ريحام خان جي ڪتاب تي پابندي ڇو..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

ريحام خان جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين ئي ڪيترن  ئي بحثن جي ور چڙهي ويو آهي جنهن ڪري مٿس عارضي پابندي لڳائي وئي آهي.ڪتاب ۾ اهڙو ڇا آهي اهو ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي پر جيتري قدر ڪتاب تي اشوز آهن ۽ هنگامي حالتون پيدا ٿي رهيون آهن انهي مان صاف ظاهر آهي ته ريحام خان جو ڪتاب ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻندو وارو آهي.ڇو ته ظاهر آهي ته ڪتاب ۾ اهڙيون ڳالهيون ته ضرور آهن جنهن جي ڪري ڪتاب مٿان قانوني نوٽيس اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ سموري نوٽيس جو اهو ئي مقصد آهي ته ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ دير ڪئي  وڃي انهي ڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته جيتري قدر ريحام خان جو ڪتاب آهي جنهن ۾ اڪثر پاڪستان تحريڪ انصاف کي نشانو بڻايو ويو آهي انهي ڪري تحريڪ انصاف اهو ئي چاهي ٿي ته ڪتاب الڪيشن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ اچي يا مارڪيٽ ۾ نه اچي پر هن حالتن ۾ جتي الڪيشن تمام گهڻو ويجهو اچي وئي آهي اهڙي ماحول ۾ ڪتاب مارڪيٽ نه اچي ته بهتر ٿيندو.جڏهن ته اهي به ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته ڪتاب ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ انهن وڏن ماڻهن جي راز تان پردو کنيو ويو آهي جيڪي هن وقت شرافت جي چادر اوڍي پاڻ کي شريف سڏرائي رهيا آهن انهي ڪري شايد ريحام خان جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين ئي نوٽيسن  جي نظر ٿي ويو آهي،برحال ڳالهه هڪڙي ريحام خان جي ڪتاب جي ناهي جيڪو مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين ئي نوٽيسن جي ور چڙهي ويو هجي ۽ مارڪيٽ ۾ اچي نه سگهيو هجي پر اسان ماضي ۾ نظر ڊوڙائينداسين تي اهڙا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي به ويا آهن ۽ عوام تان پهچي به ويا آهن پوءِ ڀلي انهن ڪتابن  کي بحثن ۽ نوٽيس جي ور چاڙهي سندس پبلش تي پابندي لڳائي وئي هجي پر اهي ڪتاب هڪ دفعو ماڻهن جي نظر مان ضرور گذريا آهن پر ريحام خان جي ڪتاب تي سوشو اهو پهريون دفعو ڏٺو ويو آهي جنهن تي ايڏو هُل هنگامو پربا ٿيو آهي ان وقت ريحام خان جي ڪتاب اچڻ کانپوءِ سندس ڪتاب کي نه رڳو تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر سوشل ميڊيا تي ريحام خان جي خلاف هڪ باقيده مهم هلائي پئي وڃي جنهن ۾ ريحام خان خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي پئي وڃِي اها بلڪل مذمت جوڳي آهي جيڪڏهن ڳالهه ريحام جي ڪتاب جي آهي ته اهو سندس قانوني حق آهي ۽ ها جيڪڏهن انهي تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هوُ قانوني رستو اختيار ڪري سگهي ٿو پر اهو گارگند ۽ ٻئي تي گند اڇلائڻ وارو رستو الائي هن قوم جي ماڻهن ڪٿان سکيو آهي مان هر ماڻهو جي ڳالهه نه پيو ڪيان پر انهن ماڻهن جي ڳالهه ضرور ڪيان پيو جيڪي رهو رستو اختيار ڪري رهيا آهن.انهي ڪري هر  ماڻهو جي گهرجي ته تنقيد به ڪنهن تي ڪجي ته اها اخلاق جي دائري ۾ ويهي ڪجي ۽ هروبرون ڪنهن تي اخلاقي دائري کان هٽي ڪري تنقيد ڪرڻ به ڏوهه آهي.هن وقت ريحام خان جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين ئي نوٽيس جو سبب بڻجي  ڪجهه لاءِ بند ٿي ويو آهي پر ماضي جا ورق اٿلائي ڏسون ته اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي پڻ تمام گهڻي تنقيدن جو نشانو بڻايا آهن.اوهان کي ياد هوندو ته فيلڊ مارشل ايوب خان جڏهن پنهنجو ڪتاب“فرينڊ ناٽ ماسٽرز”لکڻ جو ارادو ڪيو ته هن هڪ طريقڪار استعمال ڪيو جنهن ڪري هن پهرين پنهنجي ڪتاب جي ٽيپ ڪارڊ ڪرائي ڪتاب کي محفوظ ڪيو جنهن بعد انهي ٽائيٽ کي پني تي تحرير جي صورت ڏني وئي جڏهن ته اهو سمورو ٽاڪس لنڊن جي هڪ صحافي “دي ٽائيمس”جي اسنٽنٽ اڊيٽر جي حوالي ڪيو ويو جنهن کيس ڪتاب جي شڪل ڏني جڏهن ته ڪتاب جو سمورا حق ۽ واسطا انهي صحافي جي حوالي ڪيا ويا جنهن بعد اهو ڪتاب“فرينڊ ناٽ ماسٽرز”جو وجود آيو ته سندس اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو جنهن جو نالو“جس رزق سي آتي هو پرواز مين کهو جاتي هو”رکيو ويو جڏهن ته انهي ڪتاب جو ترجمو به منصب پاڻ ڪيو ويو هو. اهڙي ريت اڳوڻو آرمي چيف پرويز مشرف جنهن به هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن جو نالو هو“ان دي لائن آف فائر”جنهن جو ترجمو پڻ هڪ سابق فوجي آفيسر ڪيو هو جنهن جو بعد ۾ نالو“سب سي پهلي پاڪستان”رکيو ويو هو چيو وڃي ٿو ته هن ڪتاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ تمام گهڻي ليکڪن حصو ورتو پري وڃڻ جي ڳالهه ناهي عمران خان جي ڪتاب به هڪ پيشي ور رائيٽر لکيو هو جڏهن ته پوري دنيا ۾ اهڙا هزارين رائيٽر موجود آهن جيڪي پسئي عيوض اهڙن ليڊرن جا خلاف لکندا رهن ٿا جنهن جو مقصد صاف ظاهر آهي ته ڪتاب لکڻ وارن خواهشمندن جي تعداد هزارين آهي انهي ڪري ريحام خان جيڪڏهن اهڙي ريت پنهنجي ڪتاب ڪنهن کان لکرائي آهي ته اها ڳالهه اڄ جي دور ۾ ڪا نئي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي جنهن تي حيرت ڪئي وڃي پر ڏسڻو اهو ضرور آهي ته ڪتاب ۾ لکيو ڇا ويو آهي ۽ ڪتاب ۾ ڇپيو ڇا ويو آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪتاب ۾ اهڙو ڪجهه لکيو ويو آهي جيڪو ڪنهن جي دل آزاري ڪري ٿو ته پوءِ به ڏسڻو اهو آهي ته رائيٽر انهي ڳالهه کي ڪهڙي نموني سان ظاهر ٿو ڪري ۽ جهڙي ريت ڪنهن تي هٽ ڪئي وئي آهي ڇا رائيٽر انهي ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو يا نه جڏهن ته پاڪستان ۾ اوهان هر روز ٽي وي جي ٽاڪ شوز  ڏٺا هوندا هڪ ٻئي ته گارگند الزام تراشي عام هوندي آهي ۽ نئي صبح انهي ڳالهه کي ڪير مڃڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو اهڙِي ريت ريحام خان به ميڊيا سان وابسته آهي ۽ انهي جيڪڏهن پنهنجي زندگي تي مشتمل ڪتاب لکي آهي ته پوءِ انهي تي ايترو هنگامو ڇو پيو پربا ڪيو وڃي جڏهن ته ڪتاب ۾ اهڙو ڪجهه ڇا آهي جنهن تي ايترو هُل هنگامو ڪيو پيو وڃِي پر ايترو ضَرور آهي ته ڪتاب ۾ اهڙو ڪجهه ضررو آهي جيڪو ڏندن ۾ آڱريون وجهڻ تي ضررو مجبور ڪندو جڏهن ته ريحام خان ڪتاب لکيو آهي ته اهو سندس حق آهي ته سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ۽ اهو حق کائونس ڪير به ڦري ڪون ٿو سگهي. سمجهان ٿو ته ريحام خان جي ڪتاب جي جيڪا پابندي لڳائي وئي آهي انهي پابندي کي هٽائي ڪري ريحام جي ڪتاب کي شايع ڪري مارڪيٽ ۾ آئڻ جي اجازت ڏني وڃي  ڇو ته هي ڪتاب هڪ رائيٽر جي تازي زندگي جي ٻڌل آهي انهي ڪري تازي زندگي تي ٻڌل ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ نه آئڻ به هڪ انصافي آهي جيڪا ريحام خان سان ڪئي پئي وڃي انڪري مان اهو ريحام خان جو حق سمجهان ٿو ته سندس ڪتاب کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ته بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *