درازا شريف جي سرزمين تي انسانن جو وهايل رت خوني اليڪشن جو پارٽ ون!: منظور ڪالرو

سنڌ ۾ گهڻي عرصي کانپوءِ مرحليوار مڪاني اليڪشن لاءِ چونڊن جو عمل شروعاتي طور اٺن ضلعن ۽ ٻن ڊويزنن کان شروع ٿيو، جن ۾ سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، گهوٽڪي، قمبرشهدادڪوٽ ۽ ڪنڌڪوٽ سرفهرست رهيا. اهي علائقا هونئن به برادري جي جهيڙن پراڻين دشمنين ۽ ڪاروڪاري جي مسئلن سميت امن امان جي حوالي سان خطرناڪ سمجهيا ويندا رهيا آهن، جتي سياسي ڇڪتاڻ يا سياسي پارٽين وچ ۾ ناراضگين ۽ مخالفتن کي ذاتي حيثيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪري جهيڙا ٿين ٿا، جيڪي پوءِ خوني ويڙهه ۾ تبديل ٿيو وڃن، جنهن سان امن امان وارو مسئلو ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ٿو. مڪاني چونڊن جو هي پهريون عمل جيئن ته اتر سنڌ جي انهن علائقن کان شروع ڪيو ويو آهي، جتي اڳ ۾ ئي سرداري راڄ قبائلي نظام ۽ وڏين ننڍين برادرين جا مضبوط رشتا رهيا آهن. اهڙي راڄ يا نظام ۾ ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ واري چوڻي تي عمل ٿيندو رهيو آهي. وري جو اهي سردار حڪومت ۾ به شريڪ هجن ته پوءِ کين ويتر انتظامي ۽ سرڪاري سطح جو مضبوط پٺ حاصل ٿيڻ سبب اهي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا. پوليس سان گڏوگڏ ٻين ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون سندن هڪڙي فون ڪال تي ٿيڻ ڪري آفيسر به کانئن لهرائين ٿا، ان ڪري غريب عوام غلام رهڻ ۾ ئي شايد عافيت سمجهي ٿو.

جيئن ته اسان وٽ سياسي بلوغت جا جيوڙا انهيءَ حد تائين نه وڌي سگهيا آهن، جن سان سياست ۾ تحمل، بُردباري درگذري ۽ ڊگهي نظر جي ماڻهپي يا محبت ڀريا منظر ڏسي سگهجن، هتي عام زندگيءَ ۾ ”مون سان سياست ٿو ڪرين“ وارا لفظ معنيٰ مون سان ٺڳي ۽ دولاب ٿو ڪرين طور گهڻو استعمال ٿيندا رهن ٿا، ڇو جو اسان جو سياسي ڪلچر جيڪو سڄو ڏينهن پورو مهينو ۽ سمورو سال سياست ۾ ته مشهور ۽ مشغول ڏسڻ ۾ ايندو، ننڍا وڏا سياسي پارٽين جا ورڪر سياست- سياست ڪندي جوڙ توڙ جو حصو رهن ٿا، پر سياست جي منزلت ۽ اوچائي ڪيتري قدر ۽ ان جا مقصد ڇا هئڻ کپن، تنهن بابت اڻ ڄاڻائي جي حد افسوسناڪ ڏسجي ٿي، سياسي طور اسان جي پارٽين جي ورڪرن يا عهديدارن جي سکيا ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ان ڪري اهي به اهو ئي ڪن ٿا، جيڪو سندن سامهون ٿيندو آيو يا ٿي رهيو هوندو آهي، تنهن ڪري هتي جي سياست ۾ درگذري ۽ همدرديءَ وارا لاڙا دلي طور اڃا پري آهن، اهي ملڪ ئي ٻيا، جتي سياست کي سياست سمجهي ان مطابق سماج، شهر ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو وڃي ٿو، جتي عوام خاص طور غريب ۽ بي پهچ عوام جي حقيقي طور عزت ٿيندي ڏسجي ٿي، جنهن ڪري انهن جي ترقيءَ جا گراف اسان کان سئو سيڪڙو مٿي رهيا آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سماج ۾ بهتريون آڻڻ ۽ ادارن کي پنهنجو ڪم ذميواريءَ سان ادا ڪرڻ بنيادي طور مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ لازمي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن چونڊ عمل وسيلي عوام مان عوام جا چونڊيل نمائندا چونڊجي مڪاني نظام جو وهنوار هلائين ته اهو بهتر سمجهيو وڃي ٿو پر افسوس جو اهڙو وهنوار حڪومتي سياسي پارٽين جي نظر ڪرم تي رهي ٿو، تنهن ڪري اهي ضروري سمجهن ته بلدياتي چونڊون ڪرائين ۽ جيڪڏهن نه سمجهن ته اهي نه ڪرائين پوءِ ڀلي عوام انهيءَ لاءِ مطالبا، گذارشون ۽ التجائون ڪندو رهي. انهيءَ ڪري هتي بلدياتي سسٽم جيڪو اڄ کان فقط 35-40 سال اڳ هو، اهو به بگڙي ويو ۽ ميونسپل ڪميٽين جي سربراهن پنهنجو بنيادي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ”ڪنهن ٻئي“ ڪم طرف ڌيان ڏيڻ لڳا. گذريل ستن سالن دوران ته ميونسپل ايڊمنسٽريشن پنهنجي بدنامي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي بربادي ڪري ڇڏي، ڇو جو ڪا به بهتري يا ترقي ته ڏسڻ ۾ نه آئي، البته تباهه ڪارين جا ديدار ضرور نصيب ٿيا!!

هاڻ جڏهن معزز سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بلدياتي چونڊون نيٺ ڪرايون وڃن پيون ته خير سان 31 آڪٽوبر تي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ پولنگ ٿي ته اُميدون به قائم ٿيون آهن ته هاڻ ڪا ترقي ۽ بهتري آندي ويندي، جتي ترقي ۽ بهتر نظام لاءِ هي چونڊ عمل شروع ٿيو آهي، تڏهن ٻنهي صوبن جي پولنگن تي جيڪي افسوسناڪ واقعا رونما ٿيا آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته اسان سياست سياست جا لفظ اچاري سگهون ٿا پر سياست ڪا ٻي شيءِ آهي جيڪا امن، محبت، ترقي، درگذري ۽ همدردي جي صفت سان مالا مال آهي، جنهن کانپوءِ اسان جون سياسي پارٽيون دور آهن.

خيرپور جي شهر ڇا پر مشهور صوفي بزرگ سچل سرمست جي نگري درازا شريف ۾ پولنگ واري ڏينهن فقط بلدياتي چونڊن جي عمل لاءِ ٿيل ننڍڙي جهيڙي کي جديد هٿيارن جي ڌڙاڌڙ فائرنگ سان 12 انسانن جو خون ڪري ڇڏڻ سان ڇا اسان کي سڌريل سماج طور سمجهيو ويندو؟ اهي 12 انسان فقط ان ڪري ماريا ويا جو انهن مڪاني چونڊن ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي پولنگ تي آيا ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جو ساٿ ڏنو ڇا؟ ڪنهن سياسي جماعت جو ساٿ ڏيڻ يا ان سان شراڪتداري به ڪو ڏوهه آهي؟ درازا جي امن واري ڌرتي تان ته محبتن، پيار، ڀائپي، هڪ ٻئي جو احترام ۽ درگذري جا پيغام عام ٿيندا رهيا آهن پوءِ اهي ڪهڙا وحشي جانور نما انسان هئا، جيڪي جديد هٿيارن سان آيا ۽کلي عام پولنگ واري عمل دوران ماڻهن کي قتل عام ڪندي دهشتگردي ۽ وحشتن سان انسانن جو خون ڪري درازا جي ڌرتي کي ڳاڙهي رت سان رڱي هليا ويا!

ضرور پوليس عملو مقرر هوندو يا حفاظتي انتظام ڪيل هوندا، اهو به ان حالتن ۾ جڏهن اهي ضلعا يا انهن جا ڪيترائي شهر حساس قرار ڏنل هئا، پوءِ اهي ڪهڙي ”خوني مخلوق“ هئي، جيڪا اهڙي موتمار فائرنگ ڪندي ماڻهو ماري گاڏين تي وحشياڻه حملا ڪري آساني سان فرار ٿي وئي؟ ڪو جهنگ هو، ٻيلو هو يا اتر وزيرستان واري جاگرافي واري حالت هئي، جبل پهاڙ هئا، جو خوني ڏوهه ڪري ماڻهو بيدردي سان ماري هليا ويا؟ سنڌ ۾ ماڻهو مارڻ ايترو سستو ۽ سولو ٿي ويو آهي جو ڪو احساس ڪو ڊپ ۽ خدا کي جواب ڏيڻ جو خوف، سڀ ختم ٿي چڪو آهي، فقط درازا جي بلديات تي مقررين لاءِ ايڏو وڏو خوني اليڪشن ٻڌائي ٿو ته هاڻ سنڌ ۾ جيڪو طاقتور سردار هوندو ۽ اهو حڪومتي پارٽيءَ سان حمايتي هوندو ته ان لاءِ سڀ خون معاف سمجهيا وڃن.درازا شريف جي ”وريو واهڻ“ ۾ ٿيل هي خونخوار دهشتگردي ٻڌائي ٿي ته انتظام بهتر طور نه ڪيل هئا ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جا بندوبست نه ٿيڻ سبب ننڍڙو جهيڙو وڌي (12) انسانن جي قتل جو سبب بڻيو، جنهن لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس پاران جاچ ڪميٽي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪاش! اتي اڳواٽ ئي رينجرز يا فوج کي مقرر ڪيو وڃي ها ته اهڙو افسوسناڪ واقعو رونما نه ٿيڻ جا گهڻا امڪان هئا. اهڙي واقعي بعد گذريل ڏينهن به سنڌ جي گهڻن شهرن ۾ هڙتال ۽ سوڳ واري حالت ڏٺي وئي، مقتولن جي جنازي نماز بعد کين مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، پر سندن اجڙيل گهرن ۾ انهن جا پيارا اڄ به کين ساري روئي لڙڪ ڳاڙي رهيا آهن، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟  ساڳئي وقت پ پ جي ڪاميابي تي ٿيندڙ جشن ملهائي ناچ ڪري ٻارنهن خونن کي ڪا به اهميت نه ڏيڻ وارا ڏکوئيندڙ منظر به ڏسجن پيا. ان هوندي به اُميد ته سرڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا 12ڄڻن جي قاتلن جا پيرا کڻي کين گرفتار ڪندا ته جيئن سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو امن امان سان گذري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *