سرڪاري بجيٽ تي راتاهو: اصغر ملاح دادو

دنيا جي هر ملڪ جي  بقاءِ سالميت لاءِ ملڪ  جي آئين تحت قانون  جي  حڪمراني انصاف  ضروري آهي جتي  قانون  جي  حڪمراني انصاف  نه  هوندو  آهي  اتي عوام لاءِ  هزارين مسئلا  جنم وٺندا آهن قانون  جي  حڪمراني نه هوندي  اتي  ڪمزور  مٿان  ڏاڍن جو قابضو قائم هوندو  آهي. جيڪڏهن  قانون  جي  عملداري  بهتر  آهي  ته اتي جي عوام کي  بنا فرق انصاف  ۽ تحفظ ملندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. عوام کي رليف ڏيارڻ هر وقت جي حڪومت جو اولين فرض آهي عوام دانهيو آهي ته ڪرپشن سرڪاري مختلف کاتن کي اڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري کوکلو ڪري ڇڏيو آهي اسان  جنهن  معاشري  ۾ رهون  ٿا  اتي  اسان  سان  گڏ  هڪ  لعنت رشوت  به  رهي ٿي ملڪ جي  ڪنهن  به  سرڪاري  اداري  ۾  ڪنهن  به ڪم  سان  وڃبو  ته  ان  رشوت  کي  به  ساڻ وٺي  وڃبو  جيڪر  رشوت  ساڻ  نه  هلي  ته  جائز ڪم به نه  ٿيندو.  جيڪا سڀني  کي خبر  آهي .رشوت  لفظ شايد  ڪنهن وقت  ۾  خراب  سمجهيو  ويندو  هو. اڄڪلهه ماڻهو  ان  کي  پنهنجي  اصل  نالي  سان  سڏڻ  جي  بدارن ٻين  مختلف  نالن  سان  سڏين  ٿا.  ڪي  ماڻهو  ان  کي بخشش ونڊ  ڪميشن  ۽  ٻين  ڪيترن ئي  نالن  سان  سڏين  ٿا عوام کان وفاقي ۽ صوبائي  سرڪار جي  ماتحت  مختلف  سرڪاري  کاتن ۾ جائز  مسئلن  کي  حل  ڪرڻ  لاءِ صحيح  جي  رقم  وصول  ڪئي  وڃي  ٿي مختلف  سرڪاري  کاتن  جا  ڪامورن ڪلارڪن کي  پنهنجي  پگهارن  کان  وڌيڪ  رشوت  وٺڻ  ۾  دلچسپي  هوندي  آهي.سرڪاري ادارن  ۾  رشوت عام  ٿي  وئي  آهي. ڪو به  ادارو پنهنجو  ڪم  صحيح  نموني  ڪرڻ  لاءِ  تيار  نه  آهي. اسلام مطابق رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ  ٻئي جهنمي آهن. پر اسان مسلمان ٿي  ڪري دوزخ ۽ جنت جي وجود کان  سڌي يا اڻ سڌي طرح انڪاري بڻجي  ويا آهيون ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪري ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪجي انڌير لڳو پيو آهي ٽريزري آفيس ، نيشنل بينڪ، پراونشل روڊس، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگس، ميونسپل آفيس، روينيو آفيس، حيسڪو پوليس آبپاشي صيحت تعليم ۽ زڪوات آفيس سميت ٻين سرڪاري کاتن ۾ رشوت ۽ ڪرپشن انتها تي پهچي وئي آهي جنهن جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي پاڪستان  ۾ رشوت  مالي  بدعنواني  ۽ بدانتظامي  ڪا نئين  ڳالهه  ناهي اسان جي ملڪ  ۾  بدعنواني  ۽  بدانتظامي رشوت  کي  روڪڻ  لاءِ هر  حڪومت  پنهنجي  وس  آهر  ڪوشش ڪرڻ  جي  دعوي! ته   هر  دور  ۾ ڪندي  رهي  آهي. پر .وريو  ڪجهه  به  نه  آهي اسان  وٽ  هر  سطح  تي  آڊٽ جو  شعبو قائم آهي  جيڪو آڊيٽر جنرل  آف  پاڪستان  کان  ويندي  صوبائي  آڊيٽر آءِ جي  صورت  ۾  موجود  آهي  انهن  ادارن جون  آڊٽ رپورٽون  ايتريون  ته  ڇرڪائيندڙ  هونديون  آهن  جو  جيڪڏهن  انهن  جي  آڌار  تي  ڪاروائي  ٿئي  ته  ملڪ مان  ڪرپشن  ختم  ٿي وڃي آڊيٽر جنرل پاران ملڪ جي وفاقي صوبائي کاتن جي ماتحت ادارن  ۾ٿيندڙ ڪرپيشن جي خاتمي ۽ لٽيل رقم جي واپسي لاءِ هر وقت جي سرڪار ۽ حڪمرانن کي سفارش ڪئي ويندي آهي پر افسوس اهڙين سفارشن رپوٽن تي عمل ڪرڻ بجاءِ نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي ته ڪرپشن زور وٺندي آخر انهن ڪارين رڍن  خلاف قدم ڪير کڻندو  آهي جڏهن قانون جو موجود هجڻ باوجود ان تي عمل درآمد نه ٿئي  ته وڌيڪ براين جا بنياد پوندا رهندا  سنڌ جي ناڻي کاتي ۽ مختلف ضلعن ۾ قائم ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن ۾ ڪرپشن  جون بي پناهه شڪايتون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي منظر عام تي اچي رهيون آهن سنڌ جي ٻين ضلعن جيان دادو ضلعي جي خزانه آفيس تي  گذريل  ڏينهن ۾ نيب ڪراچي   جي  ٽيم  پاران  ڇاپو هڻي. عملي کان جي  پي فنڊ پينشن  ريٽورشين ڊفرنس  بلن  بابت  رڪارڊ طلب ڪيو ويو ته  مليل  معلومات  مطابق  75 سيڪڙو  رڪارڊ  گم2011 کان 2015 تائين ٽريزري آفيس  مان  ٿيل  جي پي  فنڊ  ماهوار پگهار  جي  ڊفرنس  پينسن مينٽيشن  ريٽورشين جو نيب ڪراچي   جي  ٽيم کي  25 سيڪڙو رڪارڊ مليو  آهي ذريعا ذريعي موجب  ٽريزري عملدارن نيب جي ٽيم  کي  ٻڌايو ته  ڪجهه رڪارڊ اتفاق سان باهه جي واقعي ۾ سڙي ويو آهي جنهن  تي   ٽيم  چيو ته  باهه   لڳي آهي  يا هٿ  سان  لڳائي  وئي آهي اهو  ممڪن ڪئين آهي ته  جيڪو  اسان  کي  رڪارڊ   گهربل  آهي  اهو  سڙيو  ويو  آهي  ايئن  نه  آهي  ته  ڪاروائي  کان  پڇڻ  لاءِ ملازمن  پاڻ  باهه  ڏني  آهي  جنهن  تي  مقرر ٿيل خزانه  آفيسر   ٻڌايو  ته  واقعو  اڳ  جو  آهي  آئو  تازو  بدلي  ٿي  ايو  آهيا کيس  ڄاڻ  نه  آهي  جنهن تي نيب عملدارن  کي چيو  ته  ٽريزري آن  لائين آهي ته پوءِ رڪارڊ ڪئين گم آهي اعتبار جوڳن  ذريعي موجب  2011 کان 2015 تائين  ٽريزري آفيس دادو ۾ مبينا 6ارب روپين کان  وڌيڪ ڪرپشن ڪيا ويا آهن پينسن مينٽيشن  ريٽورشين ۽ ڊفرٽي جا  جعلي بل  پاس  ڪري مختلف  بئنڪ  ۾  خانگي  ماڻهن   جي  اڪائونٽن  ۾  ڪروڙين  روپيا منتقل   ڪرڻ  بابت نيب  کان   پوءِ  ايف  آءِ  آي  پڻ   وڏي پئماني تي  جاچ شروع ڪري  هڪ   نجي بئنڪ  محمد  اعظم  خشڪ   سميت  ٻن ملازمن کي  گرفتار ڪيو هو.  جن  کان  جاچ ڪرڻ  کانپوءِ ايف آءِ اي جي  عملدارن  محمد اعظم  سميت  بئنڪ  جي  ٻن دادو  جي ٽريزري  آفيسر غلام مصطفي!  لنڊ  احمد ڀٽو  هاءِ وي جي ملازم ارشاد چنو  سميت  12 کان  وڌيڪ خزانه  آفيس جي  ملازم ۽ نجي بئنڪ  جي  عملدارن  خلاف  ايف  آءِ آر   داخل  ڪرڻ سندن  خلاف جائچ  جو  سلسلو شروع  ڪري  ڇڏيو آهي ان  سلسلي  ۾ معلوم ٿيو  آهي  ته  ٽريزري آفيسر ايجنٽ معرفت  پنشن مپينسن  ريٽورشين ڊفرٽي  جا بوگس  بل   پاس ڪري مختلف نجي بئنڪن ۾ مختلف فرضي  اڪائونٽن ۾  رقم   منتقل  ڪري  اربين  روپين  جي ڪرپشن  ڪيا  ويا  آهن  جنهن  ۾  بئنڪن جا ملازم ايجنٽ سان  ملي  ڀڳت  ڪري  کوليل   فرضي اڪائونٽ  پاڻ استعمال  ڪري  رقم   ڪڍرائيندا  هئا  ۽ فرضي  نالن   تي کوليل   چيڪ  بوڪ   پڻ بنئڪ ملازمن  وٽ هوندا  هئا  اهڙا ثبوت  هٿ  اچڻ کانپوءِ ايف آءِ آي  عملدارن  پاڻ داخل   ايف  آءِ آر۾   ڄاڻا ويا  آهن  جنهن  ۾ ايف  آءِ آي عملدارن   هٿ  ڪيل   چيڪ  بوڪ  ۽ ٻين   ثبوتن   کي  پڻ ايف آءِ آر ۾  شامل  ڪيو  آهي ٽيم ٻڌايو  ته  پنشن  شعبي  ۾  سوين  خانگي  ماڻهن  کي  جعلي  ملازمن   ڄاڻائي   سندن   رٽائرمنٽ  جا  ڪوڙا ڪيس  ٺاهي ڪوڙن  بلن  ذريعي ڪروڙين  روپيا هڙپ  ڪيا ويا آهن  جانچ  ۾  اڃا وڌيڪ  ثبوت  ملندا اربين روپين  جي ڪرپشن تي نيب ۽ايف آءِ اي الڳ الڳ جاچ شروع جنهن بابت نيب جي ٽيم وڏي پيئماني تي جاچ شروع ڪري ڏني آهي   جنهن  سڀ ٽريزري  ملازمن ۽  ايجنٽ  ۾  وڏو ٿرٿلو  متل  آهي سرڪاري ملازم دانهن ٿا ته دادو  جي خزانه آفيس ۾ بنا رشوت جي جائز ڪم به ناممڪن بڻيل رهيو آهي اهي ٻاهر بيٺل ايجنٽن وسيلي ڳرا پئسا ڀري پنهنجي جائز پگهارن ، ٽي اي بلن ، تفاوت بل ۽ پينشن حاصل ڪندا رهيا .آهن هن وقت تائين خبر ناهي ته  ڪهڙي سبب جي ڪري. ڪرپشن  ڪندڙن  ڪامورن  خلاف عوام کي اثرائتي قانوني ڪاروائي نظر نه ٿي اچي جنهن مان ظاهر آهي ته ناڻي کاتي ۽ ضلعي اڪائونٽس آفيسن ۾ ڊوٽيون ڪندڙ ڪامورا يا ته سگهارن عوامي نمائندن جي آنڪي ڀريندڙ آهن يا  وري ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت پنهنجي زور تي کين مليل بي پناهه اختيارن جي آڌار تي جيڪو وڻين سو پيا ڪن هن وقت تائين ڪنهن به عوامي نمائندي پاران ان ڳالهه جو نوٽيس ناهي ورتو ويو حڪومت کي گهرجي ته ضلعي اڪائونٽس آفيسن مان ايجنٽ پرستي وارو رجحان کي ٻنجو ڏيڻ سان گڏ  انهن  خلاف  سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

*******

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *