خان صاحب ۽ ميان صاحب کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي…! : غلام مصطفيٰ جمالي

پي ٽي آءِ سرابراه عمران خان صاحب هن وقت تمام گهڻو مصروف آهي نه رڳو مصروف آهي پر وزيراعظم جي استيفيٰ واري معامري جي تمام گهڻو خوش ۾ آهي ۽ تمام گهڻو مصروف آهي ۽ اها به حيقيقت آهي ته سندس اهڙو مصروف هجڻ جي هڪ وجهه به آهي. هو اپوزيشن ليڊر آهن ۽ تازو پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف جي خلاف هڪ نئون اسڪينڊ  وٽس وجود آهي.۽ عمران خان اهو اعلان به ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب استيفيٰ نه ڏيندو ته  ميان صاحب جي خلاف هڪ تاريخي  ڌرڻو به هنيو ويندو.جڏهن ته ڪجهه مهنيا پهرين جڏهن عمرن خان اهڙو بيان ڏنو هو ته هو ميان نواز شريف جي خلاف رائيونڊ ۾ ڌرڻو هنڻدو ته سندس اهڙي بيان سان ملندڙ بيان  ن ليگ جي پارٽي جي رهنما صوبائي وزيرقانون رانا ثناالله به جواب ۾ چئلنج ڏيندي هڪ بيان  ته هوءُ به رائوينڊ ويندو.ان ڪري هاڻ ڏسون ته وري راڻا ثناالله جو ڪو بيان ايندو يانه.؟ جڏهن ته هن وقت جوابي لفظي بالينگ ڪرائيندا راڻا صاحب اه  به بيان ڏنو هوُ ته پنجاب جي عوام اسان سان گڏ آهي ۽ اها عوام تحريڪ انصاف  سان اهڙو حشر ڪندي جو هو هيمشه ياد ڪندا.برحال اهو سياستي جو وهندڙ پاڻي آهي جيڪو کي ڪير ڪيترو به گندو ڇو نه ڪري پر رهڻو سڀني کي انهي پاڻي ۾ آهي.انهي اندر ساهه کڻڻو آهي ۽ انهي اندر زندگي گذارڻي آهي.اتي خان جي خدمت ۾ بي بي سي جي هڪ خبر پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.جيئن ته مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته هن وقت ميان صاحب پامانا ليڪس جي ڪري تمام گهڻو پريشان حال آهي ڇو ته کيس ميان نواز شريف استيفيٰ مطالبو مڃارائڻو آهي جو آهي.جنهن جي ڪري کيس پامانا ليڪس جون خبرون پڙهڻ کان سواءِ ٻين خبرن پڙهڻ جو وقت ئي ڪون ٿو ملي.خبر اندر اهو ٻڌايو ويو هو ته صوبي ڪي پي ڪي اندر گذريل برساتن اندر لينڊ سلائينڊنگ جي نتيجي ۾  فوت ٿي چڪا آهن.۽ ڪيترائي مڪمل پٽ پئجي ويا هئا.جڏهن ته هڪ اداري جي رپورٽ مطابق ته انهي برساتن اندر جيڪي فوت ٿي چڪا آهن انهن کي 3 لک رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ جيڪي گهر تباه ٿيا آهن انهن جي هڪ لک رپيا ڏنا ويندا ۽ جيڪي معمولي ڊٺل آهن انهن کي 50هزار رپيا ڏنا ويندا.هاڻ ان ڪري اهو سوال پنهنجي جڳهه تي درست آهي ته جنهن صوبي عمران خان صاحب کي ووٽ ڏنا جتان هن وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي.ان ڪري عمران خان صاحب جو اهو فرض آهي ته هو اهڙي مشڪل گهڙي اندر ڪي پي ڪي جي عوام جي سار لهي.سندس غمن ۾ ساٿي بڻجي مان سمجهان ٿو ته واقعي اهو صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي پر اتي جي عوام عمران خان جا نعرا هنيا هئا ۽ انهي نعري جي ڪري عمران خان کي ووٽ مليا هئا ۽ اهو به سڀني کي خبر آهي ته اتي جي عوام عمران خان سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهي ان ڪري عمران خان صاحب کي به انهي عوام سان اوتري محبت ڪرڻ گهرجي..سياسي ضروريت ته هڪڙي پاسي پر انساني ناتي به اهو فرض آهي ته جيڪڏهن ڪو ڏک ۽ تڪليف ۽ آهي ته انهي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوندڙ انسان جي مدد ڪرڻ گهرجي.ان ڪري مان هن وقت ڪا پيشنگوهي نه پيو ڪيان پر ڪي پي ڪي جي عوام جي روين کي ضرور سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.ڇو ته اها ڪي پي ڪي جي عوام جي روايت رهي آهي ته انهن سان جنهن به بي وفائي ڪئي آهي پوءِ کيس اقتدار جي ڪرسي جو ٻئي دفعا موقعي ڪڏهن به ناهي مليو.

مطلب ته اهڙيون سياسي پارٽيون جيڪي ڪي پي ڪي جي عوام کي نظرانداز ڪن ڪي پي ڪي جي عوام انهن جي ڪڏهن به ٻيهر ووٽ ناهي ڏيندي.مڪمل ويهه سال گذري چڪا آهن ۽ انهن ويهه سالن اندر ڪي پي ڪي جي عوام جو ووٽ نه ڏيڻ جو شاهديون موجود آهن.جڏهن ته اوهان هڪ نظر سان پويان وڃي ڪري ويهه سالن جي سياست تي نظر وجهندا ته اوهانکي معلوم ٿيندو ته ملڪ اندر حالتون تڏهن ئي خراب ٿيون آهن جڏهن اسٽيپلمنٽ ڪنهن جي مٿان هٿ رکيو آهي .پوءِ اها حڪومت ڪڏهن نواز حڪومت جي ته ڪڏهن پ پ حڪومت جي.. ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته مشرف جي دور اندر ڪجهه نوان چهرا ضرور معتارف ڪرايا ويا هئا. ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اهي دليل هضم نه ٿيا هجن ته هو ڌرڻن جي سياست جي ڊارپ سين جي ڏسي وٺي. جنرل پرويز مشرف دور اندر جڏهن بلوچستان اندر اڪبر بگٽي کي مارايو ويو هو ته پوري بلوچستان اندر هڪ باهه ٻري چڪي هئي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر هڪ دهشتگردي نئون جنم ورتو.۽ هاڻ انهي باهه کي اوجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته اسانجا ڪجهه دوست ته اڃان چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور کان ٻاهر ناهن نڪتا.اهو عدليه اداري جي خوش قسمتي هئي ۽ پرويز مشرف کان پوءِ پ پ جي بدقسمتي هئي.جو انهن کي چيف جسٽس مليو پهرين پرويز مشرف انکان پوءِ پرويز الاهي ۽ پوءِ آصف علي زرداي ۽ پوءِيوسف رضا گيلاني. جي حڪومت کي هلڻ به مشڪل لڳي رهيو هيو.عدالت جي پاران ورتل سووموٽو ايڪشن ڪيترن ئي حلقن جي قبول نه هو.ان اندر اسانجا اهي ادارا به شامل آهن جيڪا هميشه مقدس رهيا آهن. ۽ وڪيل به اهو ئي سمجهندا هئا ته عدليه کي انتظاميه جو زميواريون سنڀالڻ نه گهرجن .جڏهن ته پامانا ليڪس کان پوءِ سڀني کي اهو انتظار هو ته عدالتون افتخار چوڌري جي دور جي روايت جي برقرار رکنديون.پر هڪ ڳالهه جيڪا سڀني کي ياد رکڻ گهرجي ته  عدليه جي فيصلا پنهنجي معيار مطابق درست ئي هوندا آهن پوءِ چاهي اهي فيصلا ڪنهن جي حق ۾ هجن يا ڪنهن جي خلاف پر انهن کي مڃڻ ضرور گهرجن.ميان نواز شريف کي سوچڻ گهرجي ڇو ته هڪ ته عدالت جو اهڙو ڪو فيصلو آيو ئي ناهي جنهن سان اهو طعه ٿي نواز شريف استيفيٰ ڏي پر الائي ڇو ميان نواز شريف جي اها پڪ آهي ته سندس استيفيٰ يقيني آهي،ان ڪري عدالت جي بيان کان پهرين ئي اهو چئي رهيو آهي ته هو استيفيٰ نه ڏيندو،انڪري ميان صاحب کي عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي.ڇو ته پريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي اهي ڪاغذ ڏيکاريا وڃن، مالڪ جو نالو ٻڌايو ته خريداري سروس واضع ٿي ويندو. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد وزير اعظم جي وڪيل خواجا حارث جي دليل تي ريمارڪس ڏنا ته  پيسو ڪٿان آيو ۽ ڪيئن ڏنو ويو اهو واضع ناهي، توهان جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي ملڪيت بابت ڪو به دستاويز ناهي، برطانوي ڪمپني منروا سان سروس معاهدي تي ڪنهن صحيح ڪئي.جڏهن ته . جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا جي آءِ ٽي اسحاق ڊار خلاف سفارش ڪئي آهي،پر ميان صاحب الائي ڇو استعيفي نهٰ ڏيندس ۽ نه ئي اسيمبلي ٽوڙيندس جهڙا بيان ڏئي رهيو آهي جنهن جي اڃان تائين عدالتي ڪوبه بيان نه آي آهي ٻئي طرف اهو به چئي رهيو آهي ته . سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪيو اهو قبول ڪيو ويندو.پر منهنجي خيال مطابق ت سڀني پارٽين کي عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. جئين سپريم ڪورٽ سڀني ڌرين جا خدشا ختم ڪري ۽ جمهوريت هلڻ ڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *