دنيا لاءِ ڏهڪاءَ جو سبب بڻيل داعش ؛سرور بلوچ

دنيا ۾ مختلف وقتن تي مختلف نالن سان اهڙيون تنظيمون وجود ۾ اينديون رهيون آهن، جن کي ڪجهه ملڪن پنهنجي مقصد خاطر استعمال ڪيو يا انهن جي مدد ڪئي پر وقت ثابت ڪيو ته اُهي ساڳيون جهادي تنظيمون انهن مُلڪن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويون ۽ انهن طاقت جي استعمال سان پنهنجن ئي تاتي وڏو ڪندڙن کي شديد جاني ۽ مالي نقصان پهچايو. القائدا بابت به اهائي ڳالهه سامهون آئي آهي ته آمريڪا پنهنجي مقصدن خاطر ۽ روس کي افغانستان مان ڌڪڻ ۽ ٽوڙڻ لاءِ انهن جي مدد ڪئي ۽ ساڳئي وقت ئي طالبان جنم ورتو، جنهن ۾ اسان جي مُلڪ جو پڻ وڏو ڪردار هو. طالبان يا القائدا جنگ جي ڪري نيٺ سوويت يونين کي افغانستان مان نڪرڻو پئجي ويو ۽ پوءِ اُها ٽُٽي مختلف مُلڪن ۾ ورهائجي وئي. ۽ افغانستان جون حالتون اُن وقت خراب ٿيون، جڏهن اُن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ايندڙ ڌڙن اُتي قبضو ڪري حڪومت ٺاهي ورتي. آمريڪا ڏيکاءُ لاءِ ته ان حڪومت جي مخالفت ڪئي پر طالباني حڪومت خلاف ڪو خاص رد عمل ان وقت تائين نه آيو جيستائين آمريڪا تي حملانه ٿيا. جڏهن نائن اليون تي آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر سميت مختلف اهم عمارتن سان جهاز ٽڪرايا ويا، جنهن جو ذميوار القائدا کي ڪوٺيو ويو ۽ انهن جي موجودگي افغانستان ۾ هجڻ ۽ طالبان پاران کين پناهه ڏيڻ جو جواز بڻائي افغانستان تي حملو ڪيو ويو ۽ ائين طالبان حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ آمريڪي آشيرواد واري حڪومت قائم ٿي پر اڃان تائين هُتي مڪمل امن قائم ٿي نه سگهيو آهي ۽ پرڏيهي فوجون اڃان به اُتي موجود آهن. آمريڪا ۾ ٿيل حملي جو ذميوار القائدا کي ڪوٺيو ويو ۽ ان جي سربراهه اُسامه بن لادن جي تلاش نيٺ وڃي پاڪستان جي ايبٽ آباد واري علائقي ۾ پوري ٿي، جتي آمريڪي هيليڪاپٽرن جي آپريشن ۾  ماري سندس مڙهه سمنڊ حوالي ڪيو ويو. پر القائدا اُسامه بن لادن جي مارجڻ سان ختم ٿي نه وري ڪو طالبان کي ٻُنجو آيو. ساڳين ئي تنظيمن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن پابندين بعد رڳو نالا مٽائي پنهنجي ڪم کي جاري رکيو.

پاڪستان ۾ تحريڪ طالبان جي نالي سان ساڳئي مقصدن سان تنظيم ڪم ڪري پيئي جيڪا حڪومتي ادارن ۽ عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي ته وري ٻين مُلڪن ۾ ڪجهه ٻين نالن سان ساڳئي سوچ جا ماڻهو جهادي تنظيون جوڙي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ اچانڪ هڪ تنظيم داعش (الدولته الاسلاميه في العراق و الشام  Islamic State in Iraq and Syria) ظاهر ٿي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته ان ۾ القائدا ۽ ٻين جهادي تنظيمن جا ماڻهو شامل آهن. ان تنظيم جي نالي مطابق عراق ۽ شام ۾ هڪ اسلامي حڪومت جوڙڻي آهي، جنهن لاءِ هُنن عراق جي وڏي حصي تي قبضو پڻ ڪيو آهي ۽ شام جي حڪومت سان به جنگ هلي رهي آهي، پر ان وچ ۾ ڪُرد آبادي وارن علائقن مان کين مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. داعش بابت اهي ڳالهيون پڻ ظاهر ٿيون آهن ته انهن کي ڀلي پار جي حمايت حاصل آهي يا چئجي ته هُئي. ڇو ته تازو هڪ بيان سامهون آيو آهي ته داعش هاڻ اُنهن تي پڻ حملا ڪندي.

عالمي ميڊيا موجب داعش سربراهه ابوبڪر البغدادي پنهنجي ويڙهاڪ ۽ حامين تي زور ڀريو آهي ته هُو سعودي عرب ۽ ٻين چئن مُلڪن جي حڪمرانن خلاف بغاوت ڪن، ڇو ته هوُ دولت اسلاميه خلاف آمريڪا جي مدد ڪري رهيا آهن. هُن اهو به چيو آهي ته سعودي عرب کانسواءِ، الجزائر، يمن، مصر ۽ لبيا جي ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪري سندس خلافت تسليم ڪري ورتي آهي. داعش عراق ۽ شام ۾ ته موجود آهي پر ان جا مقصد وري ٻين اسلامي مُلڪن ڏانهن وڌڻ جا امڪان آهن، جنهن لاءِ هُو پنهنجي بيان ۾ چئي چُڪو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ پڻ پُراڻن طالبانن پاڻ کي داعش سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ هُو پاڻ کي داعش سڏرائڻ تي ڄڻ فخر محسوس ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي انهن علائن ۾ جتي طالبان جي موجودگي رهي آهي، انهن علائقن ۾ داعش جو نالو ٻڌو ويو آهي. سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ داعش جي وال چاڪنگ يا وري طالبان پاران داعش ۾ شامل ٿيڻ جي بيانن بعد اها ڳالهه واضح ٿي ويئي آهي ته داعش عرب مُلڪن بعد پاڪستان يا سندس پاڙيسري مُلڪن ۾ پڻ پنهنجو نيٽ ورڪ جوڙڻ جي تياري ۾ آهي، جنهن لاءِ هن کي هتي اچڻ به ضرورت نه آهي. ڇو ته هتي اڳ ئي طالبان ۽ جهادي فيڪٽر موجود آهي. انهن کي بس رڳو پنهنجو نالو بدلائڻو آهي، جنهن جي شروعات ٿي چُڪي آهي. ان سڄي معاملي تي حڪومت ڪيتري سنجيده آهي ان جو اندازو تازو سُني تحريڪ پاران داعش خلاف ڪيل احتجاج مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ تنظيم جي سربراهه محمد ثروت اعجاز قادري چيو ته حڪومت پاران پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي نه هُجڻ ايئن آهي جيئن ڪبوتر اکيون بند ڪري سمجهي ته سڀ خير آهي.

داعش جي موجودگي تي آمريڪا پاران داعش جي ٺڪاڻن تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ ان ۾ دنيا جي ٻين مُلڪن سميت مسلم مُلڪ پڻ انهن حملن جي حمايت ڪري رهيا آهن. ڇو ته داعش جنهن نموني بي رحماڻيون ڪاروائيون ڪري ماڻهن کي قتل ۽ مذهبي عمارتن کي تباهه ڪري رهيا آهن، ان مان عراق جي ڀرپاسي وارن مُلڪن کي شديد خطرا پيدا ٿي ويا آهن ۽ ان سان گڏ پري پري جي مسلم مُلڪن تي پڻ داعش کي مضبوط ڪرڻ وارن بيانن بعد حالتون وڌيڪ خرابي ڏانهن وڃي رهيون آهن. داعش هڪ پاسي ته وڏين وڏين مسلم رياستن تي قبضي جا خواب ڏسي رهيو آهي ته ٻي پاسي پاڪستان ۽ پاڙيسري مُلڪن ۾ وري هتان جا اڳيان طالبان يا ٻيون تنظيمون پاڻ کي داعش سڏرائي سندن مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. سنڌ ۾، خاص ڪري ڪراچي ۾ طالبان يا تازو داعش بڻيلن جي موجودگي بيشڪ اُها گهٽ ئي سهي آهي ضرور، ۽ حڪومت کي ان بابت ضرور ڪو لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. هوڏانهن بلوچستان ۾ پڻ داعش جي موجودگي جي ڳالهه سامهون آئي آهي، جنهن جي حڪومتي ڌُر پڻ ڳالهه ڪئي آهي پر ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي بلوچستان يا بلوچ اڪثريت آبادي وارا علائقا مذهبي جهيڙن ۾ نه رهيا آهن پر ان هوندي به تمام ٿوري اڪثريت ۽ گُمنام ماڻهو اهڙا بيان جاري ڪندا رهيا آهي ته داعش هتي موجود آهي ۽ بلوچستان جي هڪ علائقي ۾ نياڻين جا اسڪول پڻ بند ڪيا ويا هُئا ۽ کين انگريزي تعليم پرائڻ کان روڪڻ لاءِ اهڙي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هُئي.

هڪ پاسي پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي جون ڳالهيون سامهون اچن پيون ته وري ٻي پاسي ساڳئي وقت ايراني بلوچستان ۾ پڻ ان جي موجودگي چئي پيئي وڃي. پاڪستان جو پاڙيسري مُلڪ ايران آهي، جتي پڻ بلوچستان صوبو موجود آهي، جنهن کي ايران ۾ سيستان و بلوچستان صوبي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان بابت ايراني مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي سينئر ميمبر حسين علي شهريار جو هڪ بيان سامهون آيو آهي ته سُني اڪثريتي علائقو سيستان و بلوچستان ۾ امن قائم نه ٿيو ته هي علائقو به عراق وانگر داعش جي قبضي ۾ وڃي سگهي ٿو. ياد رهي ته ايران ۾ بلوچستان بابت يا سُني اڪثريتي علائقن بابت اهڙي طريقي سان ڳالهه نه ٿيندي آهي. مجلس شوريٰ  جي ميمبر پاران اهڙو بيان سامهون اچڻ بعد دنيا جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو آهي پر سندس ان بيان تي ايراني فوج جي مشير محمد باقر زاده سخت ڪاوڙ  جو اظهار ڪندي مٿس دشمن جي طرفداري ڪرڻ جو الزام پڻ لڳايو آهي.

ايران جي بلوچستان ۾ اڪثر اهڙيون جهڙپوڻ نظر اينديون رهيون آهن، جنهن ۾ ايراني فوج يا وري سُني بلوچن جي ڪجهه گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهندي ماريا ويا آهن. ايراني سينيئر اڳواڻ جي اهڙي بيان بعد ايراني بلوچستان جا اُهي مسئلا جن بابت ايران ۾ ڪڏهن به نه ڳالهايو ويندو هو، سامهون اچي ويا آهن. ايران ۾ سيستان و بلوچستان کي گڏائي هڪ صوبو ٺاهيو ويو آهي، پر ڏٺو وڃي ته سيستان هڪ الڳ شناخت رکندڙ علائقو آهي، جتي دري فارسي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اُتي جي رسم رواج، رهڻي ڪهڻي بلوچ علائقن کان الڳ آهي، جڏهن ته ان صوبي جي ٻئي حصي بلوچستان ۾ بلوچي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انهن ٻنهي حصن ۾ فرق پڻ موجود آهي پر ان هوندي به ٻنهي صوبن کي گڏائي هڪ صوبو جوڙيو ويو آهي. جتي هميشه اهم عهدن تي سيستان جا ماڻهو يا اُهي ماڻهو جيڪي فارسي ڳالهائيندڙ يا وري مُلڪي مسلڪ سان واڳيل رهيا آهن، انهن کي اهم عهدا ڏنا ويندا آهن ۽ بلوچ علائقن جي ماڻهن کي اهم يا فيصلائتن عهدن تي نه رکيو ويندو آهي. ان صورتحال تي ايران حڪومت يا مجلس شوريٰ ۾ ڪڏهن به نه ڳالهايو ويندو آهي، پر جڏهن ايران جي هڪ اهم ۽ سينيئر ميمبر ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته کيس دشمن جو ساٿاري چئي ماٺ ڪرايو ويو آهي.

داعش، عراق مان پاڻ بيشڪ ٻين مُلڪن ۾ اچي حڪومت نه ڪري پر مختلف مُلڪن ۾ پنهنجي خيال جي ماڻهن کي گڏي ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. اهڙي صورت ۾ پاڪستان، ايران ۽ انهن سمورن مُلڪن کي گهرجي ته پنهنجي مُلڪ ۾ موجود اهڙن عنصرن کي ختم ڪن جن سان جهيڙيندڙ ماڻهن سان عام ماڻهو به گڏجي وڃن. ڇو ته ننڍن ننڍن مسئلن جا شڪار ماڻهو، جڏهن گهڻا تنگ ٿي ويندا آهن ته پوءِ اُهي سوچڻ ڇڏي اهڙا فيصلا ڪري وٺندا آهن جنهن سان کين فائدو نه پر نقصان ئي رسندو آهي. پر وٽن ٻي ڪا واٽ نه هوندي آهي. ان سڄي معاملي ۾ عام ماڻهو کان وڌيڪ حڪومتن جون ذميواريون به شامل آهن ته هُو پنهنجي مُلڪي ماڻهن کي بهتر سهولتون ڏين ته جيئن اهڙن مُلڪ دشمن ۽ انسان دشمن تنظيمن کان بچي سگهجي، خاص طور تي ايران جي بلوچستان جي ماڻهن جا مسئلا معاشي نه آهن، هُتي ڪاروبار ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن پر تمام ننڍن مسئلن جي ڪري حالتون خراب آهن،

داعش جي موجودگي تي آمريڪا پاران داعش جي ٺڪاڻن تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ ان ۾ دنيا جي ٻين مُلڪن سميت مسلم مُلڪ پڻ انهن حملن جي حمايت ڪري رهيا آهن. ڇو ته داعش جنهن نموني بي رحماڻيون ڪاروائيون ڪري ماڻهن کي قتل ۽ مذهبي عمارتن کي تباهه ڪري رهيا آهن، ان مان عراق جي ڀرپاسي وارن مُلڪن کي شديد خطرا پيدا ٿي ويا آهن ۽ ان سان گڏ پري پري جي مسلم مُلڪن تي پڻ داعش کي مضبوط ڪرڻ وارن بيانن بعد حالتون وڌيڪ خرابي ڏانهن وڃي رهيون آهن. داعش هڪ پاسي ته وڏين وڏين مسلم رياستن تي قبضي جا خواب ڏسي رهيو آهي ته ٻي پاسي پاڪستان ۽ پاڙيسري مُلڪن ۾ وري هتان جا اڳيان طالبان يا ٻيون تنظيمون پاڻ کي داعش سڏرائي سندن مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. سنڌ ۾، خاص ڪري ڪراچي ۾ طالبان يا تازو داعش بڻيلن جي موجودگي بيشڪ اُها گهٽ ئي سهي آهي ضرور، ۽ حڪومت کي ان بابت ضرور ڪو لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. ان ڪري ايران حڪومت کي به سوچڻو پوندو ۽ پنهنجي مجلس شوريٰ جي ميمبر جي ڳالهه تي ڪاوڙ بجاءِ سوچڻو پوندو ۽ ان علائقي جي ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا ويجها ڪرڻا پوندا ۽ انهن کي اظهار جي آزادي سان رهڻ جو حق ڏنو ويندو. اهڙن قدمن سان سندن مُلڪ ۾ داعش جهڙين تنظيمن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي. ڇو ته ٻاهرين طاقت تيستائين اوهان کي ختم نٿي ڪري سگهي، جيستائين اوهان جي اندران يا اوهان کان باغي انهن جي مدد نه ڪن. پاڪستان، ايران ۽ افغانستان ويجها ۽ پاڙيسيري مُلڪ آهن، انهن کي گڏجي اهڙا منصوبا جوڙڻ کپن، جن سان هوُ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري وڌ کان وڌ پنهنجي ماڻهن کي سهولتون ڏين ۽ گڏجي اهڙن تباهي پکيڙيندڙ تنظيمن مان جان آجي ڪرائي سگهن. ڇو ته جڏهن پاڙيسيري پاڻ ۾ وڙهندا رهندا ته ٻين قوتن کي انهن خلاف وڙهڻ آسان هوندو. ان ڪري جتي داعش پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي ڏيکاري پئي اُتي داعش ايران لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي ۽ ان خلاف گڏيل حڪمت عملي سان ئي انهن خطرن کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *