خبرون ئي خبرون؛حسن نثار

ڳالهه هڪ تڪ جي ناهي…..ٻه نمبر جمهوريت جي نڙي ۾ چنهب واري هڏي ڦاسڻ جي آهي.ٽريبونل پاران ايڪشن ري پلي ٿي ويو ته اڳڪٿي شيخ رشيد جي ئي سچ ثابت ٿيندي ته هي چار تڪ ناهن جنازي جا چار پاوا آهن ۽ جنازو ڪنهن جو هوندو؟ سياڻا سچ چوندا هئا ته سو ڏينهن چور جا، هڪ ڏينهن ساڌ جو.ٻئي خبر جو تعلق کٽمنڊو سان آهي جتي پاڪستان آرمي فيلڊ اسپتال ۾ پيدا ٿيندڙ ٻئي ٻار جو نالو “ پاڪستان” رکيو ويو آهي.“ محبت فاتح عالم” پر الائي ڇو کٽمنڊو ۾ ٻه ٻه پاڪستان ڏسي مون کي اهي ڏينهن ڇو ياد اچي وياجڏهن اسان به“ٻه” ئي هوندا هئاسين. هڪ اولهه پاڪستان ٻيو اوڀر پاڪستان جيڪو هاڻي بنگلاديش سڏرائي ۽ اسان کان ڪرڪٽ ميچ کٽي ضرورت کان وڌيڪ خوش ٿيندو آهي.جڏهن ته “ڪبهي هم بهي تم بهي تهي آشنا” ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هڪ کان ٻه ٿي وڃڻ واري هي تڪليف ڏيندڙ راند آهي ڇا؟ ته شايد هي ننڍڙو نظم ان سوال جو جواب ڏئي سگهي.

“مان ۽ تون

مان جي حد کان ٻاهر نڪتاسين، هڪ ٿياسين

مان واري حد ئي

ختم نه ٿيندڙ حد هئي”

مان واري حد انصاف تي ختم ٿئي ٿي ۽ جتي انصاف ختم ٿي وڃي اتي“ مان ۽ تون” جي هڪ اهڙي ورهاست شروع ٿي ويندي آهي، جنهن تي لڳل رت جا چٽا ڪيترين ئي برساتن کانپوءِ به ناهن ڌوپجندا ، پر هر رت جي داغ تي هڪ ڦاهي گهاٽ جوڙيو ويندو آهي،جو ايترن سالن کان پوءِ به بنگلاديش ۾ ڦاهي گهاٽ مصروف آهن. پاڪستان جي ٻن حصن ٿيڻ تي مون  گهڻو ڪجهه پڙهيو پر سچي ڳالهه اها آهي ته سڪون نه مليو. پورو جواب نه مليو ته ان وڏي المئي جا حقيقي سبب ڪهڙا هئا؟  ڄاڻڻ جو مطلب پنهنجا زخم کوٽڻ ناهي، سبق سکڻ آهي ته ڪا غلطي ، ڪا بيوقوفي ورجائي نه وڃي. ان موضوع تي آخري ڪتاب شريف الحق واليم(بيراتم) جي هئي.جنهن جو عنوان “ANBANGLA UNTOLD STORY”پر هن ڪتاب مان به پوري طرح مطمئن نه ٿي سگهيس. تازا ترين خبرن ۾ سڀ کان وزنائتي ۽ شاندار خبر پاڪستانين لاءِ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي.ٻوڙن،گونگن ماڻهن پنجاب اسيمبلي جي اڳيان 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو آهي. مظاهرو ڪندڙ خاص اشارن سان پنهنجو حق بلڪي حقَ گهرندا رهيا.

جلدي ئي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ  جو مطالبو ڪيو ويو  ۽ مال روڊ تي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. ان کان اڳ اکين کان معذور ماڻهو به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مظاهرا ڪري چڪا آهن ۽ لٺين جي صورت ۾ “جمهوريت جو حسن” به ڏسي چڪا آهن ته ان سموري صرتحال ۾ ٻه ڳالهيون غور ڪرڻ جهڙيون آهن. پهرين ڳالهه ته ٻوڙن ، گونگن۽ اکين کان وانجهيل ماڻهن   جي نوڪرين جي ڪوٽا هجڻ ئي غلط آهي ڇو ته اڳ ۾ ئي سرڪاري نوڪرين ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا موجود آهن. سرڪاري نوڪرين تي ته قبضو ئي اسپيشل ماڻهن جو آهي، ته انهن کي ڪهڙي “ڪوٽا” جي ضرورت آهي. خبر جو ٻيو رخ اهو آهي ته اسان نامنهاد نارمل پاڪستانين کان ته اهي گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ماڻهو گهڻا بهتر آهن، جيڪي پنهنجي حقن جو نه رڳو شعور رکن ٿا پر ٻڌي ۾ به آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته احتجاج ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو به رکن ٿا. سي ٽي او طيب حفيظ چيما 11 مئي کان پوري لاهور ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ وارن خلاف  ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪندي چيو ته سفر جي دوران سيٽ بيلٽ جي استعمال جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي.اسان ڪهڙي عجيب ۽ غريب قسم جي“ عقلمند ۽ باشعور” عوام آهيون،

جن کي پنهنجي زندگين جي حفاظت لاءِ به ڪريڪ ڊائون جي ضرورت آهي.مون آمريڪا جي شهر  ڊيٽر ائيٽ ۾ فورڊ ميوزم هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو. انسان جيڪا پهرين گاڏي روڊ تي آندي ان جو پيٽرول ٽينڪ ۽ بريڪون ته ڇا…..اسٽئرنگ به نه هو. ترقي ڪندي ڪندي آٽو موبائيل کي ڪٿان کان ڪٿي کڻي آيا، ڪيترا سال پهرين سيٽ بيلٽ متعارف ڪرائي ڇڏي ۽ هڪ اسان آهيون جو 2015ع ۾ به سيٽ بيلٽ ٻڌڻ جو طريقو ناهي، ته فرق صاف ظاهر آهي.

آخر ۾ پنجاب حڪومت کي درخواست آهي ته ڊي آئي جي اپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي ٻين شهرن ۾ ورهائي ڇڏي ته جيئن هر شهر ڊاڪٽر صاحب جي “علاج” مان فائدو وٺي سگهي.منهنجي لاءِ اها ننڍڙي خبر يقين نه ايندڙ  حد تائين وڻندڙ آهي ته لاهور ۾ ڏوهه جي شرح تيزي سان هيٺ اچي رهي آهي ۽ پوليس ڪلچر جو ڏيک مٽجي رهيو آهي. پوليس ۾ نه رڳو جديد انداز ۾ آئي ٽي ڪلچر متعارف ڪرايو ويو آهي پر ريسڪيو15 جي اپ گريڊيشن به ڪئي وئي آهي. پوليس شڪايت سيل سان گڏ ئي نئون ايس ايم ايس“ميسيج،نياپي”  وارو نظام اچي ويو آهي ۽ نئين پيٽرولنگ نظام سان گڏو گڏ ترڪي جي انداز ۾ “ ڊولفن فورس” به بيهاريون ويون آهن. ڊاڪٽر حيدر اشرف فيم پوليس سينٽر پهرين ئي پوري صوبي ۾ شروع ٿي چڪو آهي ته حيرت ان ڳالهه تي آهي ته جيڪڏهن اهو“ “حيدر ماڊل” لاهور ۾ ايترو اثرائتو ثابت ٿيو آهي ته ان کي ٻين شهرن ۾ ڇو نٿو استعمال ڪري سگهجي؟؟؟

اوورهيدز،انڊر پاسز ۽ روڊن تي ته لاهور جي حڪومت آهي ته ڇا بهتر گورننس ۽ ڏوهه جي حوالي سان به باقي پورو پنجاب ئي اهم رهندو؟ اهو تاثر رهيو ته ايندڙ چونڊون گهڻيون ڏکيون ٿي وينديون ته هاڻي ته انڌا، ٻوڙا، گونگا به احتجاج ڪرڻ سکي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *