دهشتگردي خلاف اثرائتي اپائن جي ضرورت؛عامر ڪمال سولنگي

اسان جي پاڪستان ملڪ جي پاڪ سرزمين تي دهشتگردي ڪندڙ انتها پسند ماڻهن جا قدم ڪيئن کپيا جو هر مهيني دهشتگرد اهڙيون ڪڌيون ڪاروايون ڪري رهيا آهن جو ملڪ جي سرزمين تان سوڳ جو تڏو کڄي ئي ڪونه ٿو ته وري مٿان دهشتگرد ٻئي ڪاروائي ڪري ماڻهن جا هانو ڏاري ڇڏين ٿا پر تنهن هوندي به هتي سدائي ائين ٿيندو آيو آهي ته جڏهن دهشتگردن جو حملو ٿيندو آهي وڏي انگ ۾ ماڻهو فوت ٿيندا آهن تڏهن وڃي حڪمران کي ڪجهه ياد ايندو آهي ته اسان کي هن جڳهه تي به سيڪيورٽي آئد ڪرڻي آهي جيئن پشاور سانهي کانپوءِ اهي حڪومت جا اعلان ٿيڻ شروع ٿيا ته سڀني اسڪولن ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيو وڃي اسڪولن کي وڏا وڏا ڪوٽ وال ڏنا وڃن جيڪي به صرف هڪڙي گيٽ تي مشتمل هجن پر حڪومت جي اڃان انهن ئي ڳالهين تي عمل درآمد نه ٿيو هو ته مٿان وري دهشتگردن شڪارپور امام بارگاهه ۾ هڪ نئون جيءَ جهوريندڙ واقعو ڪيو آهي پشاور سانهي کانپوءِ ڄڻڪ حڪمرانن ڪجهه نه ڪجهه دهستگردن خلاف پنهنجون ڪاروايون ڪرڻ شروع ڪيون پر جن کي حڪومت صرف پنهنجي ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو سمجهيو سمورو ڌيان حڪومت جو ڄڻڪ آئين ۾ ترميم ڪري ملٽري ڪورٽون قائم ڪري دهشتگردن جا ڪيس انهن فوجي عدالتن ۾ اڪلائي انهن کي ڦاهيون ڏيڻ تي رهيو . دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هينئر جيڪڏهن حڪومت ايڪشن پلان جوڙڻ کانپوءِ جيڪي به قدم کنيا آهن ڪورٽون به قائم ڪيون آهن پر ڪورٽن منجهه ڪيس به تڏهن هلندا جڏهن دهشتگردن جا پيرا کڻي ماڻهو انهن تائين پهچندو ته اصل دهشتگرد ڪير آهن جن اسان جي ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي اسان جي ڌرتي جو امن سڪون شانتي کسي ظلم جي باهه سان تپائي ڇڏي آهي ڪڏهن ڪاروباري جڳهن تي ڪڏهن اسڪولن تي هاڻي ته وري عبادتگاهن تي به دهشتگردن پنهنجون ڪاروايون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته اهي انتها پسند سوچ رکندڙ ظلم جي باهه ۾ مسڪين ماڻهن کي ساڙيندڙ ڪير آهن انهن جو تعلق ڪهڙي خطي سان آهي ۽ اهي آساني سان اسان جي ملڪ جون حدون پار ڪري پنهنجو ظالماڻو ورتاءُ ڪرڻ لاءِ اسان جي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بارود جا ڌماڪيدار مادا ۽ هٿيار کڻي ڪيئن ٿا پهچن جنهن تي سيڪيورٽي عملدارن ۽ عوامي رکوالن جي نظر به نه ٿي پئي ته حڪومت کي اصل ۾ اهوڪرڻ گھرجي ته دهشتگرد ڪهڙين تنظيمن سان وابسطه آهن يا انهن جي فنڊنگ ڪير ٿو ڪري ڪجهه ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته عرب ملڪن کان انهن پابندي مڙهيل تنظيمن کي فنڊنگ ڏني ٿي وڃي ته حڪومت کي به اهڙين ڳالهين/خدشن جي نشاندهي سان تصديق ڪري انهن دهشتگرد تنظيمن جي فنڊنگ تي روڪ ٿام ڪري انهن تي ضابطو آندو وڃي ۽ انهن دهشتگردن کي ظاهر ڪري ۽ انهن پابندي مڙهيل تنظيمن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ پهريان ته انهن جا ڪيس ملٽري عدالتن ۾ هلايا وڃن ته انهن تي واقعي به مڪمل ثبوتن سان ڏوهه ثابت ٿئي ٿو يا نه، جيڪڏهن اهي واقعي به دهشتگردي جي واقعات ۾ ملوث ثابت ٿين ته انهن کي ڦاهي جي ڦندي تائين پهچائڻ م دير ئي نه ڪئي وڃي. اڄ ڪالهه ڪجهه قلمڪارن ۽ تجزيانگارن جا اهي رايا هلي رهيا آهن ته مذهبي ماڻهن اسان جي ڌرتي کان امن کسيو آهي سو مان انهن دوستن کي چوندس ته ائين بلڪل به ڪونه آهي هي دهشتگردي ڪندڙ ماڻهو مسلمان نه ٿا ٿي سگهن هلندڙ دور ۾ تمام سولي نموني سان اسلام کي بدنام ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي صرف ڏاڙهي رکائيندڙ مسلمان ناهي هوندو جيئن هلندڙ حال ۾ ڏاڙهي رکائي مسلمانن جي آڙ ۾ اچي خودڪش حملا ڪري اسلام کي بدنام ڪيو پيو وڃي بحرحال هينئر تائين حڪمرانن دهشتگردي جي واقعن کي مختلف پاسن سان پئي ڏٺو آهي پر هنن حڪمرانن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه هرگز ڪونه ٿي آئي ته دهشتگردن کان بچاءَ لاءِ به ڪي قدم کڻون ته جيئن دهشتگردن جي ظلم ڀري ڪارواين کان ته بچون جنهن دهشتگردي وقت جي وهڪرن ۾ هن عوام کي پنهنجن جي وڇوڙي جا وڍ ڏئي جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي جنهن ڪيترن ئي والدين جا ڳڀرو هن بارود جي بي رحم باهه ۾ سڙي ويا آهن اهو لمحو به ڪيترو نه ڏکوئيندڙ هوندو جڏهن هن شهيد ٿي ويلن جي پيارن کي گھران ٺهي سنبري نماز لاءِ نڪتلن جي وڇڙي وڃڻ جي اوچتو خبر پئي هوندي ته انهن ڪينئن دردن جي دلدل ۾ دٻجي پنهنجا حوش وڃايا هوندا ڇا هنن حڪمرانن هنن دهشتگري م فوت ٿي ويلن جي وارثن جي دل ۾ دهڪندڙ درد جو احساس ڪندي تعزيت لاءِ پهچي ڪا آٿت ڏني؟ هنن جي اکڙين مان ڳڙندڙ ڳوڙهن کي اگھڻ جي ڪوشش ڪئي؟ پر ڀلي هاڻي هي حڪمران هنن فوت ٿي ويلن جي وارثن جي درد کي سمجھن يا نه سمجھن پر جيڪي وڇوڙي جي اڻمندائتي واءَ هن نمودار واقعي سان رت سان ڀريل لاش ڏنا سي ته وارثن کان ڪونه وسرندا . ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته حڪومت عوام جي حفاظت لاءِ هاڻي به ڪي قدم سرانجام ڏيندي يا نه، ۽ مدرسن، مسجدن، اسڪولن، آفيسن، يا شهرن جي انهن موڙن تي جتي ماڻهن جو اچڻ وڃن اڪثريت ۾ گھڻو هوندو آهي اڃان به اتي سيڪيورٽي سخت ڪندي يا صرف پنهنجي هٺ ۾ آئين ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتون قائم ڪرڻ کي ئي پنهنجو ڪاميابي سمجهندي رهندي

. (نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *