حڪومتي دعوائن باوجود سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جو بحران: صاحب خان ڀٽي

افسوس جي ڳالهه آهي ته  وفاقي  حڪومت  بجلي بحران کي ختم ڪرڻ جون دعوائون ته ڪري رهي آهي پر  ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه وٺي رهي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا تڪرار فيصلا ڪري به ڪيا ويندا آهن، جنهن سان صوبن  ۾ ويڇا وڌي ويندا  آهن اهو به دور هو جڏهن ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه هئڻ جي برابر هئي پر جئين جئين آبادي وڌندي وئي تئين تئين بجلي جي بحران سان گڏ ٻيا ڪيترائي بحران به وڌي ويا آهن. بجلي جو بحران ته  الائي ڪڏهن ختم ٿيندو پر هن وقت عوام آزار ۾ اچي ويو آهي. ڪجهه عرصواڳ نيشنل پاور ريگيو ليٽري اٿارٽي نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ  ۾ پاڻيءَ ۽ بجلي واري وزارت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، نيپرا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ ڄاڻي واڻي ڪئي وئي، جڏهن ته سرڪاري پاور پلانٽ به صلاحيت موجب گهربل بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام  رهيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو هو ته 2014-2015ع  سرڪاري  پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا، جناح پن بجلي رٿا مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ٿرمل پاور پلانٽن کي به ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪجهه سرڪاري پاور پلانٽن جون مشينون ڄاڻي واڻي بند ڪيون ويون جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو. اهڙي رپورٽ اچڻ بعد به وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ۾ ويٺل وزيرن کي ڪجهه به محسوس نه ٿيو، جنهن سبب هن وقت به عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي.  نيپرا جي رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته وفاق ۾ ڪجهه ويٺل ماڻهو بجلي بند ڪرائي پنهنجا  مرضي جا فيصلا ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب هن وقت تائين بجلي  جي لوڊشيڊنگ جو جنگ بوتل ۾ بند نه ٿي سگهيو آهي.  جيڪڏهن هن ڀيري به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهيو ته پوءِ لڳي ٿو ته هن  دفعي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي حياتين تان هٿ کڻي ويهي رهندا. ڪجهه ڏينهن هڪ تقريب ۾ پيپلزپارٽي جي هڪ صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ڀيري به هيٽ اسٽروڪ سبب ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا.  بيان ڏيڻ ته ڪيترو آسان آهي پر حڪومت ۾ ويهي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آهي، ان جو اندازو هن حڪومت ۾ ويٺلن مان لڳائي سگهجي ٿو.  ڇاڪاڻ ته کين ايترو به وقت نه ملي سگهندو آهي جو هو پنهنجيون مصروفتيون ڇڏي ڪنهن عوام ماڻهو جا مسئلا حل ڪن. گذريل هيٽ اسٽروڪ ۾  جيڪي ماڻهو فوت ٿيا، جن کي هن وقت تائي ويساري ناهيون سگهيا. هڪ طرف اها ظالم گرمي هئي ته ٻي طرف اي سي ۾ ويٺل حڪمران جيڪي صرف پنهنجا بيان ڏئي پنهنجي سياست چمڪائي رهيا هئا.  ڪجهه سياستدان ته ڪئمپون لڳائي برف جا ٽڪرا  رکي ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياري فوٽو سيشن به ڪري رهيا هئا. پر ڪنهن به هڪ  وزير طرفان اهو ٻڌڻ ۾ نه آيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا. اڍائي هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ باوجود حڪومت هن وقت تائين ڪو بجلي جو منصوبو شروع ڪري ناهي سگهي. وفاقي حڪومت  وٽ گرين بس، اورينج بس، فري وائي فائي سروس جي لاءِ ڪيترائي فنڊ موجود آهن پر انهن وٽ بجلي جا  نوان منصوبا ته ٺهيو پراڻن کي بحال ڪرائڻ لاءِ به فنڊ موجود نه آهي، يار وري وفاقي  حڪومت ڄاڻائي واڻي بجلي جو بحران ختم ڪرڻ نٿي چاهي جنهن سبب بجلي جو بحران ڪر کنيو بيٺو آهي. ڇو ته سال گذرڻ باوجود وفاقي حڪومت جي ڪن تي هن وقت تائين جونءَ به  نه چري آهي.

سنڌ ۾ جڏهن به بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ٿيو  آهي ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺلن جي صرف اها  ئي شڪايت هوندي آهي ته وڏا ڊيم نه پيا ٺاهين جنهن سبب بجلي بحران پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انهن سياستدانن کان پڇيو ويندو آهي ته اڳ ۾ جيڪي تعمير ٿيل ڊيم  آهن انهن مان ڪيتري بجلي جي پيداوار آهي ته اهي ڪمي وانگر خاموش ٿي ويندا آهن ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر موسمي ڏيڏرن وانگر ٽانءُ ٽانءُ ڪري ٻاهر نڪرندا آهن ۽ انهن جي وات ۾ صرف ڪالا باغ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ڊيم جو ذڪر ئي هوندو آهي. جنهن سبب نڪي بجلي بحران جي خامتي لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ نه وري صوبائي حڪومت چاهين ٿيون ته بجلي جو بحران ختم ٿئي. حڪمرانن کي ته اهو خدشو آهي جيڪڏهن عوام کي بجلي، پاڻي ۽ گئس جهڙيون بنيادي سهولتون ملي ويون ته اهي کانئن  ٽڪي ٽڪي جو پڇاڻو ڪندا جنهن سبب عوام کي گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سان گڏ ٻين مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي.  جنهن مان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان نه آهي. سنڌ مان ڪوئلو، گئس ۽  پيٽرول به نڪري رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي. سنڌ  ۾  ڪيترائي ٻهراڙي وارا علائقا آهن. جن ۾ گئس ته ڇا بجلي جي سهولت به ميسر ناهي. هن جديد دور ۾ اهڙي سهولتن کان محروم بڻيل آهن

ڪلاڪ بند رهي ٿي ته ٻي طرف وري واڌو بل به موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ڪجهه عرصو اڳ وفاقي حڪومت جي هڪ وزير چيو هو ته سنڌ ۾ بجلي چوري پئي ٿئي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، جڏهن ان وقت جي وزير اهو بيان ڏنو هو، ان وقت سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي ڇاڪاڻ ته هڪ ته بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي ٿي ته مٿان وري واڌو بل موڪليا پيا وڃن پر انهن خلاف ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي به بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون آهن انهن ۾ اهڙو عملو ڀرتي ڪيو ويو آهي جن جي غلطين سبب عام ماڻهو پريشان ٿي ويو آهي، لائين مين هجن يا ٻيو ڪو عملدار، اهي سمورا لائين لاسز پورو ڪرڻ لاءِ ٻين صارفين تي بار وجهي ڇڏيندا آهن جنهن جو نقصان غريب ماڻهو کي ئي ڀرڻو پوندو آهي،

ڪڏهن ڪڏهن ته انهن عملدارن جي نااهلي سبب واڌو بل موڪليا ويندا آهن جن کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته هي بجلي ڪا ڪنهن گهر ۾ نه پر  ڪنهن فيڪٽري ۾ استعمال ٿي هجي، پر جڏهن اهڙي بل جي شڪايت به  ويندي آهي ته ان جي به ڪو دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ اهو ماڻهو بل کي کڻي هيڏانهن هوڏانهن رلندو ورتندو آهي، مطلب ته نااهل عملي سبب عام ماڻهو پريشان ٿي رهيو آهي، هن وقت ته ڪي اليڪٽرڪ کي چائنا حوالي ڪيو ويو آهي، ٻڌڻ  ۾ آيو آهي ته هر بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو ويندو ۽ صارفين کي به بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديو، بهرحال ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ بجلي جو بحران به حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ حڪومت جي پت ان مان ئي وائکي ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ڪلاڪن لاءِ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت ڪراچي جهڙي شهر ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ته پوءِ آخر ٻين ٻهراڙين وارن علائقن جو ڪهڙو حشر هوندو، هي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي جلد کان جلد ضابطو آڻي ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به پنهنجي حڪومت ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران سان گيس پائپ لائن جو معاهدو ڪيو هو، جيڪڏهن اهو به مڪمل ٿي وڃي ها ته شايد هن ملڪ ۾ گيس جي بحران تي ضابطو اچي وڃي ها ۽ هتان جون صنعتون به ٻيهر ترقي ڪري سگهن ها. ڀلي کڻي وفاقي حڪومت ڪيتريون ئي به دعوائون ڪري پر سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو بحران ختم نه ٿيڻ سان هڪ ڳالهه واضع ٿي وڃي ٿي نواز ليگ سرڪار بحران جي خاتمي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن جنهن سبب اڄ ماڻهو ٿڌي موسم ۾ بجلي جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ جو ڪو اهڙو شهر بچيوئي نه آهي، جتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هجي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد سميت ٻين شهرن ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام بيزار  آهي، موري ۾ ته بجلي هڪ ڪلاڪ اچي ٿي ته ٽي ڪلاڪ بند ڪئي وڃي ٿي پر سندن ڪو به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان موري جا شهري احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به چري رهي آهي، رهواسي اهي دانهون ڪري رهيا آهن رات جي وقت بجلي نه هجڻ سبب سندن ٻارڙا پڙهائي نه پيا ڪري سگهن، جنهن سبب سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي، موري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ سبب ماڻهن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويوآهي،

sahibkhanbhatti@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *