ٿي ها پر ٻئي پاسي پاڪستان جو هڪ پاڙيسري ملڪ ايران جنهن سان به پڻ پاڪستان جا تعلقات تمام گهڻا بهتر رهندا پيا اچن  اهو ملڪ پڻ  ناراض ٿي هان. ان ڪري پاڪستان ٻنهي دوست ملڪن ۽ پاڪستاني عوام کي ناراض ڪرڻ بجاءِ ٽياڪڙي جو ڪرادر ادا ڪيو،اُن وقت به ڪيترائي سوال اٿي رهيا هئا ته ڇا پاڪستان ٽياڪڙي جي آڇ تي پورو هلندو،جڏهن ته ٻئي طرف هڪ نطر.. عرب ملڪن جي تاريخ جي وجهون  ته عربن جي  تاريخ تمام گهڻي شاندار آهي.جڏهن ته دنيا ۾ واحد اهي عرب ملڪ آهن.جن اسلام اچڻ کانپوءِ تمام گهڻي ترقي ڪئي .اوهان جڏهن  بنوعباس جي تاريخ تي نظر وجهندا  ته اوهانکي معلوم ٿيندو ته عرب جتي به ويا اتي پنهنجي زبان تهذيب،۽ تمدن به پاڻ سان گڏ کڻي ۽ انهي سان گڏ فتح به .عراق،شام،لبنان،فلسطين،مصر، ۽ پوءِ اڳيان مشرق کان مغرب تائين جيڪي به ملڪ آهن اهي عربن فتح ڪيا.جن اندر اڄ به عربي ٻولي اها ڳالهائي وڃي ٿي.جيڪا انءُ وقت جي عرب قبلين جي هئي.جڏهن ته انهي جي ڀيٽ اندر ايراني تمام گهڻا مختلف آهن.انهن اسلام ته قبول ڪيو ۽  باهه پرستي کي ترڪ ڪري ڇڏيو.پر سندس ٻولي اها ئي رهي.جڏهن ته ايران اندر اسلامي دور اندر به فارسي ڳالهائي ويندي هئي ۽ هن وقت به فارسي ڳالهائي ويندي آهي.13صدي اندر جڏهن هلاڪو خان بغداد تي حملو ڪيو هيو. ان کان پهرين هن ايران کي شڪت ڏني هئي.جنهن حملي اندر ايران جو تمام گهڻو جاني توڙِي مالي نقصان ٿيو هو.جنهن جو اثر اڄ به موجود آهي.جنهن جو ننڍڙو مثال اهو به آهي ته عرب سمورا ملڪ گڏجي ڪري غيرمسلم ملڪن جو مقابلو ڪن.پوءِ به هو انهن جو مقابلو نه ڪري سگهندا.جڏهن ته ترڪي،انڊونيشا،پاڪستان،۽ ايران غيرعرب مسلمان ملڪ آهن.جڏهن ته ايران ،پاڪستان،ترڪي انڊونيشا جي فوجي ۽ عڪسري ونگ کي هڪڙي پاسي رکي ڪري باقي53عرب ملڪن تي نظر وجهجي ته خبر پئجي ويندي ته عرب ملڪ غيرمسلم ملڪن جي ٽيڪ جي سهاري تي هلي رهيا آهن. جڏهن ته ايران تي هڪ نظر وجهي ته ايران جي فوجي قيادت ۽ عسڪري طاقت سموري عرب ملڪن کان هر معيار کان بهتر آهي. 1979ع ۾ جڏهن ايران اندر رضا شاهه پهلوي جو دور ختم ٿيو ته آيت الله خميني کي اقتدار مليو.جنهن جي ٿورڙي وقت کانپوءِ  عراق(صدرصدام) جي صدارت ۾ ايران تي حملو ڪري ڏنو.ان وقت عراق وٺ عڪسري ونگ موجود هئي.تنهن هوندي به عراق وهاڙڪن ايران جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهيا. پورا ڏهه سال صرد صدام حسين ايران سان وڙهندو رهيو.پر ايران کي شڪت نه ڏئي سگهيو.جڏهن ته ان وقت عراقي حملي اندر ايران تي ان وقت به تمام گهڻيون مصيبتون آيون هنيون.ايران تي ڪيتريون بينل اقوامي پابنديون لڳايون ويون هنيون.ان ڪري ايران معاشيي اعتبار سان پڻ تمام گهڻو پوئتي پوندو ويو.تنهن هوندي اڄ به ايران پنهنجي.ايئرفورس،نيوي،۽ آرمي جي عسڪري سامان کي پنهنجي.ايڪي پينٽ جو حصو بڻايو اچي.جڏهن ته انهي حوالي سان ٻين عرب ملڪن تي نظر وجهبي ته اهي پئسي جي اعتبار سان ايران کان تمام گهڻا مالدار آهن.۽ وٺن تيل جا تمام گهڻا اڻکٽ ذخيرا آهن.پر دفاعي اعتبار سان صرف سندس نالو آهي ۽ عسڪري طاقت وٺن موجود ناهي.انهي ڀيٽ اندر ايران ۽ سعودي ڇڪتاڻ جي حوالي سان ڏسجي ها ته سعودي وٺ اسلامي ملڪن جو اتحاد آهي .جڏهن ته ايران وٽ عسڪري طاقت آهي . جڏهن ته سعودي عرب ۽ ايران ڇڪتان ۾ پورا اسلامي ملڪ اهو ئي چاهين ٿا ته . ايران ۽ سعودي عرب ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ ماٺار اچي ۽ ٻئي ملڪ ڪنهن وڏي جنگ جي طرف نه وڌن.هن وقت به سعودي عرب ۽ يمن جي حوثين باغين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.جنهن جي ڪري شايد هن وقت سعودي عرب جي ايئربيس جا سربراه جنرل محمد بن صالح القتيبي چار ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آهي،جڏهن ته پاڪستان جي دوري جي دعوت کيس پاڪستان ايئرچيف سهيل امان ڏني هئي ۽ سعودي ايئربيس وفد نورخان ائيربيس ته لهڻو هو جتي سندس پاڪ فضايه جي سرابراهه استعقبال ڪندا،جڏهن ته سعودي عرب جي وفد بابت اهو به چيو پئي ويو ته اهي پاڪ فضايه کان دفاعي مشقون ۽ دفاع جي لاءِ دفاعي آلات جي خريداري تي پڻ ڳالهيون ڪندا،هڪ پاسي سعودي عرب ۽ چين پاڪستان سان همدري ڪرڻ ٿو چاهي ته ٻئي پاسي جارحيت پکڙيندڙ ڀارت جيڪو پنهنجو نيٽ ورڪ افغانستان اندر جوڙڻ چاهي ٿو،جڏهن ته ڀارت اهو واحد ملڪ آهي جيڪو هميشه پاڪستاني جي سلامتي لاءِ خطرو رهيو آهي جڏهن ڪري ڀارتي ايجنسي را وڏي مقدار اندر پنهنجي مطبوط ٽيم افغانستان اندر موجود ڪيو ويٺو آهي،۽ انهي صورتحال حال اندر هو وڌيڪ چاهي ٿو ته پاڪستان ڪمزو ٿي انهي ڪري هو چار بهار منصوبي کي افغانستان تائين پهچائڻ ٿو چاهي،جڏهن ته  ڏٺو وڃي ته انهي ماحول اندر آمريڪا ڀلي پاڪستان سان همدري رکي پر اندورني طرف سان هو به پاڪستان جو خيرخواه ناهي ان ڪري پاڪستان جا ايران ۽ سعودي عرب جي وچ اندر جيڪي تعلقات بهتر نه هيا اهي ڀارت جي آڙ  وٺِي ڪري پنهجو مفاد ڳولي فائدو وٺڻ ٿو چاهي ،ان ڪري ايران ۽ سعودي عرب کي سوچڻ گهرجي ته پاڪستان هيمشه ٻنهي ملڪن جي خيرسلامي چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي سلامتي لاءَ پنهنجو ڀرپور ڪرادر ادا ڪري سگهي ٿو،ان ڪري ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن کي گهرجي ته اهي به پاڪستان سان سهڪار ۾ رهن، ان ڪري هن وقت جيڪو سعودي عرب کان وفد آيل آهي انهي سان پاڪستان جي امن سلامتي جون پڻ ڳاليهون ڪيون وڃن،ته جئين پاڪستان به پنهنجي پاڙيسري ۽ سعودي عرب سان پنهنجا تعلقات بهتر رکي سگهي،

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *