سعودي شاهي ڪٽنب جي جهيڙو جا دنيا تي پوندڙ اثر: صاحب خان ڀٽي

سعودي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي بادشاهي حڪومت قائم آهي، ڪيترائي بادشاهه آيا ۽ ڪيترائي ويا هليا پر اڄ تائين ڪنهن به شاهي حڪومت خلاف آواز اٿارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، ايران، عراق، شام ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾بادشاهي حڪومت نه هلي رهي سگهي آهي، هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاهي ڪٽنب ته موجود آهن پر انهن جو ايترو اثر ملڪن ۾ نه رهيو آهي، جيترو سعودي عرب آهي، سعودي عرب ۾ نه ته جمهوريت آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪو صدارتي نظام آهي، مطلب ته اتي بادشاهي حڪومت آهي، هڪ بادشاهه مرندو ته ان جي جاءِ ته ڪنهن ٻئي کي بادشاهه ڪيو ويندو آهي، 1876ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالعزيز بن عبدالرحمان ال سعود 22سيپٽمبر 1932ع ۾ سعودي جو بادشاهه ٿيو هو، جنهن 9 نومبر 1953ع تائين بادشاهت ڪئي، سندس لاڏاڻي کانپوءِ سعود بند عبدالعزيز ال سعود 9 نومبر 1964ع ۾ سعودي جو بادشاهه رهيو، جنهن کانپوءِ 2 نومبر 1964ع ۾ فيصل بن عبدالعزيز ال سعود کي سعودي عرب جي بادشاهه جو تاج پارايو ويو، جنهن 25 مارچ 1975ع تائين سعودي عرب ۾ بادشاهت ڪئي. ان کانپوءِ خالد بن عبدالعزيز ال سعود جو وارو آيو، جنهن 25 مارچ 1975 کان 13 جون 1982ع سعودي عرب ۾ پنهنجي بادشاهت جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن خالد بند عبدالعزيز ال سعود 69 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿيو ته پوءِ فهد بن عبدالعزيز ال سعود کي 13 جون 1982ع ۾ سعودي عرب جو بادشاهه بڻايو ويو، جنهن پهرين آگسٽ 2005ع تائين سعودي عرب ۾ بادشاهت ڪئي.

فهد بن عبدالعزيز ال سعود جي 84 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ به سعودي عرب ۾ بادشاهت جو سلسلو رڪجي نه سگهيو ۽ سندس لاڏاڻي کانپوءِ عبدالله بن عبدالعزيز ال سعود کي پهرين آگسٽ 2005ع تائين  سعودي عرب جو بادشاهه ٿيو، جنهن 90 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان کانپوءِ سلمان بن عبدالعزيز ال سعود جو وارو آيو، جنهن کي 23 جنوري 2015ع ۾ سعودي عرب جو بادشاهه بڻايو ويو، جيڪو اڄ به سعودي عرب جو بادشاهه آهي، سندس حڪومت ۾ به کوڙ سارا واقعا پيش آيا، ايتري قدر جو  سعودي  عرب شيعا اڳواڻ ۽ عالم آيت الله شيخ باقر نمر النمر کي موت جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ ايران ۽ سودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، سعودي عرب حڪومت پاران شيعا اڳواڻ تي جيڪي الزام لڳايا ويا، اهي ڪجهه ٻيا هئا پر جيڪي اخبارن ۾ مختلف اڳواڻن پاران بيان ڏنا ويا، انهن ۾ چيو ويو ته هنن بادشاهي حڪومت خلاف آواز اٿاريو هو ۽ احتجاج ڪيو هو، جنهن سبب شاهي ڪٽنب سندس خلاف هو، رڳو شيعا اڳواڻ کي ڦاهي نه ڏني وئي هئي، پر سندس ساٿين کي به ڦاهي ڏني وئي هئي، اهو ئي سبب هو جو ايران ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني آڏو به احتجاج ٿيو هو، جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف وڌي ويا هئا ته ان وقت سعودي عرب جي شهزادن  پاڪستان جو رخ ڪيو هو ۽ نوازشريف سعودي عرب جا چڪر ڪاٽڻ لڳو هو ۽ پاڪستان ۾ به ٻنهي ملڪن ۾ڇڪاڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي  ٿي وئي هئي، هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو هو ته جيڪڏهن انهن ٻنهي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ ٿي ان جا سڀ کان وڌيڪ اثر پاڪستان تي به پئجي سگهن ٿا،

هڪ ته  ملڪ طالبانائيزيشن تمام وڌيڪ هئي ۽ آهي، جنهن سبب مسجدن، امام بارگاهن ۽ صوفي بزرگن تي حملا معمول بڻيل آهن، جنهن سبب هزارين معصوم ماڻهو پنهنجيون جانيون زيان ڪري چڪا آهن، هي اهڙا ته خطرناڪ دهشتگرد آهن، جيڪي نه ته انسان کي انسان ٿا سمجهن، نه ئي وري ڪو انسان تي رحم ٿا ڪن، جنهن سبب هن ملڪ ۾آپگهاتي حملا مزان تي معمول بڻيل آهن، اهڙن دهشتگردن کي نه ته هتان جا سڪيورٽي ادارا روڪي سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪو انهن جي خلاف فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي، بهرحال اسان جي ملڪ ۾ انهن ڪاررواين پٺيان ڪيترن ئي انسان دشمن ملڪن جو هٿ ٿي سگهي ٿو، جن انهن وحشين کي ٺاهيو آهي، جيڪي اڄ پنهنجيون وحشي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. رهي ڳالهه سعودي عرب جي ته  تي اهو سڄي دنيا ۾ مسلمان ملڪن جو قلعو سمجهيو ويندو آهي، مطلب ته آهي، ان ملڪ ۾ جمهوريت يا صدارتي نظام نه آهي پر اتي جيئن ته بادشاهي حڪومت آهي، جنهن سبب عوام نه ته ڪنهن کي پنهنجو ليڊر چونڊي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن بادشاهه کي خراب چئي گهر ڀيڙو  ڪري سگهي ٿو، جيئن اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به جمهوريت قائم ٿي، تڏهن سڀ چور ٿي ويا ۽ باقي ٻيا سڀ سٺا ۽ صافت سٿرا آهن،

جڏهن کان سعودي عرب جو بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ٿيو آهي، تڏهن کان سرحدن تي حملا ۽ سعودي عرب ۾ ڌماڪن جا واقعا به پيش اچڻ شروع ٿيا  آهن ۽ سندس ئي حڪومت ۾ معاشي بحران به آيو، ايتري قدر جو ڪرين ڪرڻ سبب ڪيترائي حاجي سڳورا  فوت ٿي ويا هئا، ان کان علاوه جيڪي مزدور ويچارا مختلف ملڪن لاءِ سعودي عرب مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهتا هئا، انهن کي به پورهيو ڏيڻ بدران پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو ويو هو.

هڪ سال اڳ جڏهن سعودي بادشاهه شاهه سلمان بند عبدالعزيز پنهنجي ڀائٽي محمد بن نائف کي سمورن عهدن تان هٽائي پنهنجي پٽ شهزادي محمد بن سلمان کي نئون ولي عهد مقرر ڪيو  هو ته ان وقت سندس  پٽ جي عمر 31 سال هئي ۽ وقت محمد بن نائف کي عهدي تان هٽائڻ جو ڪو به سبب نه ٻڌايو ويو هو. جيڪو ملڪ جوگهرووزير به هو. جڏهن شاهه سلمان اقتدار ۾ آيو ته2015ع ۾هن پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ مقررن بن عبدالعزيز کي هٽائي ڀائٽي محمد بن نائف کي مقرر ڪيو هو. هن اسلامي اتحاد ٺاهيو، جنهن جي قطر بائيڪاٽ ڪيو هو پر هاڻ ان کان به وڌيڪ وڏو فيصلو سعودي بادشاهه ڪيو آهي، جيڪو ٻڌي سڄي دنيا حيران ٿي وئي آهي، هاڻ ڏهن وري هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي عرب ۾ هڪ ٻيو حڪم جاري ٿيو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته سعودي عرب ۾  هاڻ حالتون تبديل  ٿي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته شيعا اڳواڻ جي ڦاهي کان پوءِ سعودي عرب ۾ به هڪ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ جيڪو اسلامي اتحاد ٺهيو آهي، اها به ان جي  هڪ ڪڙي آهي،

جيڪڏهن اوچتو ڪا سعودي عرب جي اندر ڪا سعودي بادشاهن خلاف مزاحمت ٿئي ته ان کي به ان اتحاد سان خاموش ڪرائي سگهجي ٿو، ان جو هڪ نظارو اسلامي اتحاد ٺهڻ اڳ به سعودي دنيا نظارو ڏسي چڪي آهي، بهرحال هن وقت ڳالهه هلي رهي آهي سعودي عرب جي شاهي ڪٽنب جي، جن ۾ ڌڙا بندي ٿي وئي آهي، ان جو پهريون مثال ته سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جي اچڻ کان پوءِ محسوس ٿي ويو هو، جنهن ايندي ئي پنهنجي ڀائيٽي کي هٽائي سندس جاءِ تي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪيو هو ۽ هاڻ وري ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون  شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دوران 11 شهزادن ۽ چئن اڳوڻن وزيرن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن کي به سعودي بادشاهه جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اڳوڻن ۽ موجوده وزيرن جو انگ 38 ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه جا نالا به ظاهر ڪيا ويا آهن،

سعودي عرب جا عملدار چئي رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه احتساب تحت ٿي رهيو آهي، جن به ڪرپشن ڪئي آهي، انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، بهرحال پاڪستان کانپوءِ سعودي عرب ۾ احتساب جي شروعات تمام گهڻو تعجب واري ڳالهه لڳي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب اهڙو واحد ملڪ آهي، جتي چوري جو ڪير تصور ئي نه پيو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته ان ملڪ ۾ ڪو چوري ڪندو آهي ته ان جو هٿ ڪٽيو ويندو آهي پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي، جيڪي به سعودي عرب جا شهزادا ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ٿيا آهن، انهن سان ڪهڙو حشر ڪيو ٿو وڃي، جيڪڏهن اهي سمورا شهزادا ڪرپشن ۾ ملوث آهن ته پوءِ انهن جي ملڪ جي قانون موجب، سزا ملڻ ضروري آهي، رهي ڳالهه احتساب جي ته اهو سٺو عمل آهي پر هو سڀني لاءِ هجڻ گهرجي، ته ان سان ڪي شڪ به پيدا نه ٿيندا،

جڏهن سعودي عرب گرفتارين وارو عمل شروع ٿيو ته ان وقت اهي به خبرون ٻڌڻ ۾ آيون هيون ته سعودي ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديليون ڪيون ويون هيون، سعودي نيشنل گارڊ ۽ معيشت جي وزيرن کي برطرف ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو سعودي نيوي جي ڪمانڊر عبدالله سلطان کي به تبديل ڪتر سعودي نيوي جي ڪمان فهد الغفلي حوالي ڪئي وئي. ظاهري طور ته سعودي عرب ۾ احتساب عمل  ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ جهڙي ريت شهزادن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن مان لڳي رهيو آهي  ته سعودي عرب ۾ تمام جلد انقلاب اچڻو آهي ۽ اهو انقلاب سعودي بادشاهت لاءِ فائديمند هوندو يا نقصانڪار اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو. رهي ڳالهه سعودي عرب  ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل جي ته، ان بابت چيو وڃي ٿو ته اهو صرف بادشاهت  تي جهيڙو  هلي رهيو آهي. مطلب ته سعودي عرب جو بادشاهه شاهه بند عبدالعزيز پنهنجي محمد بن عبدالعزيز کي سعودي عرب ۾ تمام گهڻو مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته  ان جو  اندازو اسان سندس  اقتدار جي اچڻ کانپوءِ کنيل قدمن مان به لڳائي سگهون ٿا.

جڏهن  شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب جو بادشاهه ٿيو هو ته ان وقت ئي هن پنهنجي پٽ کي نوازڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻ به نوازي رهيو آهي.  جيتوڻيڪ هن وقت سعودي عرب جو بادشاهه  شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب جو بادشاهه آهي پر ان باوجود  سندس قدمن مان لڳي رهيو آهي ته هو  پنهنجي مخالفن کي اقتدار مان  ڪڍڻ چاهي ٿو ته جيئن سندس پٽ  لاءِ رستا کلي وڃن ۽ ڪو به سندس مخالفت ڪرڻ لاءِ نه بچي   ۽ سندس  فوت ٿيڻ کانپوءِ هو  سعودي عرب ۾ ڪنهن سٺي عهدي تي رهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سعودي  عرب ۾ جيڪا  بادشاهي خاندان ۾  ويڙهه هلي رهي آهي ته اها صرف سعودي عرب تائين محدود رهندو يا وري ان جو رخ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن به موڙيو ويندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *