ستين ڊسمبر تي ڇا ڪجي!؟ ثقافتي ايڪتا يا لاشن جو سوڳ؟ ؛عاجز جمالي

سنڌ ۾ هڪ پاسي ستين ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ ريهرسل جاري آهي. تيارين ۾ ناچ گانا، رقص جون محفلون، رات جون رنگينيون ۽ ڪجهه سنجيده پروگرام مشاعرا، مچ ڪچهريون وغيره به جاري آهن. هي ڏينهن سنڌي عوام جي گڏيل شعور، هڪ ٿيڻ ۽ دنيا آڏو اهو ثابت ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته هن جڳ ۾ سنڌي به هڪ باوقار قوم آهن پر بدقسمتيءَ سان اهڙي ڏينهن جي اڳواڻي ڪجهه سنڌي ’ميڊيا مالڪان‘ ڪري رهيا آهن. سنڌي ميڊيا هائوسز جو خيال آهي ته هو سنڌي قوم کي گڏ ڪرڻ جو تاريخي فرض نڀائي رهيا آهن ۽ قوم سندن پٺيان هلي رهي آهي. هو جيئن چوندا آهن سنڌي قوم تيئن ئي ڪندي. ڇو ته ٿلهي ليکي سڄي پاڪستان جي ميڊيا هائوسز جو اهو خيال آهي ته انهن کان وڌيڪ عقل جو اڪابر ڪو به ڪونهي،

هو جيڪي چاهين ٿا ماڻهو اهو ئي ڪن پيا. ساڳي سوچ اسان وٽ سنڌ ۾ به آهي پر ميڊيا هائوسز مطلب ٽي وي چينل يا اخبارون ساڳي ريت هڪڙا ڪمرشل ادارا يا اهڙيون فيڪٽريون آهن، جيڪي اربين روپين جو ڪاروبار ڪن ٿيون، اُهي فيڪٽريون هلائيندڙ، ان تي هلندڙ هر پروگرام يا هر خبر منجهان ”ڪاروبار“ ضرور ڳولي وٺندو آهي پر هتي قصو عجيب آهي، جو هو ڪاروبار ڪن ٿا تڏهن به قوم تي احسان ڪن ٿا. سندن خيال آهي ته هُو سڀ ڪجهه سنڌي قوم لاءِ ڪن ٿا. بلڪل ائين ئي جيئن سياستدان چون ٿا. ان جو مطلب هن ريت ٿيندو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ ٽيڪسٽائيل مل آهي، اُهو ان ۾ ڪپڙو تيار ڪري ٿو. ظاهر آهي ته اهو ڪپڙو اسان ئي اوڍيندا آهيون پر جيڪڏهن ٽيڪسٽائيل جو مالڪ چوي ته مان ڪپڙو تيار ڪري ماڻهن تي احسان ڪندو آهيان، تنهنڪري ماڻهن تي منهنجو حق آهي ته هو مُون کي ليڊر سمجهن. منهنجو استقبال ڪري، منهنجي هر سڏ تي لبيڪ چون. ائين جوتا ٺاهيندڙ فيڪٽريون، کنڊ ٺاهيندڙ شگر ملون، اٽو تيار ڪندڙ فلور ملز مطلب ته هر قسم جي ضرورت جون شيون، فئڪٽريون ٺاهينديون آهن پر انهن فيڪٽرين جي مالڪن هميشه اهو ئي چيو ته هو ڪاروبار ٿا ڪن پر اسان وٽ ميڊيا انڊسٽري جا ڪجهه مالڪ سڄو احسان پنهنجي قوم تي ڪندا آهن.

هي ڪک پتي مان لک پتي، لک پتي مان ڪروڙ پتي، ڪروڙ  پتي مان ارب پتي ۽ ارب پتي منجهان کرب پتي بڻجڻ باوجود پنهنجي قوم تي احسان جتائيندا آهن. هنن سنڌ جي ادب، ثقافت، ٻولي، تاريخ، سياست، سماجيات، ريتن رسمن، سماجي اخلاقيات، ماڻهپي جي قدرن کي ”وکر“ به بڻايو. هر شيءِ کي ”ڪمرشلائيزڊ“ بڻايو. گليمر ۽ گلوبلائيزيشن جي نالي تي سڄي دنيا ۾ ”سنڌيت“ جو وڪرو به ڪيو پر پوءِ به سڄي سنڌي قوم کي ”احسان مند“ به بڻايو. پر پوءِ به سنڌي قوم سنڌيت، ايڪتا ۽ سنڌي ٻوليءَ خاطر هر سال ايڪتا جي سڏ کي لبيڪ چيو. لکين سنڌين هر سال شاندار ٻڌيءَ سان گڏ ثقافتي رنگ ۾ رڱجي هڪ مثال بڻجي ويندا آهن. سنڌين جي اها ٻڌي ۽ ايڪتا ڀلي ميڊيا هائوسز لاءِ ”اشتهار“ وانگر هجي پر سنڌي قوم لاءِ ان جو مقصد بلڪل الڳ آهي.

خوني منظر

سنڌ ۾ اوچتو رت هاڻو ماحول بڻجي ويو. نومبر جي پڇاڙڪن ڏهاڙن کان وٺي اڄ تائين سنڌي نوجوانن جا چچريل لاش اڇلايا پيا وڃن. ڏهه ڏهاڙن ۾ ست لاش ملي چُڪا آهن. حب چوڪيءَ ڀرسان مليل ٽن لاشن منجهان هڪ شخص اسپتال ۾ جيئرو نڪري پيو، مارڻ وارا کيس ماري چڪا هئا پر اسپتال عملي کيس زخمي قرار ڏئي حب مان سول اسپتال ڪراچي موڪليو پر ان زخميءَ کي به کنڀڻ لاءِ ڳجها ماڻهو اسپتال پهچي ويا. ٻئي ڏينهن پتو پيو ته الهوڌايو مهر جو به لاش مليو. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ ۾ هڪ ڪاوڙ جي لهر محسوس ٿي رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌي قومپرستن مزاحمت بدران وچون رستو اختيار ڪيو، يعني مذمت ڪرڻ جي حد تائين، احتجاج هڙتال جي اپيل تائين. ان دوران سوشل ميڊيا تي هڪ بحث شروع ٿيو ته ڇا هاڻي 7 ڊسمبر تي سنڌ ۾ ايڪتا جي نالي تي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو وڃي؟ هڪڙن ماڻهن جو خيال آهي ته ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو وڃي.

پر ان کي احتجاج ۽ طاقت ۾ تبديل ڪري سڄي سنڌ ۾ سنڌي نوجوانن جي ”ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگز“ خلاف ”سوڳ“ جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ۽ هن ڏينهن تي ناچ، گانو، رقص، هوجمالو، موسيقيءَ جون محفلون ڪرائڻ بدران صرف ايڪتا خاطر گڏ ٿجي، انقلابي گيتن سان گڏ ڪارا ڪپڙا پائي احتجاج ڪجي. سڄي دنيا کي کڙڪائجي ته پاڪستان جا رياستي ادارا سنڌ ۾ وڏي خونريزيءَ جي راند کيڏي رهيا آهن پر هڪ صحافي دوست تبصرو ڪيو ته ”ناچ گانو ۽ ثقافت وڪرو ڪرڻ جو وکر آهي پر احتجاج وڪرو ٿيڻ جو وکر ناهي.“ ڳالهه ٺيڪ آهي. ٻي صلاح اِها آهي ته ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائجي، ناچ گانا به جاري رهن پر ڪاريون پٽيون ٻڌي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪجي! مطلب راڳ رنگ ضرور ڪجي پر احتجاج به ڪجي. اهو خيال ته ائين ٿيو ته خوشي ۽ غم ٻئي گڏوگڏ. مطلب دڪان به هلي، قومي فرض به پورو ٿئي. پر دڪان بند نه ڪبو. ٽين راءِ اِها آهي ته 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي جا سڀ پروگرام ملتوي ڪيا وڃن، يعني ستين ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏهاڙو نه ملهايو وڃي،

بعد ۾ ملهايو وڃي. ان دوران سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جا اجلاس به ٿيا پر انهن 7 ڊسمبر بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ستين ڊسمبر کانپوءِ بک هڙتالن جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ وري 5 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي سيمينار جو فيصلو ڪيو.سنڌي قومپرست ڌريون اهو پيون چون ته سنڌ ۾ سنڌوديش جي ڪا به تحريڪ نه پئي هلي، نه سنڌ ۾ هن وقت هٿياربند جدوجهد ڪري سنڌي نوجوانن کي مارائڻ گهرجي. مطلب قومپرست اڳواڻ بحث ۾ مُنجهي پيا پر جيڪا ڳالهه منظرعام تي نظر پئي اچي، اُها هيءَ آهي ته ٻلهڙيجيءَ کان وٺي ڪراچي تائين سوڳ جي لهر آهي. سرويچ پيرزادو، واجد لانگاهه، فهيم ڀٽو، ڪريم ميمڻ، الهوڌايو مهر، آصف پنهور، وحيد لاشاري جا جنازا کڄيا، سندن مائرون، ڀينرون هنجون هاري رهيون آهن. ڪمليش ڪمار نالي هڪ نوجوان سميت ڪيترائي نوجوان لاپتا آهن. سنڌي ماڻهن ۾ هڪ اجتماعي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر آهي.

فيس بوڪ تي هزارين سنڌين پروفائيل تصويرن کي ”بليڪ بارڊر“ ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙ سنڌ جا دانشور ۽ لکيا پڙهيا ماڻهو اها ڳالهه وساري رهيا آهن ته هي هڪ عام ۽ سولي ”ميڊيم“ آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ جو هر ماڻهوءَ وٽ اختيار آهي. هڪ ئي وقت لکين ماڻهن جو گڏيل اظهار ان ۾ نظر ٿو اچي. سو لکين ماڻهن جي راءِ کي رد نٿو ڪري سگهجي. جيئن ته ٽي وي چينل يا اخبار ”ڪنٽرولڊ ميڊيا“ آهن. ان ڪري عام ماڻهوءَ جي ان تائين ”دسترس“ ناهي.

ساڳي ريت جيئن لکيو ته هي ڪاروبار ڪندڙ ادارا آهن، ان ڪري ”اسڪرين“ تي هلندڙ هڪ هڪ سيڪنڊ جو حساب ڪتاب رکيو ويندو آهي. ان ڪري عام ماڻهو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري ٿو. موبائل فون وسيلي سوشل ميڊيا ساڳي وقت ايتري ئي تيز ميڊيا آهي جيتري سيٽلائيٽ تيز آهي. سيڪنڊن ۾ هڪ اسٽيٽس، تصوير يا وڊيو لوڊ ٿي وڃي ٿي. ان جو دٻاءُ ايترو آهي جو سياسي ڌريون، حڪمران ۽ خود ميڊيا هائوسز جو موڊ آف ٿي ويندو آهي، پوءِ سندن ساٿاري ٻولڙيا درٻاري دانشور اهو چوڻ شروع ڪن ٿا ته ”فيس بوڪي جهادي“ ”فيس بوڪي دانشور“، ”فيس بوڪي اديب“ وغيره وغيره. پر ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙا زبردست تجربا ٿيا آهن ته سوشل ميڊيا ذريعي راءِ عامه تيار ٿي سگهي ٿي.

سو اڄڪلهه سنڌ ۾ 7 ڊسمبر جي ثقافتي ڏهاڙي جي خلاف عوامي راءِ اچي رهي آهي ۽ سياسي قيادت کان عوام جي ابتڙ راءِ اچي رهي آهي. عام ماڻهو سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ چچريل لاشن جو سلسلو هڪ وڏي سازش جو نتيجو آهي. ان جي ردعمل ۾ سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌين تي حملا ٿيندا. وري ساڳيو رينگٽ ٿيندو ته سنڌي انتهاپرست آهن. بلوچستان جهڙو ماحول سنڌ ۾ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته عام طور تي سنڌي عوام ڪڏهن به هٿياربند جدوجهد جي حمايت نه ڪئي آهي پر هن قسم جي صورتحال ۾ ماڻهن کي چڙ ڏياري پئي وڃي. ان سڄي صورتحال تي سنڌ سرڪار جي خاموشي ته بي شرميءَ جو اعليٰ منظر آهي پر  سنڌ ۾ ايڪتا کي احتجاج جو رنگ ڏيڻ جي سوچ مضبوط ٿي رهي آهي. ان ڪري 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ڪري ملهائڻ بدران سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف سوڳ جو ڏينهن ڪري ملهائي سگهجي ٿو يا سياسي اڪابر سنڌي قوم کي واٽ ڏسين ته اُها ڪهڙو رستو اختيار ڪري. تاريخ ۾ ”قيادت“ تي ميار ايندي، قوم تي ڪڏهن به نه ايندي.

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *