حسينيت امن ، سلامتي جو نظريو آهي ….: مسرور سيال

عام طور تي هي سوال اٿاريا ويندا آهن ته ڪربلا ۾ جنگ ٿي هئي يا نه …..؟ ڪربلا جي جنگ آخر ڇو ٿي ….؟ انهن سوالن جي بنياد تي  اِها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪربلا سانحي کي جنگ جو رنگ ڏجي ۽ اُها جنگ ٻن شهزادن وچ ۾ اقتدار جي جنگ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ان لاءِ ڪيترن ئي بيان  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، تحرير ڪيو پر عزاداري امام حسين اهڙن سمورين ڪوششن کي بدنيتي جو هجڻ  ثابت ڪيو آهي …… ۽ اِهو ثابت ڪيو ته  هي جنگ نه پر سانحو هو هي مظلوم جي آوازِ حق کي دٻائڻ لاءِ آمريتي ظلم هو جنگ ان کي چئبو آهي جيڪو ٻن ملڪن يا رياستن وچ ۾ ٿئي ٿي يا  ٻن ڌرين ۾هڪ ئي  مخصوص مفاد لاءِ  ٿئي ٿي  پر هتي ته نه ٻه ملڪ هئا نه وري ٻن  ڌرين جو هڪ ئي مخصوص مفاد هو ، هتي ته هڪ مظلوم هو ٻيو ظالم حڪمران هو ظالم جو  ته مفاد هو…….  ۽ اُهو هي هو  ته مظلوم سندس حمايت ڪري جئين سندس اقتدار قانوني شڪل وٺي سگھي  پر مظلوم جو اقتدار مفاد نه هو نه ئي ظالم حڪمران کان ڪو مطالبو مڃرائڻو هو مظلوم ته چٽو پٽو کيس فاجر فاسق ، ظالم قرار ڏئي ٿو کيس عوام مٿان حقِ حڪمراني جي لائق نٿو سمجھي ۽ مظلوم کي ان بنياد تي گھيري ۾ آندو وڃي ٿو  ته  جئين هو اقتدار جي طاقت ، فوجي دٻدٻي ، هٿيارن جي خوف ۾ اچي بعيت لاءِ راضي ٿئي ۽ سندس مقصد هو ته هي مظلوم سندس ناجائز حاڪميت کي تسليم ڪري وٺي  ۽ هن جي  هٿ تي بعيت ڪري ……  اِها بعيت ئي هئي جيڪا هن ناجائز توڙي ظالم  حاڪم جي حاڪميت کي جائز قرار ڏئي  پئي سگھي …… ٻيو هتي هڪ حڪمران جي بعيت جو به رڳو سوال نه هو پر ان نظريي کي به تسليم ڪرڻ جو مسئلو هو جيڪو يزيد ملعون ڏنو هو مطلب الله جي وحي جو انڪار ، نبوت جو انڪار ، حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام ڪرڻ واري سوچ ، خلافت مان ملوڪيت ۾ تبديل ٿيل حڪمراني ، عوام مٿان ڏاڍ ، واري ظالماڻي سوچ کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو هو امام حسين عليه السلام جي بعيت کان انڪار ٻن نطرين کي وجود ڏنو هڪ حسيني نظريو ٻيو يزيدي نظريو …….. جڏهن وليد بن عتبه گورنر مدينه امام حسين عليه السلام  کي دربار ۾ گھرائي بيعت لاءِ چيو يا نتيجه ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني ته ان وقت امام ع جيڪو خطبو ڏنو اُن جو هي جملو ڪافي آهي جنهن ۾ پاڻ فرمايائون ته مون جھڙو ، يزيد جهڙي  جي بعيت ڪري اِهو ٿي نٿو سگھي …. مطلب مون جهڙو معنيٰ وقت جو محمد مصطفيٰ ص ….. يزيد جهڙي يعنيٰ وقت جي ابوجھل جي بعيت ڪري ممڪن ناهي …..! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ابوجھلي نظريو خيبر ، خندق ، تبوڪ حنين  سميت سمورين جنگين ۾ شڪست کائي مڪمل طور ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ جيڪو  طاقتور ٿي يزيد جي صورت ۾ سامهون آيو هو ان دور جي محمد ص کي چئلينج ڪيو ته فرزندِ رسول  امام حسين ع محمدِ مصطفيٰ ص  بڻجي ان چئلينج کي قبول ڪيو ۽ ابوجھلي نظريي کي ٺڪرائي ميدانِ ڪارساز ۾ اچي نظريي محمدي کي نظريي حسيني جو غلاف پارائي پرچمِ وحدانيت و نبوت  کي پرچمِ عباس ع جو ويس پهرائي وقت جي آمر ، ظالم کي للڪاريو  ۽ چيو ته اڳ جڏهن اوهان مشرڪ هئا ته الله جي راھه ۾ اوهان جا ڪنڌ ڪپي ڏيکارياسين هاڻ جڏهن اوهان مسلمان جو روپ وٺي ميدان ۾ آيا آهيو ته پوءِ اسان پنهنجا ڪنڌ ڪپائي اوهان کي قيامت تائين ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏينداسين . يزيد جيڪو سياسي نظريو اختيار ڪيو هو ۽ امام حسين ع کي حڪومتي ڏاڍ توڙي فوج ۽ هٿيارن جي زور تي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اتي امام حسين ع  جي صبر ، استقامت مظلومن کي هڪ اهڙو نظريو ڏنو جيڪو قيامت تائين مظلومن جي رهنمائي ڪندو رهندو ، ڪربلا پهچي امام ع سرزمين ڪربلا کي بني اسد قبيلي کان 70 هزار ڌرم عيوض  خريد ڪري هدايت جو رستو ڏنو ته هي حسين  ع جي ذاتي ملڪيت آهي اتي حڪومتي فوج چڙهائي ڪري رياستي دهشتگردي ڪئي آهي مظلومن جي امام ع ان دهشتگردي خلاف پنهنجو دفاع ڪيو آ … يزيدي سياست  حڪومتي مشينري سان عوام ۾ اِهو تاثر ڏنو ته  باغين اعلانِ جنگ ڪيو هو انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته  حسيني تحريڪ اِهو فڪر ڏنو ته يزيد جنهن کي باغي چئي پيو اُهو امام حسين ع آهي جيڪو فرزندِ رسول ص آهي نورِ عين علي ع آهي جگر گوشه بتول س آهي  جيڪو باغي نه پر پنهنجي وجود  ۾ مڪمل دين آهي  جنهن تي نماز کي ناز آهي ، جنهن تي دين کي ناز آهي  جنهن تي عبادت ، رياضت کي فخر آهي …… اصل ۾ يزيد  امام حسين ع کان بعيت طلب ڪري دين سان بغاوت ڪرڻ جو ڏوھه ڪيو هو  ۽ ان سوال جو جواب به ڏئي ڇڏيو ته هي يزيد دهشتگردي ڇو ڪئي

قتلِ حسين ع تي جيڪا سياست ڪئي وئي اُها سڀني کي وائکو ڪري ڇڏيو ته فتح مڪه ۾ جيڪي هڪ رٿابندي هيٺ مسلمان ٿيا هئا انهن جا اصل عزائم ڪهڙا هئا   اُهي ظاهر ٿي دنيا جي سامهون اچي ويا ….. يزيد قتلِ حسين ع کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ درباري ملن جو وجود  عمل ۾ آندو جن کي دولت ڏني وئي  ۽ انهن فتويٰ ڏئي ڇڏي  ته حسين ع جو قتل جائز آهي ……. دولتمند شاهوڪارن جي مال ملڪيت ضبط ڪرڻ توڙي سندن ٻچن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون يزيد جي حمايت ڪرڻ تي کين وزارتون ۽ چڱ مڙسيون آڇيون ويون تاريخ گواھه آ ته چند امير گھراڻن جي باقي  سڀني يزيد جي آڇ کي قبول ڪيو ۽ امام حسين ع بجاءِ يزيد ملعون جو ساٿ ڏنائون ان وقت به غريب ۽ متوسط طبقي يزيد  لعنتي خلاف بغاوت ڪئي ان دور جو پورهيت طبقو ڪڏهن به نه وڪامجي سگھيو امام حسين ع جي حمايت ڪئي مثال ڪوفي ۾ ابنِ زياد قتلِ عام ڪرايو ،اُهي ڪير هئا ….. اُهي غريب ۽ پورهيت هئا سانحيءِ ڪربلا کان پوءِ جيڪي بغاوتون ڪيون اُهي ڪير هئا سي به غريب پورهيت يا قيدي هئا …… مطلب ڳالھه جو ته يزيدي سياست جيڪا ان دور ۾ شروع ٿي اُها اڄ به موجود آهي جتي به مظلوم تي ڏاڍ ٿئي ظالم ظلم ڪري محڪوم ، محروم  غلام قومن جا حق غضب ڪري ، حقدار کي حق نه ڏئي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ لالچون آڇي ، غريب ، مسڪينن مٿان ڏمرجندو هجي اُهو يزيد ملعون ئي ٿي سگھي ٿو يا ان جي سياست جو پوئلڳ ٿي سگھي ٿو ……… ان ڪري اِها ڳالھه سمجھڻ گھرجي ته اسان وٽ جيڪا سياست هلي رهي آهي ان جو واسطو ڪنهن سان آهي ……..! ڇا يزيد لعنتي جي واٽ واري سياست سان آهي يا مظلوم امام حسين عليه السلام جي عالمِ انسانيت جي بقاءَ واري فڪر سان لاڳاپو آهي …… جيڪڏهن امام مظلوم ع جي فڪر جا قائل آهيون ته پوءِ پاڻ کي اِهو ڏسڻو پوندو ته معاشري ۾ اسان کي ڪهڙي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو جيڪڏهن احترام جي  نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ته اسان جي  وابسطگي اثر ڏيکاري رهي آهي پر جي نفرت جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ته پوءِ ان نفرت جو سبب ڪهڙو آهي …….. !؟ اُها نفرت ڪرڻ وارا اوهان کان اوهان جي سچ ۽ حق ڳالهائڻ جي بنياد تي ڪن ٿا ته پوءِ اوهان جي ڪاميابي آهي ان ڪري ته ان نفرت جو بنياد ئي محبتِ اهلبيت آهي …… ان ڪري امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا ته هڪ چاليھه گھرن تي مشتمل ڳوٺ هجي اتي صرف هڪ اسان جو مڃڻ وارو رهندو هجي ۽ اُتي ڪو مسافر اچي ۽ پڇا ڪري ته اوهان منجھان وڌيڪ سچو ، ايماندار ، متقي ، پرهيزگار ڪير آهي ته سڀ جا سڀ ان هڪ ڏانهن  اشارو ڪري چون ته هي جيڪو اهلبيت ع جي مڃڻ وارو آهي اُهو سچو ، ايماندار ، متقي ، پرهيزگار آهي ……. امام ع جي چوڻ جو مطلب هي آهي ته اوهان سان ماڻهونءُ اسان جي لاڳاپي  ڪري ڀل نفرت به ڪندا هجن تڪليفون به ڏيندا هجن پر جڏهن ڪردار جي  ڳالھه اچي ته اُهي سڀئي ان ڳالھه جي گواهي ڏين ته ڪردار ۾ ، افڪار ۾ هي اڪيلو سڀني کان مٿاهون آهي ۽ ڏسجي ته اِهو عمل ئي يزيدي سياست کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي ڪربلا ۾ امام مظلوم ع هر موڙ تي پنهنجو تعارف ڪرائيندو رهيو ۽ يزيدين کي ٻڌائيندو رهيو ته ڏسو مان ڪير آهيان ، منهنجو ڪردار ڇا آهي ، منهنجي تربيت ڪهڙي ٿيل آهي ، منهنجو حسب نسب ڪهڙو آهي .. اوهان مون کي سڃاڻي وٺو ته يزيد جي لشڪر مان نڪري ويندو ۽ هڪ وڏي گناھه ڪرڻ کان بچي ويندو اِهو امام ع ان وقت جملا چيا ها جڏهن سندس جوان يوسف کان به هزار دفعا سهڻو پٽ سندس قمر جو زور ، اکين  جي ديد شهزادو علي اڪبر پنهنجي دل واري پاسي سيني تي ڀرڇي جھلي هئي ۽ جڏهن امام ع حضرت ابراهيم کي مخاطب ٿي چيو هو/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ته ڏاڏا ابراهيم ع اچ ڪربلا ۾ اچي ڏس ته مان پنهنجو اسماعيل ڪئين قربان ڪري رهيو آهيان منهنجي اسماعيل جا هٿ پير به ٻڌل ناهن اکين تي پٽي ناهي نه ئي منهنجي اکين تي پٽي آهي مان پنهنجي اسماعيل علي اڪبر ع جي سيني مان ڀرڇي ڪڍا ٿو ….. هي جملا مولا ع ان وقت به چيا ها جڏهن شهزادي علي اصغرع  جي ڳلي تي تير لڳڻو هو اي فوج عشقيه مون حسين ع  کي هاڻ به سڃاڻو مان ڪير آهيان منهنجي معرفت اوهان لاءِ نجات جو سبب بڻبي پر بدلي ۾ حسين ع جي 6 مهينن جي لال کي ڳلي ۾ تير برداشت ڪرڻو پيو ، مولا پنهنجي معصوم شهيد جي ڳلي مان نڪتل خون جڏهن زمين ڏانهن موڪليوپئي ته زمين تڙپي چيو هو مولا هي خون ناحق مان برداشت نه ڪري سگھندس قيامت تائين اناج ڏيڻ واري صلاحيت وڃائي ويهنديس ، مولا اُهو خون آسمان ڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي ته آسمان تڙپي پيو مولا جي علي اصغر ع  جو خونِ ناحق مون ڏانهن موڪلئي ته مان قيامت تائين بلندين تي بادل بيهارڻ واري صلاحيت وڃائي ويهندس …. مولا اُهو خون پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ تي مَليو ۽ پنهنجي تلوار سان ننڍڙي قبر ٺاهي شهزادي علي اصغر ع کي  دفن ڪري جھولي ڇنڊي واپس خيمي آيو ، سندس خالي  جھولي جڏهن  صغير شهزادي جي امڙبيبي رباب س  سميت سمورين پرديدارن ڏٺي ته خيمن ۾ ماتم برپا ٿي ويو ….. مان چوندس ته مولاءَ حسين آخري قرباني وقت به هن دنيا ۽ انسانيت کي بچايو ڪاش امام ع جي معرفت حاصل ٿي وڃي ها ته ڪيترائي گناھهِ عظيم کان بچي پئي سگھيا ، اڄ به معرفتِ امام ع ئي معيار بڻيل آهي …… يزيدي سياست جو اِهو مقصد رهيو آهي ته دنيا حسين ع ۽ حسينيت جي پيغام کان غافل رهي ته جئين دنيا ۾ فساد هجي ۽ هي اڄ ڪلھه فسادي سياست اصل ۾ يزيدي سوچ جو تسلسل آهي جنهن سوچ امام حسين ع ۽ سندس آل ، اصحابن جانثارن کي دردناڪ انداز ۾ شهيد ڪيو ۽ سندن محرمات کي قيدي بڻايو بازارن ۾ آندو ، دربارن ۾ آندو پٿر هنيا تازيانه هنيا پر حسيني فڪر، يزيدي سياست کي دنيا ۾ ذليل و خوار ڪري  هن کي قيامت تائين لعنت ۽ ڦٽڪار جو طوق پارائي ڇڏيو ۽ تڏهن کان وٺي يزيديت بدتر سياسي نظريي جو نالو بڻجي وئي آهي ۽ حسينيت مظلومن ، محرومن ، محڪومن حريت پسندن ، امن پسندن ، انسانيت پسندن جو فڪر آهي جنهن تي سمورا انسان فخر ڪن ٿا …….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *