درازا واقعو ۽ سياسي ڄار…!Long way: وينگس

پاڪستان جي سياست کي سمجهڻ لاءِ تاريخ جي ورقن کي اُٿلائڻو پوندو ۽ پوءِ ڪيترائي رُخ آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندا، اڄ جي سياست ڪا نئين ناهي، ان ۾ هاڻي به گذريل سياسي عڪس نظر اچي پيو. سياست ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، ان جي پٺيان ڪو نه ڪو سبب ضرور هوندو آهي، هر شيءِ بي سبب ناهي. اسان وٽ جڏهن به ڪا وڏي تبديلي يا لانگ ٽرم لاءِ ڪنهن کي اچڻو هوندو آهي ته ان لاءِ ماحول به خاص طرح سان جوڙيو وڃي پيو ته جيئن ڪنهن کي ڪو وجهه نه ملي سگهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آيل ڦاهي سڀني کي ياد آهي، ان جي ڪيس کي ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان جوڙيو ويو، هاڻي ڪجهه به ڳجهو ناهي، تاريخ سڀ ڪجهه وائکو ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن ڪير مڃڻ نه ٿو چاهي ته اها ان جي مرضي، پر سچ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهيد ڀٽوز جي پارٽي، هاڻوڪي پارٽي کان گهڻي منفرد آهي ۽ عوام کي سنڌ حڪومت بيزار ڪرڻ ۾ وس ناهي گهٽايو. صوبائي حڪومتن کان وٺي وفاقي حڪومت تائين ڪنهن جي به بهتر ڪارڪردگي ناهي رهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گذريل دورن کان وٺي حڪومتون ڪنديون پيون اچن، انهن جي عوام ڏانهن پرفارمنس زيرو رهي ۽ بوگس حڪومت ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان به پٺتي ناهن.

هاڻي سنڌ حڪومت تي ڳالهائينداسين ته انهن جي حڪومت سنڌ ۾ ڪيئن رهي آهي؟ صوبائي حڪومت مٿان ڪا تنقيد ٿئي ٿي ته يقينن وزيرن کي دفاع ڪرڻ گهرجي، ٻيو انهن وٽ دفاع کانسواءِ بچيو ئي ڇا آهي! وزيرن کي پنهنجي دفاع کان ڪير روڪي نه ٿو، پر دفاع ڪندڙ جو چهرو به لفظن سان ساٿ ڏئي ته ڳالهه به سمجهه ۾ اچي…!

سنڌ جي جهڙي حالت ٿي وئي آهي، ان کان هو انڪار ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ ڳالهه صرف ٻن روڊن يا اسپتالن جي تعمير تائين ناهي، عوام جي چهرن ۾ جهاتي پائي ڏسو، جن جا چهرا اداس ٿي چڪا آهن. پ پ حڪومت ۾ سنڌ کي ڇا مليو؟ کڻي اڄ سوال ڦيرائي لکون ٿا ته پنهنجي ئي دوري حڪومت ۾ پيپلز پارٽي کي ڇا مليو؟ ڇا ان انداز سان پ پ جو جوش عوام ۾ آهي؟!

پ پ گهٽ ۾ گهٽ بلدياتي چونڊن دوران 8 ضلعن ۾ جنهن انداز سان کٽي آهي، ان تي تنقيدي نظر وجهون ٿا ته اها ئي خبر پوي ٿي ته صرف تڪن تي کٽي اچڻ سان پيپلز پارٽي عوام جي اداس دلين کي کٽيو ناهي. ها! ووٽ مليا آهن پر ڪيئن مليا، ان جي به خبر پيپلز پارٽي کي چڱي ريت آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پيپلز پارٽي کي سنڀاليو، ان وقت عوام ان جي زبان هئي، مخالف ڳالهائڻ دوران سوچيندا هئا ته ڪٿي ڪير عام ماڻهو تکو جواب نه ڏئي ڇڏي، هاڻي پ پ ڪٿي بيٺي آهي؟

پيپلز پارٽي کي بلدياتي چونڊن دوران خوش نه پر جاچڻ گهرجي ته انهن کي ڇا ان انداز سان کٽڻ گهربو هو يا عوام جي هر تڪ تان پورا ووٽ حاصل ڪرڻ گهربا هئا!

حڪومت سنڌ، بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجو ڀرم بچائي وئي، پر سنڌ حڪومت کي اڳتي ٽف ٽائيم ملندو. بلدياتي چونڊن دوران درازا واقعو صرف 12 جانين جو نقصان ناهي، اهو اڳتي هلي ڪري سياسي گيم رچائيندو. درازا واقعو ڇو ٿيو؟ ان جي ٽائيمنگ به ڏسڻ گهرجي.

تعجب آهي ته هڪ پارٽي جا ماڻهو زندگي وڃائي ويهن ٿا ۽ اها پارٽي انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي صرف بيان جاري ڪري رهي آهي ۽ حڪومتي ڌر کي ڏوهي قرار ڏنو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي سوچي سمجهي سخت قدم ۽ قانون کڻڻ گهربا هئا، پر ائين نه ٿيو ۽ درازا واقعي هڪ نئون محاذ کوليو آهي.

ٿوري دير لاءِ سوچڻ گهرجي ته آخر پيپلزپارٽي فنڪشنل ليگ سان مهاڏو ڇو اٽڪائيندي؟ يا واضح ڪري لکون ٿا ته حڪومتي ڌر ائين ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ ان کي خبر آهي ته ان سان مشڪلاتون پيدا ٿينديون. ان کان وڌيڪ پارٽي جي مزاجن کي ڏٺو ويندو آهي ته اهي سياسي مزاج ان قسم جا رکن ٿا، پيپلز پارٽي جو اهڙو مزاج ناهي رهيو ته اهي بندوق جي سياست ڪن. حڪومتي ڪارڪردگي تي هزارين اختلاف پنهنجي جاءِ تي، سياسي مزاج جي خبر سڀني کي آهي ته پيپلزپارٽي ائين نه ٿي ڪري سگهي. درازا واقعي کان پوءِ سنڌ حڪومت جي وزيرن کي بيوقوفاڻا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهربو هو، ڪيس کي عدالتي جاچ ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ چئي ڇڏيو، ان کانپوءِ ميڊيا آڏو پوري رپورٽ پيش ڪرڻ گهربي هئي.

فنڪشنل ليگ الزام هڻي پئي سگهي پر پيپلز پارٽي جي وزير کي بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، ڪنهن به حساس معاملي کي سنڀالڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. پاڪستان پوري طرح سان جمهوري ملڪ ناهي ۽ نه ئي وري حڪومتي ٽائيم فريم کي پورو ڪرڻ سان ڪا جمهوريت اچي ويندي ۽ ائين سمجهجي ته بلدياتي چونڊون امن و امان سان گذري وينديون.

مون کي ياد آهي ته مان بلدياتي چونڊن تي گذريل مهيني دوران پنهنجي دوست سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کلندي چيو ته هيل بلدياتي چونڊون خوني ٿينديون ۽ پوءِ تون ڪا وڏي تبديلي ڏسندينءَ؟

بلدياتي چونڊن دوران سنڌ ۽ پنجاب ۾ جهيڙا ٿيا، سنڌ ۾ درازا سانحو پيش آيو، اهو واقعو سنڌ حڪومت لاءِ سياسي ڄار ثابت ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ سنڌ حڪومت کي ڦاسائي ڪيرايو وڃي. فنڪشنل ليگ جنهن انداز سان ردعمل ڏيکاري رهي آهي، ان جو ردعمل سياسي گهٽ پر ڪنهن جو انتظار وڌيڪ آهي، ڇا ڪنهن اشاري جو انتظار آهي؟

ائين ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ سياسي پارٽي، جنهن بدلياتي چونڊن ۾ پورو نه کٽيو هجي ۽ مٿان 12 زندگيون ختم ٿي ويون هجن، ان ۾اهڙي چالاڪ سياسي خاموشي، ڪيترن پاسن ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي. فنڪشنل ليگ چالاڪ سياسي خاموشي اختيار نه ڪري ها ته خدشا به پيدا نه ٿين ها پر انهن جي اهڙي چالاڪ سياسي خاموشي پٺيان، سياسي چال به ٿي سگهي ٿي. هڪ اهڙي موڙ تي جڏهن درازا سانحو پيش اچي ٿو، اتي نه وسارڻ گهرجي ته متحده اسيمبلي ۾واپس اچي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي سڀاڻي جيڪڏهن ڪجهه نقصان پهتو ته ان ۾ متحده پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندي! شايد متحده پ پ جو ساٿ نه ڏئي ۽ فنڪشنل ليگ جو ساٿ ڏيندي، ان ڪري سنڌ حڪومت کي سياسي طور تي ٽف ٽائيم ملي سگهي ٿو.

درازا جو سياسي فائدو ۽ سياسي نقصان ڪنهن کي پهتو؟! ان ۾ پ پ کي سياسي نقصان پهتو آهي ۽ سياسي فائدو فنڪشنل ليگ حاصل ڪري پئي، اهي خاموش نه ويهندا، بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي تائين سنڌ حڪومت جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون وينديون. جاچ ٽيم جلدي رپورٽ نه ڏئي سگهندي، اهو به سوال آهي ته ڇا جاچ ٽيم جي رپورٽ کي فنڪشنل ليگ قبول ڪندي؟ فنڪشنل ليگ جاچ ٽيم جي رپورٽ کي جي منظور نه ٿي ڪري ته پوءِ اهي يقينن احتجاج ڪندا ۽ انهن جي احتجاج جو رُخ حڪومت ڏانهن ئي هوندو.

ان ۾ وفاقي حڪومت بچي ويندي، جيڪڏهن سڀاڻي پ پ جي حڪومت کي سوڙهو ڪيو ويو!

اسان کي وسارڻ نه گهرجي ته پنجاب حڪومت جي وزير راڻا ثناءُ الله مٿان به قتل جو الزام آهي، جي سنڌ حڪومت وئي ته پوءِ پنجاب حڪومت کي به ائين ئي سوڙهو ڪيو ويندو ۽ شايد ڪا تبديلي اچي وڃي، ڇاڪاڻ جو سياسي شطرنج جون چالون ملندڙ محسوس ٿي رهيون آهن. کڻي اهو مڃي وٺون ته سنڌ حڪومت ۽ ٻي ڪا حڪومت نه ويندي، جهڙي طرح بلدياتي چونڊون ٿيون آهن ۽ هاريندڙ پارٽين خاموشي اختيار ڪئي آهي، ان جي پٺيان سبب مختلف نظر پيا اچن.

سنڌ ۾ درازا واقعو، سياسي راند رچائيندو، 12 زندگين کي انصاف ته نه ملندو، پر سياسي چال ضرور کيڏي ويندي. درازا واقعو بظاهر ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جو نتيجو هو، پر ان جي پٺيان ڪجهه نه ڪجهه ضرور هوندو. درازا واقعو، سياسي ڄار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ 12 زندگين جي خاموشي تي هيل سياسي خاموشي مختلف انداز سان اڳتي ايندي. سنڌ حڪومت ان واقعي کي ڪيئن حل ڪري سگهندي؟ جيڪڏهن پهرين ئي سخت حفاظتي قدم کنيا وڃن ها ته ائين نه ٿئي ها. سنڌ حڪومت هن ڀيري عوامي سپورٽ حاصل ڪري سگهندي، جي فنڪشنل ليگ مخالف پارٽين کي گڏ ڪري احتجاج ڪيو ۽ 12 جنازن جي لاءِ انصاف گهري ٿي ته سنڌ حڪومت کي مشڪلاتون ڏسڻيون پونديون. درازا واقعي تي سياست ٿيندي، ان جو جڙندڙ ڄار سنڌ حڪومت کي سوڙهو ڪري سگهي ٿو. درازا واقعي جي ڪا نه ڪا ڪڙي ضرور آهي، جيڪا ڄار جوڙڻ چاهي پئي ۽ 12 زندگين جي لاءِ انصاف وري به اڌورو رهجي ويندو…!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *