خيرسگالي طور کليل طور خم سرحد ۽ دهشتگردي: صاحب خان ڀٽي

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ طورخم کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيو ويو آهي، جنهن کي گذريل ڏينهن 32 ڏينهن مڪمل ٿيڻ بعد وزيراعظم نوازشريف جي هدايتن تي ٻيهر کوليو ويو آهي، جنهن جي ڪجهه ڌريون واکاڻ به ڪري رهيون آهن پر افسوس ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته افغانستان سرحد وٽان دهشتگرد  پاڪستاني سڪيورٽي اهلڪارن جي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڪيترائي جوان شهيد ٿي چڪا آهن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي ڀرپور ڪارروائي سبب  ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو به ويو  آهي پر ان باوجود افغانستان طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه دهشتگردن جي ور چڙهيل ملڪ افغانستان پاڪستان کي اها ڪا خاص خاطري ڪرائي ته هو انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندو جيڪي سرحد وٽان پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي حملا ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن افغان صدر اشرف غني جي بيانن کي ڏٺو وڃي ته اهو هميشه پاڪستان خلاف ئي ڳالهائيندي رهيو آهي جيڪو پاڙيسري ملڪ کي به خوش ڪرڻ ۾ مصرف نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب اهو ڪڏهن به نه ٿو چئي سگهجي ته طورخم بارڊر کلڻ سان افغان صدر اشرف غني جو رويو پاڪستان لاءِ بهتر ٿي سگهندو، هتان جا حڪمران به اهي بيان ڏئي چڪا آهن ته افغان صدر اشرف غني ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي پر ان باوجود هن نازڪ حالتن ۾ پاڪ افغان سرحد کولڻ سمجهه کان ٻاهر آهي،  ملڪ ۾ سيوهڻ شهر ۾ دهشتگردن آپگهاتي ڌماڪا ڪيا ۽ پي ايس ايل کي به ناڪام بڻائڻ لاءِ لاهور ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪيون ويون ، ايتري قدر جو پاڪ افغان سرحد تي سڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي به حملا ڪيا ويا، ان هوندي به سرحد کي کولڻ  هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو،

هڪ ته دهشتگرد تنظيمون هن ملڪ سرگرم نظر اچي رهيون آهن جن جون ڪهري ڪارروايون به جاري آهن، جيڪي دهشتگرد ملڪ اندر سڪيورٽي ادارن هٿان مري رهيا آهن انهن جو تعلق ڪهڙي نه ڪهڙي ريت افغانستان سان ئي ٻڌايو پيو وڃي، جيڪڏهن  اهڙي صورتحال ۾ خيرسگالي طور خم سرحد کي کوليو ويو آهي ته ان سان دهشتگردن جي ملڪ اندر پاڙو اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن ٿيون، جيتوڻيڪ هن وقت طورخم بارڊر کي مهيني کان پوءِ کوليو ويو آهي ۽ اها دعويٰ به ڪئي پئي وڃي ته جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهن انهن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ڇڏيو وڃي ٿو پر ڪنهن جي مٿي ته لکيل نه هوندو آهي ته ڪير شريف آهي ۽ ڪير دهشتگرد آهي، هن وقت ملڪ ۾ عوام توڙي سڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي نشاني اچي ويا آهن، جنهن سبب هر طرف خوف وارو ماحول آهي، وفاقي حڪومت ملڪ اندر ڪيترو امن ڪرائي سگهي آهي اهو سيوهڻ سانحي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اڳ دهشتگرد صرف ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ هوندا هئا پر هاڻ دهشتگردن ڪراچي کانپوءِ شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سيوهڻ جو به رخ ڪيو آهي، جنهن سبب هن وقت تائين ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، وزيراعظم نوازشريف  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي  ته پاڪ افغان طورخم سرحد کي خيرسگالي طور کوليو ويو آهي، جيڪڏهن طورخم سرحد کي نه کوليو وڃي ها ته اهو عوامي ۽ معاشي خلاف هجي ها، بهرحال ملڪ اندر دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ وفاقي حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف افغان صدر اشرف غني جي ڏنل بيانن تي هڪ نظر ثاني ڪري ها ۽ افغان سرحد کان سڪيورٽي ادارن تي ٿيل حملي شهيد ٿيل فوجي جوانن  جون قربانيون ڏسي ها ته شايد ان کي خيرسگالي  بابت سوچڻو نه پئي ها  ۽ اهڙا فيصلا  ڪرڻڻ کان اڳ ضرور سوچي ها،

هن وقت سڪيورٽي ادارا توڙي عوام دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ طرف پاڙيسري ملڪ ڀارت سرحد وٽ سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته مٿان وري افغان سرحد کان دهشتگرد پاڪستاني  سڪيورٽي ادارن جي چيڪ پوسٽن تي حملا به ڪري رهيا آهن، جنهن  بابت خبرون روز  اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ  گهرو وزير چوڌري نثار علي خان به وڏيون وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي ته هنن دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي آهي جنهن سبب ملڪ ۾ دهشتگردي تي ضابطو اچي چڪو آهي ۽ هاڻ دهشتگردن جا نيٽ ورڪ سرحد پار آهن، جن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي، وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي ڪنهن کي به حيريت نه ٿيندي ۽ نه ئي ان جي بيان کي ڪير غلط چوندو، ڇاڪاڻ ته سڪيورٽي ادارا دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ مصروف آهن ۽ ضرب عضب کانپوءِ ردالفساد به آپريشن جاري آهي پر وفاقي حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ هن وقت ڇا ڪيو آهي ان بابت وفاقي گهرو وزير ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ اهو نه ٻڌايو ته سرحد پار کان جيڪي  دهشتگرد حملا ڪري رهيا آهن انهن خلاف افغانستان ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، وفاقي گهرو وزير ته اڃا عوام کي اهو به نه  ٻڌائي سگهيو آهي ته نادرا جيڪي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا آهن انهن کي ڪيتري حد تائين بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي جيڪي اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن.  بهرحال وفاقي گهرو وزير  اهو ضرور چيو آهي ته 3 لک 44 هزار 597 شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن هاڻ خبر ناهي ته اهي ڪارڊ افغانين جا ڪيا ويا آهن يا وري هتان جي مقامي ماڻهو کي اها سزا ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر اهي دانهون ٿي رهيون آهن ته افغان شهرين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن، جنهن جو انڪشاف پاڻ وفاقي گهرو وزير به ڪري چڪو آهي،

جيڪڏهن  حساس اداري نادرا ۾ به اهڙا ماڻهو ڀرتي ٿيل هجن جيڪي هن ملڪ ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندا هجن ته پوءِ آخر ڪهڙي ريت هي ملڪ دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري سگهندو، ڀلي کڻي وفاقي گهرو وزير اها دعويٰ ڪندو هجي ته ملڪ اندر  نادرا جا جعلي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا هجن پر جيستائين افعان مهاجرن ۽ پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد نٿا ڪيا وڃن  تيستائين ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم نه ٿي ٿي سگهي. وفاقي گهرو وزير جن بلاڪ ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ بابت بيان ڏنو آهي، انهن مان 2 لک 17 هزار 7 پشتونن جا، 29 هزار 510 پنجابين جا، 8 هزار 426 بلوچن جا ۽ 7 هزار 37 سنڌين جا ڪارڊ بلاڪ شامل آهن، ايتري قدر جو انهن ۾ 6 هزار 952 ڪارڊ پرڏيهين جا به شامل آهن.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم طرفان طورخم سرحد کي کولڻ سان ڪنهن کي به اعتراض نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ افغانستان کي ايترو ته مجبور ڪيو وڃي ته جيڪي دهستگرد تنظيمون افغانستان ۾ موجود آهن ۽ اهي پاڪستان ۾ ڪارروايون  ڪري رهيون آهن انهن خلاف ڪاررائي ڪري، جيڪڏهن افغانستان حڪومت به سرحد تي سڪيورٽي سخت ڪري ته شايد دهشتگرد پاڪستان اندر داخل ئي نه ٿي سگهن پر افسوس جو نه ته افغانستان سرحد وٽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪي رهيو آهي ۽ نه ئي وري افغانستان ۾ موجود عالمي ادارا انهن دهشتگرد تنظيمن کي چٿڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيا آهن.بهرحال هاڻ طورخم سرحد کلي چڪي آهي، جتي سڪيورٽي جا انتظام سخت کان سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي به ماڻهو اچ وڃ ڪري رهيا آهن انهن تي به ڪڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جئين دهشتگردن کي هن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ته جئين ڪو ٻيو خاندان دهشتگردن جي سبب اجڙي نه وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *