دي گريٽ بل فائٽر: وسعت الله خان

نواز شريف حڪومت پاناما ليڪس جي غير جانبدار ۽ شفاف ڇنڊ ڇاڻ ۾ ڪيتري قدر سنجيده آهي، اُن جو اندازو چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيل خط ۾ تجويز ڪيل ڪميشن جي شرطن (ٽرمز آف ريفرنس) کي ڏسي ڪري سگهجي ٿو. يعني ڪميشن بطور عدالت ڪم ڪندي. جاچ جي لاءِ ڪنهن به شهري، عهديدار، مالياتي ماهر يا ڪنهن به اداري کان ڪو به دستاويز گهرائي سگهي ٿي. حتمي رپورٽ مرتب ڪرڻ جي لاءِ ڪميشن پنهنجو مُدو پاڻ طئي ڪندي.

ڪميشن اُنهن سڀني شهرين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي باري ۾ جاچ جوچ ڪندي، جن جي ڪُٽنب جون آف شور ڪمپنيون هيستائين سامهون آيون آهن. ڪميشن اُنهن سڀني بينڪ قرضن کي به ڦلهوڙيندي، جيڪي سرڪاري عهدن تي فائز اڳوڻن توڻي حاضر شخصيتن يا سندن خاندان جي ڪنهن فرد معاف ڪرايا. ڪميشن پاڪستان کان ٻاهرين مُلڪ منتقل ٿيڻ وارين اُنهن سڀني رقمن جو به پتو لڳائيندي جيڪي بدعنواني، ڪميشن يا رشوت خوري مان حاصل ڪيون ويون. يعني ڪميشن کي ايڏي وڏي دائري ۾ ڌڪيو ويو آهي جو اُن کي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ جي لاءِ لڳ ڀڳ سوا اٺ لک صفحن جي رپورٽ مرتب ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سؤ سال گهربل آهن. حالانڪه اُنهن مان گهڻن مامرن جي ڇنڊ ڇاڻ حڪومت پنهنجي طور تي ڪري سگهي ٿي، پر پوءِ عدالتي ڪميشن ڇا ڪندي؟

حڪومت پاناما ليڪس جي نالي تي ڪميشن جو دائره ڪار اهڙي نموني طئي ڪيو آهي، جهڙي نموني ٿاڻيدار هڪ مڻ ونگو چورائڻ واري ڪنهن ملزم تي سڄي شهر جون چوريون، ڌاڙا، ڌماڪا ۽ دهشتگردي جا واقعا لڳائي ڇڏجن ته جيئن سِر تان بلا ٽري ۽ ملزم به پوري زندگي سُڪ هُجي.

پاناما ليڪس جي راند ۾ منتشر الخيال مخالف ڌر، پي آءِ اي جي اُن مسافر جيان آهي، جيڪو همت ڪري ٽيون ڀيرو پاڻي گهري وٺي ته چڙ مان ايئرهوسٽس سندس اڳيان ڀريل جڳ زور سان اچي ڦهڪائي، ”اچي، پي مر!“

شڪر آهي ٽرمز آف ريفرنس ۾ شام جي خانه جنگي، سعودي امريڪا تعلقات ۾ ڇڪتاڻ، بلوچستان ۾ مبينا ڀارتي مداخلت ۽ ايڪواڊور ۾ آيل زلزلي جي پاناما ليڪس سان تعلق جي تحقيقات جو ڪم شامل ناهي ڪيو ويو. ٽرمز آف ريفرنس ۾ سڀ ڪجهه آهي، سواءِ شريف خاندان تي عائد الزامن جي سڌو سنئون ترجيحاتي ڇنڊ ڇاڻ جي واضح خواهش جي!

اهو ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته بل فائٽنگ اسپين ۽ اُن جي اڳوڻي نوآبادي ۾ ڪيتري مقبول راند هُئي. جونيئر بل فائٽر کي توريرو چوندا آهن ۽ استاد بل فائٽر کي ميٽاڊور. ماڻهو پنهنجي ذات ۽ مسئلن ۾ ايتري قدر غرق آهن جو شايد ئي ڪنهن جو ڌيان اُن طرف ويو هوندو ته پاڪستان ۾ بل فائٽنگ جي راند باضابطه طور تي نواز شريف متعارف ڪرائي.

اُن کان پهريان ڪڪڙن جو ميل يا بٽير بازي سان دل وندرائي ويندي هُئي، پر نواز شريف بل فائٽنگ جي تربيت ۽ ميچن جي لاءِ پهريون خصوصي ايرينا چاهه سان ٺهرايو. ايران جو خاص موٽو آهي ”آ بيل مجهي مار…“

ايرينا ۾ چئني پاسي وڏيون وڏيون پينٽنگس لڳل آهن. هڪ ۾ ميٽا ڊور نواز شريف پنهنجي وقت جي چئمپين غلام اسحاق خان کي ڳاڙهو ڪپڙو ڏيکاري رهيو آهي. ٻي پيٽنگ ۾ جهانگير ڪرامت جي ڌڙ تي ننڍا ننڍا نيزا ٽُنبي، فاتح مُرڪ سان ڏسي رهيو آهي، ٽين پيٽنگ ۾ پرويز مشرف نالي طاقتور بُل فائٽر نواز شريف کي سڱن تي کڻي رکيو آهي. چوٿين پينٽنگ ۾ نواز شريف پرويز مشرف کي سڱن کان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پير هوا ۾ آهن. پنجين پيٽنگن ۾ مسڪرائيندي نواز شريف ڳاڙهو ڪپڙو کڻي وقت جي طاقتور ڌرين کي للڪاري رهيو آهي، جيڪي ڏانهس نهاري به ناهن رهيا.

هنن ڏينهن ۾ ايرينا جي ڇهين پيٽنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي. نڪ مان دونهون ۽ کُرن سان چڻنگون ڪڍندڙ ڍڳو پوري طاقت سان ميٽا ڊور نواز شريف جي طرف وڌي رهيو آهي ۽ نواز شريف اُن کان ڊڄڻ بجاءِ مسڪرائي رهيو آهي. ڍڳي جي هڪ سڱ تي پاناما ۽ ٻي تي ليڪس لکيل آهي. هڪ سُٺي بل فائٽر جي بنيادي خوبي اها ئي آهي ته هُو پاڻ بجاءِ ڍڳي کي ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جڏهن ڍڳو ٿڪجي ڪري پئي ته اُن کي سير وجهجي.

پاناما ليڪس جي سانهن سان به اهائي حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. يعني ڪڏهن يڪطرفه ڪميشن جو رومال ڏيکاريو، ڪڏهن نئين ڪميشن جي يڪطرفه شرطن جي ڳاڙهي ڪپڙي سان مشتعل ڪري پنهنجي پُٺيان ڊوڙايو. ايستائين جو سانهه ٿڪجي ٿاٻڙجڻ لڳن.

کٽي وياسين ته فاتح، لتاڙيا وياسين ته پوءِ مظلوم!

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *