ذوالفقار مرزا! خاموشي جو روزو ڇو ٽوڙيو…؟؛وينگس

“Power politics has no heart” اقتداري سياست کي دل ناهي ٿيندي، اسان اهو جملو هر وقت پڙهندا رهون ٿا ۽ اسان سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ اقتداري سياست ٿيندي پئي اچي، جن عوامي سياست ڪرڻ چاهي، انهن کي عوامي سياست ڪرڻ نه ڏني وئي.

عوام جي عوامي سياست جي سرحد ۽ پاور پاليٽڪس ڪندڙ اقتداري سياست جي سرحد تي بيٺل آهن، جيڪي اقتداري سياست ڪن پيا، انهن تائين عوام جو آواز نه پيو پهچي، اهي ڪڏهن به عوام جي آواز کي سمجهي نه سگهندا، اهو ائين ئي آهي ته عوام انهن جي لاءِ ٻئي مخلوق برابر آهي.

جيتوڻيڪ اهي عوام جي ڳالهه ڪن ٿا پر انهن جي لاءِ عوام صرف اينٽري پاس کان سواءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي، شهيد بينظير ڀٽو، هوءَ عوام جي آواز ۽ ان جي دل جي ڌڙڪن محسوس ڪندڙ هئي، هن کي خبر هئي ته عوام جي طاقت، ٻن ڏينهن جي اقتدار کان مٿي آهي. اسان ان ڳالهه سان اقرار ڪريون ٿا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سياست ۾ سمجهوتو ڪيو پر ان هڪ حد مقرر ڪئي ۽ عوام جي آواز کي هر وقت سڏ ڏنو. ان جي سمجهوتي ۾ به عوام جي اهميت هئي.

پر جنهن انداز سان پاڪستان ۾ اڄڪلهه سياست ٿي رهي آهي ان کي ڏسندي خود اقتداري سياست جو ديو به شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪندو هوندو، ڪنهن وٽ به ڪو اصول ناهي پوءِ اها ملڪ جي اقتداري سياست ڪندڙ ڪهڙي به پارٽي هجي عمران خان جيڪو پاڻ کي اصولن جي سياست ڪندڙ سڏي ٿو ان جا اصول جهٽ پل ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا. مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي (هاڻوڪي) پڻ ٻيون پارٽيون سڀني وٽ هڪ ئي اصول پائيدار آهي ته اقتدار کي ڪيئن قائم و دائم رکجي؟ ان تي ڪو به سمجهوتو ڪرڻو ناهي ان لاءِ ڀل ٻين اصولن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پر اقتدار کي لوڏو نه اچڻ گهرجي.

جڏهن اقتداري سياست پنهنجو پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي اتي ٻوساٽيل ماحول پيدا ٿئي ٿو عوام جيڪا اڳ ئي غصي ۾ آهي، ان کي هلندڙ سياست وڌيڪ بيزار ڪري چڪي آهي.

چوندا آهن جيڪي اڳ ئي غصي ۾ تپيل هجن انهن کي ڇيڙڻ نه گهرجي. اهڙي ٻوساٽيل ماحول ۾ ذوالفقار مرزا جو اچڻ ۽ عوام جي زبان ۾ ڳالهه ڪرڻ، پوري سياست کي گرمايو آهي.

گرمي جي موسم ۾ مرزا جي گرم سياست، هن ڀيري عوام گرم سياست ۾ خوش ۽ اقتداري سياست ڪندڙ بيزار آهن، تعجب ان وقت ٿئي ٿو جڏهن جاويد هاشمي، پي ٽي آءِ جي خلاف ڳالهايو ته ان وقت هر سياسي پارٽي پڻ خود پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، جاويد هاشمي جي تعريف ڪري رهيا هئا پوءِ جڏهن ذوالفقار مرزا، بيان ڏئي ٿو ته ان تي غصو ڇو آهي؟

ذوالفقار مرزا جي ڳالهه رکڻ جي انداز سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر هتي سوال پيدا ٿئي پيو ته ان کي اهڙي انداز تائين پهچائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟

ذوالفقار مرزا جي صبر کي گرم سياست ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ذميوار ڪير نه ڪير آهي؟ خود ذوالفقار مرزا تي سوال اُٿن ٿا ته آخر ايتري خاموشي ۽ صبر کان پوءِ ڇا ٿيو جو ان خاموشي جو روزو ٽوڙي ڇڏيو؟

عوام، هيڏي عرصي کان تڪليفن ۽ دردن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ ذوالفقار مرزا کي ان جو چڱي ريت اندازو هوندو ته عوام ڪيتري درد ۾ آهي!

هاڻي ذوالفقار مرزا کي عوام جو درد ڪيئن ياد اچي ويو؟ عوام، مرزا جي آواز کي ڇو محسوس ڪري ٿو پر اهو آواز هاڻي ڇو اُٿيو؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

فارسي ۾ چوڻي ته ”دير آيد تي درست آيد“ شايد مرزا جي ٽوڙندڙ خاموشي جي روزي تي اها چوڻي چئي وڃي پر سوال پنهنجي جڳهه تي جواب طلب آهن.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جنهن انداز سان پريس ڪانفرنس ڪري مرزا جي بيانن جا جواب ڏئي پئي انهن جي جوابن ۾ ٺوس موقف ڪجهه به ناهي. ڇاڪاڻ جو پ پ پارٽي پاڻ ق ليگ سان مفاهمت ڪئي جنهن کي قاتل ليگ سڏيو ويو، جنهن پارٽي جي اڳواڻ  جي نالي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ايف آءِ آر ۾ داخل ڪري وئي، اتي وري عذر پيش ڪيو ويو ته جمهوريت کي اڳتي ڪرڻ لاءِ مفاهمت ضروري آهي، جمهوريت يا اقتدار؟

متحده سان سنڌ ۾ گهڻين ڳالهين تي ناراضگي ٿيندي رهي پر ان سان سمجهوتو ڪيو ويو. ڇا متحده جا ميمبر غصي ۾ پريس ڪانفرنس نه ڪندا هئا ان وقت پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي اخلاقي سياست ڇو نه ياد آئي؟

ان ڪري پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو موقف مرزا جي حوالي سان رکڻ ۾ ڪو وزن ناهي، يقينن سڀني ڌرين کي اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ گهرجي، پر جڏهن ڪير ڊاڪٽر مرزا خلاف ايف آءِ آر جا ڍير لڳائيندو ويندو ۽ ان جي دانهه کي اڻٻڌو ڪيو ويندو ته پوءِ غصو پنهنجي حدپار ڪري ويندو آهي.

مرزا پنهنجي خاموشي جو روزو ٽوڙي ڇڏيو ۽ هوڏانهن پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري خلاف مرزا جي بيان کان پوءِ هڪ ڳالهه واضح ٿئي پئي ته معاملا ٻنهي ڌرين ۾ پيچيده ٿي چڪا آهن.

جيڪڏهن سڀاڻي ٻئي ڌريون ڳالهين جي ٽيبل تي ويهن به ٿيون ته ڇا جيڪو ڪجهه ڳالهايو ويو ان کي نظرانداز  ڪري سگهبو؟ هتي معاملو صرف مرزا جي بيانن جو ناهي پر پيپلز پارٽي به مرزا کي سوڙهو ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي آهي.

پيپلزپارٽي وٽ مفاهمت جا رڪارڊ آهن، ان ڪري اهي پير اڳتي ڪري سگهن ٿا، ڇا ذوالفقار مرزا مفاهمت ڪندو؟ جنهن عوام جي آواز جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ جيڪي شرط مفاهمت جي حوالي سان هڪ نجي ٽي وي چينل تي ڏيندي پوءِ مرزا ڪري سگهي ٿو. ڇا اهي آصف زرداري قبول ڪندو؟ ٻئي مشڪل موڙ تي بيٺل آهن ڏسڻو اهو آهي ته ٻنهي مان ڪير پنهنجي سرحد تي بيٺو رهي ٿو؟ اقتداري سياست ۾ جيڪڏهن مرزا جو پتو اهم هجي ها ته شايد آصف زرداري مفاهمت جي هڪ فون ضرور ڪري ڇڏي ها پر هتي مرزا جو ميدان مختلف آهي ان کي غريب عوام موٽ ڏئي سگهي ٿو.

اقتداري سياست ۾ مرزا جهڙا آواز صرف آواز ئي رهجي ويندا آهن. آصف زرداري کان پوءِ فريال ٽالپر کي ڦولن ديوي سڏڻ جهڙا لفظ، شيون ڪٿي بهتر ڪندا؟

ذوالفقار مرزا جي حوالي سان هڪ ڳالهه تي تعجب آهي جو هو ڦولن ديوي کي فريال ٽالپر سان ڀيٽي پيو. ڦولن ديوي، پنهنجي غريب عوام جو آواز هئي، ان ڪري مرزا کي ڦولن ديوي جي ڪردار کي ائين نه کڻڻ گهرجي ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

پيپلز پارٽي خاص طور تي سنڌ حڪومت کي سوچڻو پوندو ته اهي مرزا جي ٽٽل خاموشي جي روزي کي ڪيئن ڳالهين جي ٽيبل تي کڻي اچي ٿي، ائين نه ٿئي جو مرزا جي ٽٽل خاموشي جو روزو، عوام جي خاموشي کي ٽوڙي ڇڏي.

مون کي پنهنجي هڪ همدرد ساٿي جا لفظ ياد اچن پيا ته تاريخ جي سيني تي ڪڏهن ڪڏهن گهڻا سچ، غصي جي لهر سان اُٿي ايندا آهن.“

ذوالفقار مرزا جي خاموشي ڪيترائي باب کولي رهي آهي پر جيڪڏهن مرزا جو سچ ڪا وڏي لهر اختيار ڪري ويو ته پوءِ ان کي ڪير روڪي سگهندو؟ ڇاڪاڻ جو عوام جو غصو ۽ درد ذوالفقار مرزا کي ڏسي پيو ۽ مرزا جيڪو ڪجهه ڳالهائي پيو اهو اهميت رکي ٿو.

اقتداري سياست وٽ دل ناهي، عوامي سياست وٽ دل ۽ روح ٻئي آهن مرزا پاڻ کي اقتداري سياست کان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي ڇا وري ان ڏانهن ڪا موٽ کائيندو؟

ڏسو! ذوالفقار مرزا جي خاموشي جو روزو ٽٽو آهي هاڻي اهو ڪهڙي شڪل اختيار ڪري ٿو؟ ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *