ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ٿيل سازشون: اڳوڻي ايم پي اي نسرين چانڊيو

قائدِ عوام جي سياسي بصيرت، آزاد پرڏيهي پاليسي ۽ مثالي ملڪي خدمتن سبب سامراجي قوتن ۽ ان جي پگهاردار پٺن کي سٺي طرح خبر پئجي چڪي هئي ته قائدِ عوام هڪ اهڙو جهدوجهد جو آغاز ڪيو آهي جنهن سان غيرملڪي آقائن ۽ استحصالي قوتن جو خاتمو ٿيندو، جنهن ۾ عوام کي طاقت جو سرچشمو هجڻ جو احساس اڀريو آهي، حقن جي حاصلات جي لاءِ حوصلو مليو اهي، سرمايه دار، جاگيردار ۽ افسر شاهي جي ظلم ۽ زيادتين، اقرباپروري جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ملڪي دفاع مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ غيرملڪي تسلط ۽ اجاره داري جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خلاف اندروني ۽ ٻاهرين سازشيون شروع ٿي ويون، جڳهه جڳهه اهو پروپئگنڊه شروع ٿي ويو ته امير اشرافيه تي وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ننڍن ماڻهن کي عزت ڏني پئي وڃي ڪالهه جنهن کان ڪوئي پڇندو به نه هيو اهو ليڊر بڻايو پيو وڃي، ڀٽو مزدورن، هارين ۽ شاگردن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي ٻن ٽڪن جا ماڻهو امير اشرافيه ۽ افسر شاهي سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي رهيا آهن، دنيا جي انقلابن جي تاريخ شاهد آهي ته جتي به محڪوم عوام پنهنجي اتحاد سان ظالم حڪمرانن تي فتح حاصل ڪري پنهنجي ساٿ ڏيڻ وارن ظلمن ۽ زيادتين جو حساب وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي ان قسم جي سازشن ۽ پروپئگنڊه ٿيندي رهي آهي، باوجود ان جي ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو ملڪي ۽ عوامي خدمتون انجام ڏنيون جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي.

انتهاپسند مذهبي جنون رکندڙ ملن کي به محسوس ٿيو ته قائدِ عوام جي فڪر سان ان جي اجاره داري ۽ ڪاروبار بند ٿي ويندو، هوئن به ان فتويٰ باز ملن کي دين سان نه ڊالر سان سروڪار هيو، ملن ۽ استحصالي قوتن جي ڀٽو صاحب ۽ ان جي حڪومت مخالف جو سبب اهو به هو ته ڪمزور زور آور ٿيندو پيو وڃي ۽ محڪوم حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل ڪري رهيو هو کلي ميدانن ۾ عوام سامهون فيصلا ڪيا پيا وڃن.

ان لاءِ انقلاب، جمهوريت ۽ انساني آزادي جا دشمن پاڻ ۾ گڏ ٿي قائدِ عوام جي انقلابي پروگرام کي روڪڻ جي لاءِ منظم ٿي ڪري سازشون شروع ڪيون، انهن سازشن ۾ بين الاقوامي آقائن ڀرپور مدد ڪئي ۽ ظالماڻه نظام کي جاري رکڻ جي لاءِ ملڪي اسٽيبلشمنٽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، آخرڪار 5 جولاءِ 1977 تي عوام جي منتخب پهرين وزيراعظم پاڪستان ۾ پهرين انقلابي دور جي موجد ذوالفقار علي ڀٽو کي رات جي تاريڪي ۾ بندوق جي نوڪ تي غيرآئيني طريقي سان اقتدار تان هٽائي قيد ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ مارشل لاءِ لاڳو ڪيو ويو، 5 جولاءِ کانپوءِ غاصب فوجي حڪمران جنرل ضياءُالحق 90 ڏينهن جي اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو وعدو ڪيو، ضياءُ آمر اهڙو وعدو بيت الله ۽ اقوام متحده سامهون جمهوري ملڪن سان ڪيو پر ان تمام وعدن کي انحراف ڪندي پنهنجي ظالماڻي حڪومت کي واڌارو ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکي. ضياءُالحق جي ظالماڻي دور جي مثال شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ملي ان دور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي 80 هزار جي جي لڳ ڀڳ ڪوڙا هنيا ويا، ڪوڙا ڪيس قائم ڪري جيلن ۾ بند ڪري انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو ۽ ڦاهيون ڏنيون ويون.

غاصب حڪمرانن ۽ ان جي عوام دشمن حمايتن وڏيون ڪوششون ڪيون ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪيو وڃي ۽ عوام جي دلن ۾ موجوده ذوالفقار ڀٽو جي اثر کي ختم ڪيو وڃي، پر ان عقل جي انڌن کي تمام حيلا وسيلا بيڪار ٿيا، غاصب فوجي حڪمرانن جهڙا آمر ۽ قاتل قرار ڏئي رهيا هئا ۽ عوام کيس پنهنجو محبوب ۽ نجات ڏيندڙ اڳواڻ سمجهي رهيو هيو، ظالم حڪمران جڏهن هر طرح سان مايوس ٿيا ته هنن قائدِ عوام کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا صورت نظر نه آئي ته هنن هاڻي محمد احمد خان جي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏئي ڇڏي، ان تمام ڳالهين جو مطالعو ۽ تجزيو ڪرڻ سان اها ڳالهه سامهون آئي ته شهيد ڀتو جي موت جو سبب سياسي عوامي مقبوليت، بي مثال ملڪي خدمتون، خاص طور ملڪ کي ايٽمي ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ، سامراجين خلاف بين الاقوامي اتحاد بڻائڻ جي ڪوشش، اسلامي رياستن کي دنيا ۾ حيثيت کي مڃائڻ جي لاءِ اسلامي بلاڪ جو تصور ڏيڻ هيو.

ڀٽو صاحب انهن اصولن جي خاطر ڦاهي کي قبول ڪيو پر آمر جي سامهون سر نه جهڪايو، ان عظيم انسان جي قتل تي لکين انسانن احتجاج ڪيو ۽ آپگهات ڪيو، دنيا جي مهذب قومن رحم جي نالي تي اپيلون ڪيون پر هو بي سود ثابت ٿيون، هڪ عظيم ۽ بي گناهه انسان کي انسان دوستي جي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني وئي، پر قائدِ عوام جا قاتل ۽ اقتدار جي هوس ۾ انڌا جنرل ۽ ان جي غيرملڪي آقائن، سرمايه دار، جاگيدار ۽ دين فروش ملا شايد اها ڳالهه نه سمجهي سگهيا ته ڀٽو صاحب مئو ناهي پر نظريو بڻجي چڪو آهي ۽ نظريا ڪڏهن ناهن مرندا. بقول شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ”همت جو زوال، تهذيب جي زوال جي پهرين علامت آهي، ماڻهو ناڪام ٿي سگهن ٿا، اصول نه“

بين الاقوامي مبصرن سچ چيو هيو ته ماريو ويل ڀٽو، زنده ڀٽو کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇو ته شهيد ڀٽو هڪ فڪر بڻجي چڪو آهي، جنهن کي ظلم جي طاقت سان ختم نٿو ڪري سگهجي، فڪر پنهنجي سچائي جي دم سان هميشه زنده رهندو آهي ان سان عوام جي رهنمائي ٿيندي آهي، تاريخ پنهنجي پاڻ کي دهرايو، انسان جو پيار ۽ عقيدو مظلوم جي حصو ۾ آيو اڄ ملڪ جو تمام باشعور، انسان دوست ۽ ظلم جي خلاف جنگ ڪرڻ وارو قاعدِ عوام سان عقيدت جو اظهار ڪري رهيو آهي، شهيد ڀتو جي نظريه جي تڪميل جو عهد ڪري رهيا آهن، اڄ ڀٽو شهيد جي ان وقت جي مخالفن به ان کي ڦاهي ڏيڻ جي نه رڳو مذمت ڪندا آهن پر ان آمراڻي عمل کي ملڪ جي لاءِ ناقابلِ تلافي نقصان قرار ڏئي رهيا آهن، اڄ به هن ملڪ ۾ قائدِ عوام ملڪي ۽ عوامي خدمتون ۽ عوام جي رهنمائي ڪري رهيون آهن، قائد عوام چيو ”مان اوهان جي دلين ۾ رهڻ چاهيان ٿو، مان اوهان کي دوکو نه ڏيندس، مان عوام سان رهندس، اسان ملڪي خوشحالي ۽  وڏي پاڪستان طرف وڌنداسين“  پاڪستان پيپلز پارٽي قائدِ عوام جي امانت آهي، ۽ عوام دوست، جمهوريت پسند عوام جي ڪاميابي جي ضمانت آهي، قائدِ عوام ان جي خاندان ۽ عوام جي بي پناهه قربانين جو ثمر آهي، قائدِ عوام ۽ ان جي خاندان جي عوام سان بي مثال، لازوال محبت ۽ وابستگي جي داستان آهي، ”مان ايترو گوجندس جو صدين تائين ٻڌو ويندس“ 37 سال گذري وڃڻ بعد به ان جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ اڄ ان جا چاهيندڙ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ان عظيم اڳواڻ جي 37هين ورسي ملهائي رهيا آهن.

4 اپريل 1979 تي سياست جي دنيا جي روشن ستاري کي وسايو ويو، ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چڙهي قرباني جو اهڙو رستو اختيار ڪيو جيڪو اڄ تائين ان جي اولاد به قربانيون ئي قربانيون ڏئي رهي آهي، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي بيدرسي سان قتل ڪيو ويو، ان جي ڌيءُ ۽ ايشياءُ جي ناليواري عورت سياستدان محترمه بينظير ڀٽو مسلسل اذيتن مان گذرندي رهي ۽ سڀ ڪجهه ملڪ ۽ عوام تي نڇاور ڪرڻ بعد پنهنجي به واري ڇڏيائين. پيپلز پارٽي جي تاحيات چيئر پرسن محترمه بي نظير ڀٽو هڪ طرف پنهنجي بيمار ماءُ نصرت ڀٽو جي وجهه سان پريشان رهي جنهن ماءُ کي 20هين صدي جي پاڪستان ڏکن کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو، پٽن کانپوءِ بهادر بيباڪ ڌيءُ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي جدائي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڏنڊا کائڻ واري بهادر بيگم نصرت ڀٽو کي زندگي موت جي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏيو ۽ آخر ڪار 23 آڪٽوبر 2011 تي مادر جمهوريت پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملي.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد نه ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت 37 سال جي جوان هجي ها. ان کي ڪنهن آمر جي آمريت جو خطرو نه هجي ٿا، پاڪستان نه رڳو ايشيا پر دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي عزت، شهرت، وقار ۽ ترقي يافته قوم بڻجي چڪو هجي ٿا. اڄ جيان اڪيلو ڪنڊ ۾ بيٺل نظر نه اچي ها، ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽ کان گهٽ هجي ها، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي ها ته اڄ پاڪستان کي بنياد پرستن جي ملڪ بجاءِ دنيا ۾ لبرل، ترقي يافته ملڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ها ۽ جيڪي ماڻهو چاهين نٿا ته ملڪ ۾ فڪر قائدِ عوام ناظم ٿئي ته انهن تي لازم آهي ته اهي پارٽي ۽ قيادت جي حفاظت ڪن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *