زال ۽ سالن هٿان قتل ٿيل اياز سانگي انصاف گهري ٿو..!: ثقلين سانگي

سفاڪ زال ٻن دھشتگردن ڀائرن ھٿان نوجوان خوبصورت ، خوبصيرت شھزادي گلن جھڙي مڙس مٿان تشدد ڪرائي کيس مارائي ڇڏيو. شھيد اياز حيسن سانگي گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام محمد ۾ ھيڊ ماستر ھيو.مقتول اياز حيسن سانگي جي قاتلن کي پوليس ۽ سياسي ماڻھن سان گڏ با اثر ملڪ جي بدنام ڪندڙ سزا يافته ، جعلي ڪرنسيءَ جي ڏوھن ۾ ملوث ، فحاشيءَ جا اڏا ۽ شراب ھلائيندڙ ظالم قسم جي ماڻھن جي طرفان تحفظ مليل آھي ۽ قاتلن جي گھرن مٿان پھرو مقرر ٿيل آھي.20.10.2017 تي قاتلن کي پوليس جي موبائل ۾ ويھاري تحفظ ڏئي ٽنھي قاتلن پروين سومرو، نصير سومرو  ۽ وسيم سومرو کي ھاءِ ڪورٽ ۾ پروٽيڪٽو بيل لاءِ آندو ھاءِ ڪورٽ ۾ اڳ ئي موجود آصف سومرو وڪيل پنھنجي عھدي جو ناجائز استعمال ڪندي ، ياري دوستي جي بنيادن قاتلن جي شفارش ڪري کين پروٽيڪٽو بيل 15 ڏينھن لاءِ ملي ويو جڏھن ته اھو بيل ھڪ ھفتي يعني 7 ڏينھن لاءِ ھوندي آھي.

انسانن ۽ انسانيت جي پيروڪارن مظلومن جي مدد ڪرڻ بدران قاتلن جو ساٿ ڏيندي انصاف ۽ انسانيت جا بکيا اُڍيڙي ڇڏيا آھن، پروٽيڪٽو بيل ملڻ کان پوءِ قاتلن طرفان شھيد اياز حسين سانگي جي وارثن کي ڌمڪيون ملي رھيون آھن ته ڪيس تان ھٿ کڻي وڃو ٻي صورت ۾ اوھان تي ڪيس داخل ڪري گھرن مٿان حملا ڪيا ويندا . ھن ملڪ جي محبوب اڳواڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قاتل، شھيد مير مرتضٰي جي قتل، شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جو انصاف ئي نه ملي سگھيو ته پوءِ شھيد اياز حسين سانگيءَ جي قتل جو انصاف ڪير ڪندو جنھن ملڪ جا ماڻھو ظالمن جا ساٿاري ھجن اُتي مظلومن جي داد رسي ڪئين ٿيندي؟

ھن سفاڪ عورت جيڪو عمل ڪيو آھي ان واقعي تي ھر غيرتمند انسان جي اکين مان لڙڪ اکين جا بند ٽوڙي ڳلن تي لڙي آيا. 14 سيپٽمبر 2017ع جي باک ڦٽندي عجيب موت جو پرونو کڻي موت وارو ملائڪ استاد اياز حسين سانگيءِ جي گھر پھتو سندس ئي نمڪ حرام زال پروين سومرو پنھنجي ٻن دھشتگرن ڀائرن نصير سومرو ۽ وسيم سومرو کي فون ڪري گھرائي ورتو . وسيم سومري تي اڳ به (ATC) ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھن ھن پروين سان گڏجي ھڪ گلن جھڙي خوبصورت ۽ شھزادي مٿان تشدد ڪري مرڻينگ ڪري پنھنجي خيال ۾ موقع تي ماري ويا . استاد اياز سانگي کي سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيو ويوجتي سندس طبيعت نه سڌري سگھي کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچيءَ پھچايو ويو. نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ موت سان جھيڙيندي زندگي جي جنگ ھارائيندي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو.5 آڪٽوبز 2017ع تي استاد اياز حسين سانگيءَ جو مڙھ لاڙڪاڻي آندو ويو ضروري ڪاروائي بعد شھيد اياز حسين سانگيءَ جي جسد خاکي کي سندس جي اباڻي ڳوٺ جيءَ وادي حسين قبرستان مڏ باھوءَ ۾ دفنايو ويو. استاد اياز حسين سانگي جي موت جي خبر باھ جيان جھر جھنگ ۾ پکرجي وئي ڏسندي ئي ڏسندي ھزارين ماڻھو پھچي ويا جنھن ۾ استاد ، دوست ۽ ھمدرد ھيا.

استاد اياز حسين سانگي سنڌ يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي شھيد اياز حسين سانگي پنھنجن دوستن جا اڪثر يونيورسٽي جا استادن جون ساروڻيون ساريندو ھيو.

ھن مظلوم انسان جنھن ظالم عورت سان شادي ڪئي جيڪا پنجاب جي رحيم يار خان ڪوٽي شاھ چاچڙان شريف جي ھئي.ھن سفاڪ عورت جي اڳ ۾ شادي حاجي محمد نواز سومرو سان ٿيل ھئي جنھن کي پڻ ھن پنھنجن ڀائرن کان ئي قتل ڪرايو . حاجي محمد نواز سومرو کي اھڙي طرح قتل ڪيو ويو ھو جيئن استاد اياز حسين سانگيءَ کي قتل ڪيو ويو . پنجاب ۾ قتل ڪرڻ بعد ڀڄي آيا ۽ ھنن مٿان رحيم يارخان ضلع ۾ ڪيس داخل آھن . پروين سومرو کي اڳئي مڙس مان ٻه ڌيئر پڻ ھيون جيڪي استاد مير اياز حسين سانگي پالي جوان ڪيون. جڏھن ته پروين سومرو کي استاد اياز سانگي مان 5 ٻارڙا آھن جيڪي روئيندي روئيندي پيءُ کي ياد ڪري بابا کي پڪاري ھينانءُ ڏاريندڙ منظر سندن آھون پڪارون دل ۾ درد رکندڙ نٿا برداشت ڪري سگھن خبر ناھي استاد اياز حسين سانگي جي گھر کي ڪنھن بد نظر جي نظر کائي وئي جو وسندڙ گھر ويران ٿي ويو.

شھيد استاد اياز سانگي جي قتل تي سندس پوڙھو پيءَ ۽ ماءُ روئيندي پنھنجو نور نچوئي رھيا آھن .

شھيد اياز حيسن سانگي جي ايف آءِ آر الهه آباد ٿاڻي تي گناھ نمبر 95 ۽ قلم 302.114.348 تحت داخل آھي. ليڪن SHO الھه آباد امداد هليو گرفتار ڪرڻ بجائي قاتلن جو سھولتڪار بڻيل آھي ۽ قاتلن جي ھر طريقي سان مدد ڪرڻ ۾ رڌل آھي ۽ قاتلن جي گھرن مٿان پوليس جو پھرو بيھاريو ويو آھي جنھن جا ثبوت فوٽيج ذريعي حاصل ڪيل آھن. استاد اياز حسين سانگيءَ جي قاتلن ۾ ملوث زال پروين سومرو ، نصير سومرو ۽ وسيم سومرو ۽ قاتلن جي سھولتڪارن سليم سومرو ۽ سندس ڀائر نديم سومرو جن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن مقتو ل جي وارثن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري . محترم فريال ٽالپر صاحبه کي اپيل ڪندي چيو آھي ته شھيد اياز حسين سانگيءَ جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي سانگي قبيلو جيڪو لاڙڪاڻي سميت سموري پاڪستان ۾ آباد آھي جن اندر سخت ڪاوڙ ۽ غصي جي لھر ڦھليل آھي . سانگي قبيلي جا بزرگ ۽ نوجوان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ محترمه فريال ٽالپر کان انصاف جي گھر ڪري رھيا آھن ۽ شڪايت ڪري رھيا آھن ته لاڙڪاڻي ضلع جو صدر عبدالفتاح ڀٽو دوستي نڀائيندي قاتلن جو ساٿاري بڻجي قاتلن جي درن تي پنھنجا ذاتي ھٿيار بند ويھاري ڇڏيا آھن ۽ مختلف ھربا ھلائيندي شھيد اياز حسين سانگي جي ڪيس کي خراب ڪرائڻ جي سازش ۾ مصروف آھي.

شھيد اياز حسين سانگي پنھنجي ڌڪن جي لڳڻ کانپوءِ الھه آباد ٿاڻي تي دانھيو ھيو ۽ NC داخل ڪرائي ھئي ليڪن ان باوجود به پوليس ھن جي داد رسي نه ڪري سگھي شھيد ٿيڻ بعد SHO الھه آباد امداد ھليو قاتلين سان ۽ ظالمن سان گڏ بيٺو آھي جنھن جا ثبوت ڦوٽيج آھن. جيڪڏھن لاڙڪاڻي ۾ اھڙي قسم جا سياستدان ۽ پوليس آفيسر رھيا ته لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون برباد ٿي وينديون . پوليس ۽ سياستدان تماشائي وارو ڪردار ڪندي نظر ايندا. پروين سومرو شھيد ٿي ويل اياز حسين سانگي جي وارثن تي ڪوڙيون پٽيشنون داخل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي.

شھيد استاد اياز حسين سانگيءَ جي وارثن چيف جسٽس آف سپريم ڪوٽ آف پاڪستان ، چيف جسٽس آف ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻي ، ونگ ڪمانڊر رينجرس لاڙڪاڻي کي اپيل ڪندي چيو آھي ته شھيد اياز حسين سانگيءَ جي قاتلن ۾ نامزد ٿيل قاتل عورت پروين سومرو، نصير سومرو، وسيم سومرو ۽ قاتلن جي سھولتڪارسليم سومرو، نديم سومرو ۽ فھيم سومرو خلاف سخت ڪاروائي ڪري شھيد جي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي . مڙس جي قتل ھڪ زال ٻه سالا ۽ ٽي سھولتڪار ۽ حد جي پوليس ۽ سياستدان مددگار ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ظلم ٿيندو ڌمڪيون وري ملن ٿيون موتمار. شھيد اياز حسين سانگيءَ جي قتل ۾ ملوث جوبدارن سھولتڪارن کي پاڪستان پيپلزپارٽي مان ڪڍيو وڃي جيئن پيپلزپارٽي جي ساخ خراب ٿيڻ کان بچي وڃي.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *