زندگي هڪ امتحان: گل بيبي لنڊ بلوچ، دادو

زندگي خدا جي طرفان مليل هڪ تحفو آهي پر هي دنيا هر وقت انسان کان امتحان پئي وٺندي آهي ڪجهه امتحان ته اهڙا مشڪل هوندا آهن جو ڪجهه ماڻهو وقت کان اڳئي همت هارائي ويندا آهن زندگي ۾ انسان کي سخت محنت ڪرڻ کپي هر مشڪل ڪم کي بهادري سان ڪري بلڪه همت نه هارائي اگر انسان جا رادا مظبوط آهن ته ڪوبه ڪم مشڪل نه آهي. ڏک ۽ سک ته انسان جي زندگي  جو هڪ حصو هوندو آهي جڏهن انسان کي ڏک ملندا آهن ته اهي پنهنجي زندگي مان تنگ ٿي پوندا آهن ۽ جيئن جو مقصد ئي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو اهڙا ته بهادر هوندا آهن جو هر مشڪل سان مقابلو ڪندا آهن انهن کي اهڙا ته ڏک ملندا آهن جو انهن جو روح به تڙپي پوندو آهي ان باوجود به هو همت نه هارائيندا آهن آخر هڪ نه هڪ ڏينهن اهي پنهنجي زندگي جي امتحان ۾ پاس ٿي ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ٿورن ڏکن ۾ به پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن زندگي ۾ انسان هر مشڪل جو مقابلو ڪري خودڪشي ڪرڻ يا پنهنجي ضمير کي ٻين جي غلامي ڪرڻ زندگي نه آهي جيتري به زندگي آهي ان ۾ سخت محنت ڪرڻ گهرجي ڪاميابي آخر قدم چمندي ڪڏهن به انسان ڏکن ۾ حوصلو نه هاري ها مان سمجهي سگهان ٿي ته ڪجهه ڏک اهڙا ته دردناڪ هوندا آهن جو انسان جيئڻ جو مقصد ئي ڇڏي ڏيندو آهي بهادري مرڻ جو نالو نه آهي بلڪه جيئڻ جو نالو آهي.

سک جڏهن انسان کي سک ملندا آهن ته اهي ايترا  ته مغرور ٿي ويندا آهن جو انهن کان الله جو شڪر ڪرڻ وسري ويندو آهي عياشين ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ تڪبر ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهي چوندا آهن ته هي سڀ ڪجهه مان ڪيو. اهي ماڻهو ڪاش ڪنهن  بکايل ماڻهو جو احساس ڪري يا ڪنهن ماڻهو جي تڪليف ۾ ان جي مدد ڪري انهن ماڻهن کي خبر ئي نه آهي ته تڪليف ڇا آهي يا اگهاڙن کي ڪپڙا پارائي يا انهن جي مصبت ۾ مدد ڪري اهو ماڻهو صرف اهو سوچي ته الله سائين مون کي ايترو ڪجهه ڏنو آهي ان مان ٿورڙو حصو ڪڍي ڪنهن غريب ماڻهو جي مدد ڪيان جڏهن سڀ ڪجهه ان جي هٿ مان هليو ويندو آهي ته پوءِ پڇتائيندو آهي زندگي محبت ڪرڻ جو نالو آهي محبت ۾ ڪجهه ڪلاڪ مهينن جي برابر ڪجهه سالن جي برابر لڳن ٿا ۽ هڪ پل يا لمحي جي جدائي عمر جي جدائي محسوس ٿئي ٿي. دلفريب يا خوبصورت شي تي گهڻو اعتبار نه ڪريو هڪ خوبصورت يا سٺو چهرو بذات خود بهترين شفارش سٺي صورت دل کي متاثر ڪري ٿي پر سٺي سيرت روح  کٽي وٺي ٿي محبت هڪ اهڙو نشو آهي جيڪو داناء نادان کي هڪ ئي طرف سان ٻنهي تي جادو ڪري ٿو ڇڏي محبت هڪ پاڪ جو جذبو آهي جو هر انسان جي دل ۾ هوندو آهي پيءُ ، ماءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان محبت ڪرڻ محبت جا روپ هوندا آهن هڪ ته پنهنجن سان محبت ڪرڻ جيڪي رشتا اسان کي خدا جي طرفان مليل آهن ٻيو ته ڪنهن ماڻهو سان محبت ٿي وڃي اڪثر ماڻهو پنهنجي مطلب لاءِ محبت جهڙي پاڪ جذبي کي استعمال ڪندا آهن ۽ غلط ڪم ڪندا آهن. محبت ته روح جو سڪون هوندو آهي ته ماڻهو ان کي غلط طريقي سان ڇو استعمال ڪندا آهن هڪ اها پاڪ محبت هوندي آهي جو انسان سڄي زندگي پنهنجي دل ۾ رکي جيئندا آهن مان انهن انسانن کي سلام ٿي ڪيان جنهن زندگي خوشي جو نالو آهي. جنهن انسان زندگي ۾ ڪڏهن به ڏک نه ڏٺا آهن ان کي زندگي جي هر سهولت ملي هجي اهو انسان ته چوندو زندگي خوشي جو نالو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه انسان اهڙا به هوندا  آهن جو سڄي محبت ڪندا آهن  ۽ زندگي جي خوشي کي تلاش ڪندا آهن ۽ اهي  ٻين جي خوشي کي ڏسي دل ئي دل ۾ ان خوشي جي حسرت ۾ هوندا آهن ۽ ڪجهه انسان اهڙا هوندا آهن جو ٿورڙي خوشيءَ لاٰءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان  ڪري ڇڏيندا آهن يا وڃائي ڇڏيندا آهن. زندگي وڇوڙي جو نالو آهي. وڇوڙو ڇا آهي جنهن کان پنهنجو پيارو وڇڙي وڃي يا ويو هجي وڇوڙو تمام ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي جڏهن ڪو پنهنجو وڇڙي ويندو آهي ته اهو تمام گهڻو ياد ايندو آهي اهي سڀ ڳالهيون ته زندگي ۾ هونديون آهن جڏهن ڪنهن کان پنهنجو جوان ڀاءُ وڇڙي وڃي ان تڪليف جو ته ڪوبه اندازو ئي مه ٿو لڳائجي يا اسان کان ڪو پيارو ليڊر وڇڙي وڃي جيئن محترمه بينظير ڀٽو زندگي ته هلي رهي آهي زندگي ته نه روڪندي آ، اها اسان جي ڪهڙي نه پياري ليڊر هئي ايترا سال گذرڻ جي باوجود اسان جي دل ۾ ان لاءِ ڪيڏي ته محبت آهي ان پياري ليڊر جي وڇوڙي کي ياد ڪري اسان جي دل اڃا به زارو قطار روئيندي آهي. جدائي دل جي پياس وڌائي ٿي ڇڏي محبت ته ڪئي انهن ڪنهن جي رسوائي نه ٿئي محبت هڪ پاڪ جذبو آهي ڪجهه ماڻهو جو هن پاڪ جذبي کي سمجهن ٿا نه ته گهڻا ماڻهو ته هن نالي کي بس استعمال ڪندا آهن اڄ جي دور ۾ ڪا به محبت نه آهي هي بس مطلبي زمانو آهي جيڪي نوجوان ڇوڪرين کي بيوقوف ڪن ٿا ڪاش سڀ ماڻهو همت وارا هجن جو هي جذبو دل ۾ هوندي به ڪوبه غلط ڪم نه ڪن محبت ته محسوس ڪرڻ جو نالو آهي حاصل ڪرڻ جو نه . زندگي انتظار جو نالو آهي. زندگي ۾ اڪثر ماڻهو ڪنهن ڪنهن جي انتظار ۾ هوندا آهن انتظار ايڏي ته مشڪل آهي جو هن ۾ به ماڻهو هر پل مرندا ۽ جيئندا آهن تڏهن به ڪجهه ماڻهو سڄي زندگي انتظار ۾ گذاري ڇڏيندا آهن زندگي ته انسان کي هڪ دفعو ملندي آهي پر آءُ به اهي ماڻهو پنهنجي محبوب يا محبوبا لاءِ سڄي زندگي انتظار ڪندا آهن ڪجهه ڏينهن جو انتظار سالن جي برابر لڳندو آهي تڏهن به اهي ماڻهو پنهنجي پيار لاءِ سڄي زندگي قربان ڪري ڇڏيندا آهن هن دور ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن پنهنجي زندگي انتظار ۾ گذاريو هجي يا گذاري رهيا آهن انتظار تمام مشڪل ۽ ڏکيو آهي انتظار ڪجهه ڪلاڪن سالن جو برابر لڳندو آهي ته سڄي زندگي جو انتظار ته صدين جي برابر لڳندو آهي اگر ڪو انسان انتظار ۾ هجي ۽ ان جو موت جو ٽائيم ٿي وڃي تڏهن به ان جون اکيون دروازي ۾ هونديون آهن ۽ انهن کي هڪ هڪ دل جو انتظار هوندو آهي. اگر انهن جو ساهه هليو ويندو تڏهن به انهن جون اکيون کليل رهجي وينديون آهن ۽ انهن جو روح تڙپندو رهندو. آخر اهو ايترو مشڪل ڇو آهي ايترو مشڪل هوندي به ماڻهو انتظار ڇو ڪندا آهن انتظار به زندگي جو هڪ حصو آهي جيڪي ڪنهن ماڻهو جي نصيب ۾ لکيل هوندو آهي. زندگي تڪليف جو نالو آهي. هي زندگي ڇا آهي ڇاڪجي هن زندگي ۾ هر انسان کي تڪليفون ۽ تمام گهڻا مشڪلات پيش آيا هر انسان هڪ ڪهاڻي آهي ۽ ماڻهو کي کلندي سندا آهيون ته چوندا آهيون هن ماڻهو جهڙو ته ڪير به خوش نه هوندو جڏهن ان سان ڳالهائيندا آهيون يا ن جي زندگي جي باري ۾ خبر پوندي آهي ته ان ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ايڏيون ته تڪليفون ڏٺيون آهن جو اسان سوچيندا آهيون ته اسان ڇا ڏک ڏٺا آهن هن انسان پنهنجي زندگي ۾ ايتريون تڪليفون ڪيئن برداش ڪيون آهن ائين هر انسان پنهنجي زندگي ۾ ان تڪليف کان ضرور گذريو هوندو جيڪي روح کي به تڙپائي ڇڏيو هوندو ڪنهن کي زندگي ۾ پيار نه مليو هجي ڪنهن کي کائڻ لاءِ ماني نه ملي ڪنهن انسان کي اولاد جهڙي نعمت نه ملي هجي ڪنهن انسان کان پنهنجو پيارو وڇڙي ويو هجي يا ڪجهه انسان خراب بيمارين جي ڪري تڪليف ۾ زندگي گذاريندا آهن بيماريون ته انسان جي هر خوشي ختم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ انسانن جي جيتري به زندگي هوندي آهي اهي تڪليف ۾ گذاريندا آهن ڇا ڪن جو انسان جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي اهي سڀ زندگي جو حصو آهن. مينهن جيڪڏهن تون منهنجي اکين کان وسڻ سکين ها ته بس ئي نه ڪرين ها ڪڪر منجهه ڪاپار،بيت اندر سڄو ڪڪر آهي مهر نظر جو ڪڪر نه لاهه، اهي عشق وارا ڪيني کان پاڪ ۽ پري رهن ٿا.

زندگي برداش ڪرڻ جو نالو آهي.: جيڪي ماڻهو برداش ڪرڻ ڄاڻن ٿا اهي زندگي جي هر مشڪل کي منهن ڏئي ويندا آهن هي برداش جو مادو به ڪنهن انسان ۾ تمام گهڻو آهي جيڪي ماڻهو هر مصيبت ۽ مشڪل حالت ۾ برداش جو مادو ختم ته ڪندا آهن اهي انسان زندگي ۾ ڪامياب هوندا ڪجهه ماڻهو ته اهڙا  ڪمزور هوندا آهن جو ٿورڙن ڏکن ۾ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهامي ڇڏيندا آهن ۽ اها زندگي ٿوري ئي هوندي آهي زندگي ته برداش ڪرڻ جو نالو آهي (اعلى قسم جي جوڳين، سامين، کي الک کي وڌو ٿيڻ لاءِ ۽ ان منزل تي پهچڻ لاءِ ننڊ نه ٿي اچي اوجاڳي ۾ رام، خدا ڏي رمندا هلندا، ٿا وڃن جيڪي پاڪ محبت ڪندا اهي پاڪ آهن انهن جو درد دوا نه پر عشق جو وصل آهي درد انهن لاءِ تحفو آهي. زندگي ۾ ٽي ڳالهيون تمام سخت هونديون آهن هڪ موت جو خوف ٻيو مرض جي گهڻائي ۽ ٽيون قرض جي ذلت. (خوشي سان ڪجهه برداشت ڪيو وڃي ته بوج هلڪو ٿئي ٿو) زندگي ٻين خاطر جيئڻ جو نالو آهي. زندگي ٻين خاطر جيئڻ جو نالو هوندو آهي هر ماڻهو ٻين لاءِ جيئندو ۽ محنت ڪندو رهندو آهي جيئن انسان پنهنجي زندگي ۾ اولاد لاءِ ڪجههنه ڪجهه ڪندا رهندا آهن جيئن هڪ ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ سڄي زندگي قربان ڪري ڇڏيندي آهي يا ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪندو آهي ته گهر جا سڀئي ڀاتي خوش رهن ۽ پنهنجي زندگي جي باري ۾ سوچيندو ئي نه آهي ڄڻ هي ٻين خاطر جيئي پيو. سچي خوشقسمتي  اها ئي آهي ته هڪ  سٺي زندگي گذاري وڃي ۽ خوشگوار موت  تي ختم ٿئي. زندگي ۾ ٻه الميه هوندا آهن. (1) جنهن جي خواهش هجي ان جو نه ملڻ. (2) جنهنجي خواهش نه هجي ان جو ملي پوڻ اها آهي زندگي.

********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *