خيرپورناٿن شاهه جي ليڊي هيلٿ ورڪرن سان انصاف ڪيرڪندو.؟غلام مصطفيٰ جمالي.

انسانيت جو قدرڇا آهي انهي جو هڪ جائزو وٺندايسن ته قدرُن ۽ انهن جي وصفن جي انفرادي سطح تي پرک:انفرادي سطح تي فدرن جي حوالي کان،قدرُن ۾ سچ، قرباني، پارڻ ارپڻ، احترام، سونهن، حسن، ترقي جو معيار، ذاتي مفادن کان مٿائون هجڻ، ٻين ۽ پنهنجي عزت نفس هجڻ،روز مرهه جي معاملي ۾ مُنصفي کان ڪم وٺڻ،محبت ڪرڻ،۽ ان جو پيغام پيکڙڻ ،رواداري،سهپ،علم جي ترقي تي دن دولت کي ترجيع ڏيندو،اسانجي سماج ۾ ماڻهن جي گهڻائي وٽ نه آهي،سماج منجهان قدر ماري چٿي ختم ڪيو پيو وڃِي،انڪري ضروري آهي ته اسين اسين انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي چڱن قدرن کي هٿي وٺرايون ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريون،هن وقت پاڪستان اندر عورت ذات کي جيترو ڪمزور هيڻي ۽ لاچار سمجهيو وڃِي ٿو.مان سمجهان ٿو ته اتي انهي عظيم عورت جي ڪيترن ئي حقن تا ڌاڙا هڻڻ جو رواج به عروج تي پهچي چڪو آهي،نه رڳو اهو حقن کسڻ وارو ڌاڙو عروج تي پهتو آهي پر پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ انهي عورت کي به مختلف طريقن سان هيسايو ويندو آهي،ڇو ته هن ملڪ اندر عورت جا حق ۽ انهن مطالبا ته پري جي ڳالهه آهي پر هن ملڪ اندر عورت کي صرف ۽ صرف گهر جي چارديواري اندر قيد ڪري مٿس تشدت ڪري کائونس پنهنجي خواهشون پيوريون ڪرڻ لاءِ هڪ باندي طور رکيو ويندو آهي،اڪثر ڏٺو ويندو آهي ته پاڪستان جون عورتون پنهنجي حقن لاءِ جيترو جاکوڙيندڙيون آهن انهن عورتن تي ايترو وڌيڪ پريشر وجهي ڪري کين پنهنجي مقصد تان هٽائڻ لاءِ ڏڄاريو ويندو آهي،ڇو ته خاص طور تي سنڌ اندر عورت ايتري  ته هيڻي ۽ ڪمروز ڪئي وئي آهي جو هوُ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ هزار دفعا سوچيندي آهي ته ڪٿي انهي حقن جي آواز بلند ڪرڻ تي کيس ماريو ته نه ويندو ڪٿي سندس معصوم بچن جو قتل عام ته نه ڪيو ويندو،ڪٿي سندس عزت ۽ آبرو سان ته نه کيڏيو ويندو،اهي سڀ ڳالهيون سامهون رکي ڪري اڄ ته ڪيتريون اهڙيون عورتون آهن جيڪي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارين پيون.ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون آهن جيڪي اڃان ٿڪيون ناهن،جن کي پنهنجي منزل تي سامهون نظراچي رهي آهي اها منزل انهن تمام گهڻي ڏرو آهي،پرسندس پير انهي منزل جي طرف روان دوان آهي،سندس پير زخمي ٿي چڪا آهن انهن پيرن اندر ڇالا پئجي ويا آهن،پر سندن ارادا جبل کان به وڌيڪ مظبوط آهن،مان سلام پيش ٿو ڪيان. انهن ادڙين کي ،جبل جيڏي ارادي به به سلام پيش ٿو ڪيان جيڪو انهن ڪڏهن به پست ناهي ٿيڻ ڏنو.اهڙيون اديون اڄ به خيرپورناٿن شاهه اندر هڪ زندهه مثال آهن جن جا ارادا اڃان پڪا آهن ۽ انهن جا ارادا اڃان پست ناهن ٿيا،مان انهن ادڙين تي اڄ لکندي مان تمام گهڻو خوش آهيان ته اڄ منهنجو قلم ۽ انهي جي مس جو هڪ هڪ ڦڙو انهي درد جي داستان لکي رهيو آهن جيڪو درد خيرپورناٿن شاهه جي نياڻين جي اکين ۾ لالاڻ آئيندي صاف ۽ چٽو نظر اچي رهيو آهي،ها آئون انهي ادين جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪي اڄ مڪمل ٽن مهنين کان وٺي پنهنجي مطالبن تي مڃتا لاءِ احتجاجي ڪيئيپ اندر خيرپورناٿڻ شاهه ۾ ويٺل آهي،خيرپورناٿن شاهه جون ليڊِي هيلٿ ورڪر جن کي مسلسل احتجاج ڪندي اڄ ٽن مهينا گذري چڪا آهن پر مسلسل ٽن مهينن اندر سندن ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي اهڙو نه ناهي جيڪو وٺن ٻه پير پري هلي اچي ۽ سندس مسئلا ٻڌي ۽ انهن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري،جنهن مان صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته هن ملڪ اندر پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ جي برابر آهي،پرشايد ائين به ناهي خيرپور ناٿن شاهه جو ليڊي هيلٿ ورڪر جا اهڙا به ناجائز مسئلا به ناهن جيڪي حل ڪرڻ جهڙا نه هجن ته ڏٺو وڃِي ته سندس سمورا مسئلا جائر آهن جن جي سنڌ حڪومت پنهنجي انا جو مسئلو سمجهي ڪري پورو نه ڪري رهي آهي،سنڌ حڪومت جي صحت کاتي پاران سموري سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،جڏهن ته ليڊِي هيلٿ ورڪرن کي اميد جاڳي هئي ته سندس پگهار وڌندي ۽ کين نوڪري جو اسڪيل ملندو ۽ کين ماهوار جي بنياد تي پگهار ملندو جنهن ڪري سندس گهر جي چلهه ٻري سگهندي پر ائين نه ٿي سگهيو ڇو ته اهو سنڌ حڪومت جو صرف ۽ صرف اعلان هو ته سنڌ اندر 30هزار ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪيو ويو آهي،جيڪو اعلان اڃان تائين هڪ اعلان جي شڪل ۾ ئي سامهون آهي،سنڌ اندر هزارين ليڊي هيلٿ ورڪر جن کي اڄ تائين پڪوپ نه ڪيو ويو آهي،۽ کين ڇهه ڇهه پگهار به نه ڏني وئي آهي،جنهن جي خلاف خيرپورناٿن شاهه جي ادين سپروائيز ادي نوربانوملاح،رخسانه ملاح،فاطمه ملاح،رابعه ناريجو،پروين کوکر،جي ليڊر شپ ۾ مسلسل ٽن مهينين کان ڌرڻو لڳل آهي پر افسوس جو صحت کاتي جو ڪو به اعليٰ عملدار اڄ تائين وٺن لڙي به آيو آهي،نهايت ئي ڏک ۽ افسوس ته چوڻو ٿو ته پوي به رڳو انهن نياڻين جي حقن کي دٻايو پيو وڃِي پر خيرپورناٿن شاهه جي ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس به جهڙوسلوڪ ڪري رها آهن انهن کي اهڙي سلوڪ تي الله جي قهر کان ڊڄڻ گهرجي،مان جڏهن خيرپورناٿن شاهه جي ادين سان رابطو ڪيو کين سندس مطالبي بابت پڇا ڪئي ته فون ته مسلسل ٻڌائيندڙ ادي روئي رهي هئي،سندس سسڪيون بند نه پئي ٿيون،شايد انهن سان سلوڪ شايد اهڙو ئي ڪيو ويو هو،ادي ٻڌاِئيندي چيو ته اسانکي مسلسل ٽي مهينا ٿي چڪا آهن ۽ اسان پنهنجا جائز مسئلا انتظاميه سامهون رکيا آهن،۽ اسين مسلسل ٽن مهينن کان وٺي احتجاجي ڪيئپ تي ويٺل آهيو پر اڄ تائين اسان وٽ صحت کاتي جو ڪوبه اعليٰ عملدار لڙي به آيو آهي،ادي ٻڌايو ته سان ته خيرپورناٿن شاهه جو ايم ايس ۽ ضلعي جو ڊي ايڇ او، کين مختلف طريقن سان پريشرائيز ڪيو پيو وڃِي،هنن ٻڌايو ته اسان جي پاڻي هاريو ويندو آهي،۽ پيئڻ جو پاڻي به نه ڏنو ويندوآهي،۽اسپتالن جي باٿ روم کي به ڊي ايڇ او جي چوڻ تي ايم ايس تالا هڻائي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري کين تمام گهڻيون ڏکايون پيش اچي رهيو آهن،مان اوهانکي واضع ڪندو هلان ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان انهي معاملي جو نوٽيس وٺندي ان رڳو سموري ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو هو ته ليڊي پروائيزکي 14اسڪيل ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر جي 9 اسڪيل ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو،جنهن تي اڄ تائين به عمل به ٿي سگهيو آهي،انڪري مان اعليٰ عدليه کان اهو پڇي سگهان ٿو ته اوهان اڍائي لک جي عيوض پاڪستان جي وزيراعظم کي اناهل قرار ڏئي سگهون ٿا،پر اوهان جي خيرپورناٿن شاهه جي نياڻين جو مسئلو حل نه پيو ٿي آخر ٿو،ڇا حڪمران عدالت جي کان به بالاتر آهي جيڪي عدالت جي فيصلي جو سئون سنڌو انڪاري آهن،هن وقت خيرپورناٿڻ شاهه جي نياڻين سان سموري سنڌ واسين جو همدريون گڏ آهن،جنهن پاڪستان شعيه علما ڪائونسل،سنڌياڻي،تحريڪ،عوامي تحريڪ،ايس ٽي پي،تحريڪ انصاف،جسقم سيمت سموريون پارٽيون سندس همدري ڪري رهيوآهن،جڏهن ته مختلف پارٽين سان لاڳايل جنهن سورٺ ٿيٻو،امرسنڌ،نايات سرڪش،نواز،عاشق زئنور،سميت ڪيترائي اهم اڳواڻڻ سندس احتجاج ۾ وٺن اچي چڪا آهن،پر اصل معاملو سندس مطالبن جو آهي جيڪو پوري نه ٿي رهيو آهي،انڪري مان صحت کاتي سنڌ جي اعليٰ عملدارن کان صرف ايترو ٿو پڇان ڪيان ته اوهان ۾ ايتري انا ڇو آهي جو اوهان خيرپور جي ليڊي هيلٿ ورڪرن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءٌ نه وٺي رهيا آهيو آخر ڇو،ڇا اوهانکان انصاف گهرڻ ڏوهه آهي يا اوهانجي اکين تي انڌ جو پٽيون ٻڌل آهن جو اوهانکي انهن ادين جي جا جائز مطالبا ڏسڻ ۾ ئي نه پيا اچن،انڪري مان خيرپورجي ادين سپروائيز ادي نوربانوملاح،رخسانه ملاح،فاطمه ملاح،رابعه ناريجو،پروين کوکر جي سلام پيش ٿيو ڪيان جن مسلسل ٽي مهينا پنهنجي مڃتا لاءِ مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي احتجاج کي جاري رکيو آهي،انڪري مان ادين کي اهو پيغام ٿو ڏيڻ چاهيان ته اسين سڀ اوهان سان گڏ آهيون اوهانجو مسئلو جائز آهي جيڪو انشاالله جلد پورو ٿيندو،اتي مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي به عرض ٿو ڪيان به اوهانجي حڪم کي نظراندازڪندڙ به توهين عدالت جو ڏوهه ڪري رهيا آهن جن جي پاڪستان آئين تحت سزا ڏئي کين نااهل قرار ڏنو وڃي،

mustafa.03333737575@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *