“را” ايجنٽن ”جي گهر ڀاتين سان ملاقات  ۽ گريٽ گيم..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان خاص طور تي بلوچستان اندر دهشتگردي جي ڪاروائين ۾ را” جو ملوث هجڻ اها ڪا نئي ڳالهه ناهي.بلوچ لبرشن آرمي جي ڪاروائين اندر پڻ را ملوث رهي آهي.جڏهن ته ان کان علاوا ڪراچي اندر پڻ ڪيترن ئي دهشتگردي واقعن اندر پڻ ڀارتي اينجسي “را” جي ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت پهرين ئي حڪومت وٽ موجود هئا.بلوچستان مان گرفتار ڪيل ڀارتي ايجنسي “را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جو پڻ اعترافي بيان اچي چڪو آهي.جنهن اندر هن واَضع بيان ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان اندر نه رڳو دهشتگردي ڦهلائڻ چاهي ٿو پر سندس اصل مقصد پاڪ چين اقتصادي راءِ داري منصوبي کي ناڪام ڪرڻ آهي.جڏهن ته اهڙي اعترافي بيان کان پوءِ فوجي ترجمان پاران اهڙو بيان پڻ سامهون آيو آهي ته اهو معاملو گڏيل قومن اندر اٿاريو ويندو. اهو ضروري آهي ته ڀارت جي اهڙي دهشتگردي واري منصوبي کي ضرور گڏيل قومن ۾ اٿاريو وڃي.ڀارتي ايجنٽ پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته هو هو انيل گپتا جي ماتحت ڪم ڪندو هو.جڏهن ته بلوچ لبرشن آرمي کي پڻ ڀارتي ايجنسي“را” فنڊنگ ڪندي آهي.جڏهن ته اهڙو بيان هن وقت گرفتار ڪيل ڀارتي “را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جي بيان کان پوءِ سامهون آيو آهي.جڏهن ته پاڪستان پهرين  به اهو بار بار چئي رهيو ته پاڪستان اندر جيڪي به دهشتگردي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن انهن واقعن جي پويان ڀارتي ايجنسي “را” جي ملوث هجڻ جو وڏي ۾ وڏو هٿ آهي.

ڀارتي ايجنسي را جو ڪراچي ۽ بلوچستان اندر ڪاروائين ۾ ملوث هجڻ جو ثبوت پڻ ملي چڪو آهي.جڏهن ته اڄ ڪالهه پنجاب اندر دهشگردي جو وڏو شور هلي رهيو آَهي.۽ پنجاب اندر هن وقت دهشتگردي پوري عروج تي هلي رهي آهي.جڏهن ته پنجاب جو قانون واري وزير اهو بار بار چئي رهيو آهي ته پنجاب اندر ڪوبه نوگو ايريا ناهي ۽ نه ئي پنجاب اندر دهشتگردن جا ڪي مظبوط ٺڪاڻا آهن.۽ جيئتري حد تائين بلوچستان جو تعلق آهي ته بلوچستان اندر ”را” جي ڪاروائين کان سڀ واقف آهن.جڏهن ته هڪ نظر سان ڏسجي ته بلوچستان اندر ماضي ۾ تمام گهڻيون زيادتون ٿيون آهن.انهي ڪري هن وقت شايد سڀ ڪجهه بلوچستان اندر ئي ٿي رهيو آهي هاڻ لڳي اهو پيو ته اهو سڀ ماضَي ۾ ڪيل ڪاروائين جو رد عمل آهي.جڏهن ته هن وقت هر ڪو بلوچستان اندر ٿيندڙ ڪاروائين جي وجهه کي پنهنجي اندر ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.پر ان وقت ڀارتي ايجنسي “را” جو نالو وٺڻ کان هر ڪو ڊڄي رهيو هو.!جڏهن ته بلوچستان اندر بغاوت ڪندڙن سرادرن کي اسان خد مظلوم ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين.جڏهن ته اهي ڀارت کان مدد جي ڳالهه به ڪن ها ته ان کي نظر انداز ڪيو وڃي ها.هن وقت بلوچستان اندر جيڪو نظام هلي رهيو آهي ۽ جيڪي بلوچ سرادرن حڪومت کان ناراض ٿي ڪري  پنهنجي ملڪ خلاف وڙهي رهيا آهن.اتي هڪ اهو به سوال آهي ته ڇا انهي سرادرن کي پاڪستان جي امن لاءِ پرچائڻو پوندو.؟پر سوال اهو به پيدا ٿو ٿي ته آخر ڀارت بلوچستان اندر ايتري دلچسپي ڇو وٺِي رهيو آهي.؟انهي دلچسپي جو هڪڙو اهم ڪارڻ گوادر  جي بندر گاهه پڻ آهي.جڏهن ته ڀارت ۽ ٻيون عالمي قوتون اهو نه پيون چاهين ته پاڪستان چين اقتصادي راءِ منصوبو ڪامياب وڃي.ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته گوادر بندرگاه جي منصوبي جو ڪامياب ٿيڻ پاڪستان جي قسمت بدلائي سگهي ٿو.انهي ڪري عالمي قوتون ڀارت سان ملي ڪري بلوچستان جا حالات خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.ته جيئن پاڪ چين اقتصادي راءِ داري کي روڪي سگهجي.

انهي مقصد خاطر بلوچ سرادرن کي پئسا ڏنا پيا وڃن.ته جئين هو عالمي گريٽ گيم جو مهرو ٿي سگهن.هن وقت به جڏهن فرار ٿيل بلوچ هٿهيار ڦٽا ڪري رهيا آهن ته اهي ڪهاڻيون به عام هلي رهيو آهن ته انهن هٿيار فٽا ڪرڻ وارن کي به پئسا ڏنا پيا وڃن.ڇو ته اهي پئسا ڏيڻ جي به هڪ وجهه آهي.اها وجهه اهڙي پيش ڪئي پئي وڃي ته هٿيار فٽا ڪرڻ سان کين “را” پاران ملندڙ فلنڊنگ بند ٿي ويندي آهي.۽ کين پئسا انهي ڪري ڏنا ويندا آهن جو  هو پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگهن.اهڙن فرار بلوچن جي هٿيار فٽا ڪرڻ ۽ کين معافي ملڻ ڪري هاڻ ڪراچي ۾ به موجود “را”جا ايجنٽ معافي گهري رهيا آهن.اها به ڳالهه آهي ته جڏهن کين عام معافي ملي ويندي ته هوءُ به پئسا گهرندا..!ٻئي طرف آمريڪا به پنهنجي متحده عرب عمارات جي دوستي جي وجهه سان اهو نه ٿو چاهي ته گوادر منصوبي ڪامياب ٿي سگهي.۽ ايران به پنهنجي بندرگاهه چار بهار جي ترقي چاهي ٿو ۽ اهو به چاهي ٿو ته گوادر بندرگاهه بند ٿي.انهي ڪري بلوچستان ۽ گوادر بندرگاهه جي حوالي سان هڪ عالمي ڪلسٽر ٺهي ويو آهي.جنهن اندر عالمي قوتون ڀارت سان گڏ آهن.جڏهن ته ڀارت کي عالمي قوتون انهي نظر سان ڏسي رهيو آهن ته هوءُ پاڪستان اندر ڪاروايون ڪرائڻ ۾ اهم رول ادا ڪري سگهي ٿو.۽ عالمي قوتن کي اها به خبر آهي ته ڀارت جو پاڪستان اندر هڪ وڏو نيٽ ورڪ موجود آهي.انهي ڪري عالمي قوتن ڀارت کي وڏي مقدار اندر فنڊنگ ڪري رهيو آهن.انهي ڪري ڪي تجري نگار اهو سوچي رهيا هوندا ته ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري جي ڪري پاڪستان جي عالمي سطح ٿي پذيرائي ملندي پر شايد اهي انهي گريٽ گيم جي وساري چڪا آهن ته جيڪي ملڪ ڀارت سان گڏجي ڪري پاڪستان اندر اها گريٽ گيم کيڏي رهيا آهن اهي پاڪستان جي ڪهڙي پذيرائي ۽ حمايت ڏيندا.! پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي طاقت رکندڙ ٻه اهڙا پاڙيسري ملڪ آهن، جن مان ڪنهن به هڪ طرفان ڪنهن به قسم جي غير ذميواري اڳ ئي معاشي بدحالي ۽ هٿيارن جي ڊوڙ جي ور چڙهيل هن خطي جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشمير سميت کوڙ اهڙا تڪرار آهن، جيڪي اڄ سوڌو حل ٿي نه سگهيا آهن، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻنهي ملڪن طرفان پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ آهي. تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي سو جيڪڏهن ارادو هجي ته لچڪ جو مظاهرو ڪندي تڪرارن کي پرامن نموني حل ڪري سگهجي ٿو پر جيتري قدر پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۽ حل طلب تڪرارن کي ڳالهين ٻولهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو سوال آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ رڳو پاڪستان ئي لچڪ ڏيکاريندو رهيو آهي ۽ هندستان پنهنجي ئي هوڏ تي قائم رهيو آهي، هندستان جي هَٺَ ۽ ضد واري رويي سبب ئي ننڍي کنڊ جو امن ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي ممبئي حملا هجن يا پٺاڻ ڪوٽ وارو معاملو، هندستان هميشه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ ڪندو ۽ اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ (ڊو مور) جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران خطي ۾ امن لاءِ ڀارت کي رويو سڌارڻ واري صلاح ۽ مشوري کي هميشه هندستان توڙي عالمي طاقتن ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪيو آهي. ممبئي حملا هجن يا پٺاڻ ڪوٽ وارو واقعو انهن جو پاڪستان تي جڏهن الزام هنيو ويو ته پاڪستان ٻه قدم اڳتي اچي جاچ ۾ نه رڳو سهڪار ڪيو پر ڪري به رهيو آهي، اهو ان ڪري جو انهن ۾ ڪي اهڙا عنصر ملوث رهيا آهن، جن جو اهو ذاتي فعل چئي سگهجي ٿو پر بلوچستان مان ”را“ جي آفيسر جي گرفتاريءَ مان اها ڳالهه درست ثابت ٿي وئي آهي ته هندستان رياستي سطح تي پاڪستان اندر دهشت گرديءَ جي نه رڳو سرپرستي ڪري رهيو آهي پر ان کي هٿي به وٺرائي رهيو آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ته ڏهاڪن کان وٺي دهشت گرديءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. جي اهڙي قسم جي مداخلت نه هجي ها ته اڄ ڪراچي شايد ترقيءَ جون الائجي ڪهڙيون منزلون طئي ڪري ها، پنهنجن توڙي پراون هن شهر سان جيڪي ويل وهايا آهن، تنهن جو ئي نتيجو آهي جو هيءُ شهر نفرتن ۽ تضادن جي ور چڙهيل آهي سو چوڻ جو مطلب ته ٻين ملڪن ۾ مداخلت ۽ ايجنٽ موڪلڻ ۽ انهن ڏانهن ايجنٽ موڪلي دهشت گردي کي وڌائڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. بهتر ٿيندو ته هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ بدران لڪل ويڙهه وڙهڻ ۽ دهشت گرديءَ کي هٿي وٺرائڻ بدران ڳالهين ذريعي تڪرار نبيرڻ کي ترجيح ڏني وڃي، ڇو جو مسئلي جو حل جنگين ۽ ويڙهه سان نه پر ڳالهين جي ذريعي ئي ڪرڻو آهي. نه صرف ايترو پر هندستان کي به پاڪستان ڏانهن پنهنجو ايجنٽ موڪلڻ، جنهن کي هو پنهنجو شهري ۽ نيويءَ جو اڳوڻو ايجنٽ تسليم ڪري چڪو آهي، وري معاملي جي وضاحت پيش ڪرڻ گهرجي، نه رڳو ايترو پر عالمي برادري پڻ اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي، جنهن جي ڪري هن خطي جو امن يرغمال بڻيل آهيايراني صدر جو دوري جي موقعي تي ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن يادويو گرفتار ٿيو.جڏهن ته اهڙي ايراني صدر جي دوري دوران ڪلڀوشن ياديو کي سامهون آڻڻ ۾ به هڪ مقصد آهي. ته جيڪڏهن هو پاڪستان سان پنهنجا تعلق بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ته کيس انهي گريٽ گيم مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.جڏهن ته هن وقت ايران جو به چاهي ته عرب ملڪن ۾ هلندڙ جنگ جي اندر پاڪستان شامل نه ٿي.انهي ڪري پاڪستان به اهو چاهي ٿو ته ايران به بلوچستان اندر جاري گريٽ گيم جو حصو هرگز نه بڻجي.۽ هو پاڻ خد انهي گريٽ گيم کان پاسيرو رهي ته بهتر آهي۽ جيڪڏهن اهي ٿي ويو ته يقينن ڀارت جو نيٽ ورڪ به ڪمزور ٿيندو.۽ سندس ڪاروايون ڪر ڻ جي صلاحيت به ختم ٿي ويندي.جڏهن ته پوءِ ڀارت جي آمريڪا جي حمايت حاصل هوندي.جنهن جي ڪري ڀارت جي عالمي سطح تي ڪنهن به وڏي خطري جو ڊپ نه هوندو.پاڪستان جڏهن ته گوادر منصوبو چين حوالي ڪيو آهي.ان ڏينهن کان وٺي آمريڪا انهي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.جڏهن ته پاڪستان کي صرف ۽ صرف چين کي حمايت حاصل آهي ۽ ڀارت کي پوري يورپ ۽ آمريڪا جي حمايت حاصل آهي.جڏهن ته يورپ ۽ آمريڪا سڀ ڀارت سان گڏ آهن.انهي ڪري ڪلڀوشن ياديو جو مسئلو عالمي سطح تي اٿارڻ کان پهرين انهي گريٽ گيم جي شطرنج کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *