حڪمرانن جا سکڻا اعلان ۽ دلاسا….!! : اصغر ملاح (دادو)

عوام کي چوندي  ڏٺو ويو  آهي ته حڪمران  صرف  عوام کي  سکڻا اعلان ۽ دلاسا ڏيندا رهن ٿا ترقي جي سفر ۾ دنيا ۾ حيرت ناڪ تبديليون اچي چڪيون آهن دنيا جي گولي تي جتي اسان جو ملڪ آهي دنيا ۾ ان کي نمايان حيثيت حاصل آهي جيڪو قدرتي خزانن تيل. گيس، ڪوئلي سميت قدرتي پٿرن، سون ٽرامي سميت ٻين قدرتي وسيلن خزانن سان مالا مال آهي جيترا قدرتي وسيلا خزانه اسان جي ملڪ ۾ موجود آهن جيڪا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن هان ته اهو ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڳڻجي هان ۽ ملڪ جو عوام ترقي خوشحالي ۽ امن واري زندگي بصر ڪن هان پر اسان جي ملڪ جي عوام جي بدقسمتي رهي آهي  اڌ صدي گذرڻ باوجود اسان جو ملڪ ترقي جي سفر ۾ دنيا جي ترقي پزير ملڪن جي صف ۾ شامل آهي قدرتي وسيلن سان مالا مال اسان جو ملڪ اڌ صدي گذري وڃڻ باوجود دنيا جي ترقي پزير ملڪن جي صف ۾ شامل آهي هر وقت جي سرڪار ملڪ مان غربت بيروزگاري تي ختم ڪرڻ ۽ عوام کي خوشحال بنائڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ورتيون آهن ۽ وقت جي سرڪار جو اهو سلسلو تيزي سان جاري آهي اسان جي ملڪ جو عوام ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي ڪنهن  به  ملڪ جي عوام ۾  ترقي  ۽  خوشحالي  جو  پهريون  ڏاڪو  امن ۽  سلامتي  هوندو آهي.  جن ملڪن ۾ امن  ۽  سلامتي  جو  راڄ هوندو  آهي  اتي  سياسي،سماجي،۽ اقتصادي سرگرميون  تيز ٿينديون آهن خاص ڪري ملڪن  جي اقتصادي  ترقي  امن ۽  سلامتي  واري  ماحول سان هوندي  آهي  پاڪستان اسا ن جي وڏڙن طرفان ڏنل قربانين جو نتيجو آھي اڄ پاڪستاني عوام آزادي جو مزو ماڻي رھيو آھي پاڪستان  کي  قدرت اهڙين  ته  نعمتن  سان  نوازيو  آهي  جو ان  جو  پوري  دنيا  ۾  نعم  البدل  نه آهي  اسان جو ملڪ توانائي بحران بيروزگاري ڪرپشن سميت دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي آمريڪا ۾ جاڙن  ٽارون  ورلڊ تريڊ سينٽر جي تباهي  بربادي کان  پوءِ پاڪستان  کي  ڪيترن ئي  مسئلن  کي  منهن  ڏيڻو  پيو  سال 2 0 0 2 ع ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي آمريڪي  ۽ نيٽو فورسز  افغانستان تي  چڙهائي  ڪئي آمريڪا افغانستان ۾ طالبان  حڪومت جو خاتمو ڪيو، افغانستان کي مڪمل تباهه ڪري هزارين  افغان  باشندهن کي ماريو ويو آهي خود آمريڪا ۽ نيٽو  فورسز کي به هن  جنگ جي ڳري  قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي  آمريڪا جا فوجي دهشتگردن خلاف ته ڪا وڏي ڪاميابي  حاصل نه ڪري سگهيا دهشتگردي  سرحدون ٽپي  پاڪستان ۾ داخل ٿي پاڪستان ۾ دهشتگردي ذريعي هزارين ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو دهشتگردي ۽  انتهاپسندي   جي   ڪري  60 هزار کان  وڌيڪ  پاڪستانين  کي  پنهنجن   جانين  تان  هٿ  ڌوئڻا  پيا آهن  ، پاڪستان ننڍي کنڊ جو اهڙو ملڪ آهي جتي دهشتگردن سڀ کان وڌيڪ  آپگهاتي بم ڌماڪا ڪري معصوم انسانن جي رت سان راند کيڏي وڃي ٿي دهشتگردي خلاف جنگ  ۾ جيترو پاڪستاني عوام قربانيون  ڏنيون آهن شايد ڪنهن  ٻئي ملڪ جي عوام ڏنيون هجن  گذريل  سالن  ۾  پاڪستان  اندر  به  ڪيترا خوفناڪ  دهشتگردي  جا واقعا  ٿيا آهن  دهشتگردي خلاف جنگ ۾اسان جي سيڪيورٽي فورسز فوج پوليس رينجز جا جوان پنهنجي جانين جا نظرانا ڏنا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن دنيا جا  سمورا  ملڪ پاڪستان  ۾ دهشتگردن خلاف  هلندڙ جنگ ۾ پاڪستان  آرمي  جي  ڪردار کي سهرءِ  رهيا آهيون  پر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابيون به  ماڻيون آهن جنهن  جو  مثال  دنيا  ۾ نه ٿو ملي.

پاڪستان ۾ امن  امان  جي صورتحال   بهتر ٿي  آهي.  وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت عوام جي  بهتري  ڀلائي لاءِ قائم ٿيل آهن ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪري ڪهڙي کاتي جي ڳالهه ڪجي گذريل ڪيترن جي سالن کان پنهنجي اکين آڏو سرڪاري ادارا ڪرپشن سبب تباهه ٿيندي ڏسندا  رهيا آهيون اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سفارش عام جام آهي جنهن ملڪ ۾  ڪرپشن  ۽ سفارش  چوٽ چڙهيل هجي اهو ملڪ  ڪڏهن به ترقي جي راهه طرف نه وڌندو سرڪاري ادارو ڪهڙو به هجي رشوت ان جي جڙ ۾ شامل آهي جيڪا نه ختم ٿي سگهي آهي عوام کي  پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان عوامي جلسن م احتجاج ڪندي  چوندي ڏٺو ويو آهي ته اڌ صدي کان وٺي ملڪ جي سياستدانن حڪمرانن وقت به وقت ملڪ جي عوام کي نوان روپ ۽ نوان خواب ڏيکاريندا رهيا آهن پر عوام جي حقيقي دردن جي درمان جون دوائون ڪيون آهن عوام کي مليو ڪجهه نه آهي ملڪ جي آزادي کان هن وقت تائين هر وقت جي سرڪار جي توجهه ملڪ جي ترقي عوام جي خوشحالي سڌاري ڀلائي بهتري بنيادي سهولتن سميت بيروزگاري دهشتگردي بدامني جي خاتمي طرف رهي آهي ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي اسان جا حڪمران سالن کان  غلطي مٿان غلطي  ڪندا آيا آهن قوم جمهوريت جي ثمرن مان حقيقي فائدو وٺڻ جون ڪوششون ڪيون آهن پر آمريت پاران جمهوريت حڪومت کي وقت به وقت ڌاڙا هنيا ويا جنهن سبب عوام جمهوريت جي ثمرن کان  محروم رهيو آهي جنهن حقيقي جمهوريت جا دنيا ۾  مثال ملن ٿا اٽي لٽي اجهي جو  نعرو  هڻندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن اڳوانن ۽ ملڪ جي عوام جي لاتعداد قربانين بعد  18 فيبروري 2008 جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ملڪ  جي اڪثريتي عوام  پ پ  کي ووت ڏئي  اقتدار ۾  پهچايو  پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جو  آئيني مدو پنج سال پوري ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ 8 سالن کان پ پ  حڪومت ڪري رهي آهي پ پ  کي ووٽ  ڏيندڙ اڪثريت  غريبن جي آهي انهن کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته پيٽ گذر لاءِ اٽو  ميسر نه آهي  11 مئي 2013 جي اليڪشن ۾  مسلم ليگ ن  جي ليڊرن چونڊ مهم دوران عوام سان وعدا ڪيا هئا  بجلي گئس جي کوٽ جا مسئلا حل ڪندا ملڪ جي معشيت کي مضبوط ڪندا امن امان قائم ڪندا  عوام جي ووٽ ذريعي ڪامياب ٿيل نواز شريف جي حڪومت  اقتدار ۾ آهي ته ملڪ جي غريب عوام کي اميد پيدا ٿي ته هاڻي مسلم ليگ ن جي حڪومت حڪومتي انتظامن  جي بهتري کي يقيني بڻائيندا پر وريو ڪجهه به نه آهي.

ملڪ ۾ توانائي جي بحران، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ دهشتگردي سبب ملڪ جو هر شهري متاثر ٿيو آهي.بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب بجلي تي هلندڙ مشينن وارا ڪاروبار پڻ بند ٿي ويا آهنننڍا ڪاروبار ڪندڙ هجن يا صنعتڪار بجلي جي بحران سبب سخت متاثر ٿيا آهن. جنهن ڪري ملڪ جي معيشت جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر بيروزگاري ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي جيتوڻڪ توانائي جي  بحران جي  خاتمي ۾ لاء ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن  پر  انهن  تي مخالف ڌر جا ڪرپشن جا الزار لڳندا رهيا آهن ۽ عوام  کي ڪنهن به  قسم  جو  لاڀ حاصل نه ٿي سگهيو آهي اسان  وٽ حيسڪو  جي ظلمن کان  ماڻهو واقف آهي ته اهو ڪيئن عوام جو رت چوسي رهيو آهي بجلي جا مزا وڏيرا  ۽ سياسي مانهو وٺي رهيا  اهن  ۽ آزار عام ماڻهن  تي  آهي   ڪو هنن  کان  پڇڻ  وارو  ڪونهي  اڳ  ڪو به ميٽر ريڊر غلط بل موڪليندو  هو ته  ان کي  نوڪري  تان  هٽايو ويندو  هو  اڄ انهي  ميٽر ريڊر جي عملي ۽ ايس ڊي او وٽ  عزت ڪئي  پئي  وڃي ڇو  ته  کاٽون  پٽ آهي  عوام سالن کان صبر ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي. عوام مسلسل بجلي جي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي.. ملڪ جي عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌندو پيو وڃي.مٿان وري ملڪ اندر مهانگائي جي بي قابو جن کي وقت جي حڪومت قابو ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. هن وقت ملڪ جو عوام غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدامني جي آڙاهه ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ٻئي طرف  اسان  جي معاشري ۾  نشي جي هڪ اهڙي بري عادت آهي  جيڪا اڄڪلهه عام  ٿي  وئي آهي جڏهن   ڪو  ماڻهو  نشو   ۾  هوندو  آهي ته  هو  ڪيترائي ڏوهه ڪري  ويهندو  آهي نشي  جو عادي  ڪيترنين  ئي  بيمارين ۾  مبتلا  ٿي  وڃي  ٿو  ماڻهو  نشي  کي  پنهنجي  ثقاتف جو حصو بڻائي چڪا آهن سنڌ  سرڪار  کي  گهرجي   ته  نشي   کان  بپچڻ  لاءِ   اهڙا  مرڪز  قائم   ڪيا  وڃن   جيڪي    ماڻهو   کي  هن   موذي  مرض   کان  بچائڻ  جا  مناسب  طريقا   ٻڌائين  ته  جيئن  نشي   ڪرڻ  وارا  ماڻهو   پنهنجي  عادت  کي  ترڪ  ڪري  سگهن    وقت جي حڪمرانن  کي  گهرجي ته ملڪ جي ترقي  ۽  بحالي ۽ عوام جي خوشحالي  جي  لاءِ   هڪ  جامع  پاليسي  تشڪيل  ڏني  وڃي   معاشري جي هر فرد کي پنهنجو پنهنجو  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اهو ڏينهن پري نه آهي اسان جي ملڪ جو شمار دنيا جي  ترقياتي يافت ملڪن ۾ ٿيندو ۽ ملڪن جي غريب عوام خوشحالي واري زندگي گذريندو

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *