سائين جي  ايم    سيد   جي مهمان نوازي هئي !؛ روشن علي

17 جنوري سياري جي رات هئي هر پاسي ٿڌي هوائن جي لهر ڇانيل هئي سن شهر جي پانڌئيڙن جا قافلا به انهي تاريخي شهر طرف روان دوان هئا پنهنجي سنگت جو به پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هيو جڏهن سيد جي شهر سن ۾ پهتاسين ته عجيب خوشي چهرن تي اچڻ لڳي هئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ شهر جي لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ٿي سگهن ٿا پر جڏهن پنهنجو اتي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڃڻ ٿيو ته سن شهر جي سنڌو دريا کان ويندي شيخ عبدالمجيد پارڪ جي کليل وڏي پارڪ کي ڪير وساري سگهي ٿو.سخت سردي جي موسم آهي هر نوجوان توڙي ٻڍو ڪارڪن توڙي قومي فنڪار سخت سردي باوجود پنهنجي سنڌ جي عظيم رهبر جي اوطاق جي طرف راهي ٿيندا رهن ٿا.سائين جي ايم سيد جي سنڌو دريا واري اوطاق ۾ سائين هر هڪ سان ملڻ بعد حال احوال وٺي ٿو نه صرف اهو ته ڪير آهين پر تفصيلي احوال وٺندي پورو نالو،پيءُ جو نالو ذات ۽ ڪهڙي شهر ،پاڙي محلي ،اصل ڪٿان جا وڏڙا هئا معنيٰ ته گهرائيءَ سان مڪمل احوال وٺڻ بعد وري ٻئي ماڻهو کان ائين ئي حال احوال وٺندا رهن ٿا.سڀني آيل مهمانن کان اهو حال احوال وٺڻ بعد سڀني کي چوندا سن ۾ منهنجي سن شهر تي ڀلي ڪري آيا جيئي ڪري آيا ۽ سوين هزارين مهمانن جي اچڻ تي بي حد خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي خدمتگار غلام قادر (شايد) انهي جو اهو نالو هيو کي چوندا هئا ته انهن سڀني آيل مهمانن جي خاطر ڪرڻي آهي انهي اڇي ڏاڙهي واري خدمتگار وري هر هڪ کي اوطاق ڀرسان واري جاءِ ۾ مٽي جي ٿانو پاٽڙن ۾ برياني پلاءُڏيندو رهيو.

اهو ئي نه پر سيد جو چوڻ هيو ته انهن سڀني آيل منهنجي مهمانن کي ماني بعد هر هڪ کي کير پڻ پياريو وڃي.ايترو ئي نه پر اڃان سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو ته آيل مهمانن کي عزت ۽ احترام سان رهائش لاءِ جڳهه هنڌ بسترو پڻ هر هڪ کي ڏئي پوءِ مون کي ٻڌايو وڃي۽ ائين ئي واقعي سيد جي چوڻ مطابق آيل مهمانن کي ماني ٽڪي کان پوءِ هر هڪ کي هنڌ بسترو ڏنو ويو جنهن ۾ ويهاڻو،رلي،چادر، سي کان بچڻ لاءِ سوڙ ڏني وئي.جنهن تي عقل حيران ٿي ويو ته سيد جي اوطاق تي مهمان نوازي جو حال احوال  پهريان ٻڌندا هئاسين پر اڄ هر هڪ جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي اها مهمان نوازي ڏسون ٿا.ان لاءِ ئي پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ موجوده سينيٽر مشاهد حسين سيد جيڪوصحافت جي حوالي سان سائين جي ايم سيد کان سن شهر ۾ انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيو هيو ۽ سيد جي اوطاق تي پهچڻ بعد هڪ ڏينهن انٽرويو ڪري موٽڻ وارو ٻڌايو ٿو وڃي ته 3 ڏينهن رهي پيو سائين جي ايم سيد جي مخلصانه مهمان نوازي کان انتهائي گهڻو متاثر ٿيو ۽ سيد جي ڏاهپ،دانشمندي، علم عقل سياسي سوچ ۽ مدبرانه شخصيت کي جيڪو منفي انداز ۾ بيان ڪيو ويو هيو ان جي برعڪس هن سيد جي شخصيت تي ٽي ڏينهن ڄڻ ته ريسرچ ڪئي هجي ۽ تسليم ڪيائين ته جيڪي انهي عظيم شخص جي خلاف اجائي سجايون ڳالهيون ڪندڙ هئا اهي وڏا ڪوڙا ۽ فريبي ماڻهو آهن.سائين سان مون ٽي ڏينهن گذارايا .ان ۾ مون کي ڪو به عيب، ٺڳي، فريب،سياسي چالبازي يا عام سياستدانن وانگر ٻاهر ۾ هڪڙا ۽اندر ۾ وري ٻيا هوندا آهن.هي سنڌ جو سادو سچار سياستدان مون کي نظر آيوهن وٽ هر هڪ جي لاءِ عزت احترام ۽ بنا ڪنهن فرق جي سڀني لاءِ ۽پوري انسانيت جي خدمت ڄڻ ته هن لاءِ عين عبادت هجي. ان ۾ مان نفرت ساڙ ڪوڙ نالي جي ڪا به ڳالهه نه ڏٺي.اسان جي به ڪا خوش نصيبي هئي جو انهيءَ سائين جي ايم سيد جي 1986ع واري سالگره ۾ سرحد جو عظيم قومپرست اڳواڻ خان عبدالغفار خان،سنڌي بلوچ پختون فيڊريشن جو تڏهوڪو مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽو،ڊاڪٽر ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳواڻ هئا.انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سيد جي سن شهر ۾ سنڌ جو البيلو ۽ يگانو قومي فنڪار علڻ فقير به آيل هيو سالگره جي موقعي تي اسٽيج سجايل هجي هر طرف قومي گيتن جي لولي ۽ ٻولي هجي انهيءَ موقعي تي هڪ وڏي پلال گاهه جي ڳنڍ وارو شخص به ضد ڪري بيٺو ته مون کي به سيد جي اسٽيج تي وڃڻو آهي پر سو به پوري پلال گاهه جي وڏي ٻه ٽي مڻ جي ڳنڍ سميت انهي تي سڀئي قومي ڪارڪن اچي ويا ۽ رستا روڪ جو ڪئي ته  علڻ فقير انهي ڳنڍ ڀريءَ واري يگاني مست کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ ڪاهي پيو پر ڪارڪن جو مڙن ئي نه پيا ته نيٺ سائين پاڻ مداخت ڪندي چيو ته علڻ فقير جو خيال کي ترجيح ڏيندي انهي مست ملنگ ماڻهو کي انهي ڳنڍ ڀري سميت ئي وٺي ويهاريو ويو.جنهن تي هزارين ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ اسٽيج جي سامهون وڏي پلال گاهه جي ڀري ڳنڍ به پئي رهي جيستائين اهو سالگره وارو پروگرام هلندو رهيو.علڻ فقير سنڌ جا قومي گيت چئي ٻڌايا جنهن تي هر طرف کان انهي کي داد ملڻ لڳو۽ سهڻي لطيف سرڪار جي وائي جهڙي طرح علڻ فقيرٻڌائي اهڙي انداز ۾ شايد ڪو ٻڌائي سگهندو هجي.جو سائين جي ايم سيد خود سندس جي ڳايل وائي تي داد ڏيڻ کان سواءَ نه نرهي سگهيو هيو.۽ ممتاز علي ڀٽو جا اهي لفظ ته هاڻي هن مرض ۾ مبتلا حصي جو علاج اسپرو جي گوري سان نه پر ڪهاڙي سان ئي ٿيندو ته سامهون ننڍي ڪوٺي تي بيٺل ڪجهه ماڻهن جي بيهڻ سبب اها ڪوٺي ڦهڪو ڪري ڪري پئي هئي جنهن تيِ هر طرف کان هوڪرا ٿي ويا هئا ۽ انهي سالگره واري تقريب ۾ سائين جي ايم سيد توڙي خان عبدالغفار خان جون جيڪي يادگار تقريرون ٿيون ۽ انهن جيڪو تاريخي ملڪ جي وجود کان ويندي موجوده حالتن مطابق پس منظر پيش ڪيو هيو اهو هڪ خود ملڪ جي يادگار تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو.

معنيٰ ته سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي عظيم سياسي تاريخ جو باب هيو جنهن جي هر پهلو ۾ ڪيتريون ئي انسانيت سان ڀرپور ڳالهيون ملن ٿيون.ٻڌايو وڃي ته سڄي دنيا جي اندر اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن جي عدم تشدد جي ذريعي پنهنجي رواداري،سهپ،صبر،تحمل ۽ هر ٻئي پيغام ۾ اخلاص نيڪ نيتي جو درس شامل آهي.ڪنهن سان به بد اخلاقي ذريعي ڪڏهن به ڪنهن جي دل نٿا کٽي سگهو.سيد جي وڌ ۾ وڌ هدايت ۽ تاڪيد رهندي هئي ته صالح بڻجو ڪردار ۾ اهڙا بڻجي وڃو جو توهان کي ماڻهو ڏسي حسرت ڪن ته اهڙي صالحن جي جماعت وارا سيد جا ڪارڪن آهن.توهان پنهنجي عمل ذريعي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهو ٿا.سائين جي ايم سيد جي عظمت کي لک سلام جنهن پنهنجي اکين جي نور کي نچوڙي ذهني پورهيو ڪري پوري انسانيت لاءِ علم جو لازوال سرمايو پوئين ڪارڪنن،ورڪرن ۽ سنڌي قوم کي ڪيترن ئي ڪتابن جي صورت ۾ ڏئي ويو.سائين جي هڪ هڪ ڪتاب ۾ علمي خزانو ڇوليون ٿو هڻي ڪهڙي ڪهڙي ڪتاب جي ڳالهه ڪجي.جنب گذاريم جن سين،سنڌ ڳالهائي ٿي،جيئن ڏٺو آهه مون،شاهه جو رسالو ۽ ٻين ڪتابن کي ڏسڻ سان معلومات جو عظيم ذخيرو ملي ٿو. مقصد ته سائين جي 60 کان وڌيڪ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي نه پر پوري برصغير جي سياسي هلچل سميت سائين جي سياسي بصيرت جو ۽ خاص ڪري صوفي ازم جي تعليمات جو کليل ۽ واضح مثال انهن تحريرين مان لڳائي سگهجي ٿو.هيءُ ايڏي وڏي پائي جو بين الاقوامي مدبر سياسي دانشور ليکڪ شايد دنيا جي اندر ڪو اهڙو سياسي رهبر باني اڳواڻ هجي جنهن جي سڀ کان وڌيڪ نظر معاشري جي هر پاسي سميت پنهنجي ماروئڙن ڌرتي جي ڏکايل ستايل مسڪين ماڻهن جي حقيقي معنيٰ ۾ رهنمائي جا اصول واضح ڪرڻ ۽ عد م تشدد جي صحيح معنيٰ ۾ راه متعين ڪرڻ ڪا مذاق ناهي.سائين سنڌي ٻولي تي گهرائيءَ سان نظر رکندڙ شخصيت هيوگڏوگڏ هو عربي،فارسي،انگلش،اردو ۽ ٻين ٻولين تي به  عبور رکندڙ هيا.ڀلي جو ڪيڏا به سائين جي ايم سيد سان ڪنهن جا سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر هر هڪ سنڌ واسي اهو يقين سان چوندو ته سنڌ جو جيڪڏهن ڪو سچو عاشق هيو ته سيد ئي هيو جنهن هر پنهنجي عمل ذريعي قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون پر سنڌ جي عشق ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ 32 سالن جي قيد جي دوران ئي سائي جي ايم سيد 25 اپريل 1995ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ سيد جي ساڳئي راهه جو پانڌئيڙو وري سيد جو سچو سپاهي شهيد بشير خان قريشي ٿيو.جنهن کي پڻ هر وک تي سور صدما وک وک تي تڪليفون ملنديون رهيون پر هو پنهنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي قائم رهيو۽ ثابت قدمي سبب ئي ان کي ڪراچي جي تبت سينٽر تي لکين ڪروڙين سنڌي عوام جي موٽ ملي جنهن جو تصور ڪرڻ به ڏکيو هيو پر سيد جي سچي سپاهي پنهنجي تن من جي بازي لڳائي سنڌ جي عوام کي متحد ۽ منظم ڏسڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻي دنيا آڏو واضح ڪيو ويو ته سنڌ جو عوام ڇا ٿو چاهي.انهي ڏينهن يقينن سائين جي ايم سيد به تبت سينٽر ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي سنڌي قوم سان گڏ بيٺل هوندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *