حالتون ڪيڏانهن وينديون؟: قيوم سنديلو

ڪجهه ٿوري ماٺار کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي سياست ۾ طوفان جي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي، هي ڪيفيت کان هلڪي ڦلڪي ناهي پر انتهائي حد تائين خطرناڪ ٿي وئي آهي، ڪجهه ماڻهون اسٽيبليشمينٽ کي گيم بادشاهه چئي رهيا آهن ته ڪي وري خدا جو فيصلو قرار ڏئي رهيا آهن، مطلب ته جيترا وات آَهن اوتريون ڳالهيون هلي رهيون آهن هن وقت ملڪ ۾، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي پريس ڪانفرنس ته کڻي نئين هئي پر اهڙي ڪانفرنس ٿيڻ جون ڳالهيون ٽن مهينن کان هلي رهيون هيون، پر ان جي ٽائيمنگ ان جي ڪري اهميت جوڳي بڻجي وئي آهي جو ڪجهه ٽائيم اڳ اسڪاٽ لينڊ يارڊ ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين خلاف هلندڙ مني لانڊرنگ ڪيس کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون آهن.

مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جيئن ئي ايم ڪيو ايم قائد کي رليف ملڻ جي بريڪنگ نيوز شروع ٿي وئي آهي ان کان پوءِ يڪدم ئي ايم ڪيو ايم خلاف به بريڪنگس نيوز هلڻ شروع ٿي ويون آهن، شروعات ايم ڪيو ايم جي قيادت جي دوست سرفراز مرچنٽ جيڪو هن وقت لنڊن ۾ ئي رهي رهيو آهي ان ملڪي ميڊيا تي اهڙو بيان ڏئي ممڻ مچايو آهي ته واقعي به ايم ڪيو ايم گذريل 20 سالن هندستاني ڳجهي ايجنسي را جي لاءِ ڳالهه ڪندي رهي آهي جنهن جي تصديق اسڪاٽ لينڊ يارڊ وارن مونسان پاڻ ڪئي آهي، ان جي مطابق ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ وارن الطاف حسين خلاف تمام گهڻا ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ ان جو چوڻ هو ته مونکي حيرت اهي ته ايترا ثبوت هجڻ جي باوجود اسڪاٽ لينڊ يارڊ وارن ڪيس کي ڪمزور ڪيئن ڪيو آهي.

سرفراز مرچنٽ جي اهڙي انٽري کان پوءِ ٻيهر خطرناڪ انٽري مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني ڪئي آهي، هنن ٻنهن جي انٽري ان جي ڪري به خطرناڪ آهي جو هي ڪنهن ٽائيم ۾ ايم ڪيو ايم جي اندر جا خاص ماڻهون رهيا آهن، ويتر هنن جهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن تن مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پوري طرح سان هاڻي ملڪي سياست ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جي موڊ ۾ اچي وئي آهي، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ گهرو وزارت پڻ متحرڪ ٿي وئي آهي، گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار فوري طور تي نوٽيس وٺندي وزيراعظم نواز شريف کي مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي الزامن کان آگاهي ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهڙيون خبرون به هلڻ شروع ٿي ويون آهن ته مصطفيٰ قائمخاني پاران اڳوڻي وفاقي وزير رحمان ملڪ خلاف جيڪي الزام هنيا آهن ان کان پوءِ ملڪي سيڪيورٽي ادارن وفاقي وزير چوڌري نثار کي اهڙي آگاهي ڏني وئي آهي ته لنڊن ۾ هن وقت رهندڙ رحمان ملڪ کي ملڪي واپسي تي گرفتار ڪيو ويندو جنهن جي ذريعن مطابق اڃا تائين منظوري ناهي ملي سگهي پر اهڙي صورتحال شايد به ٻن ٽن ڏينهن جي اندر واضح ٿي ويندي.

هاڻوڪي صورتحال جي مطابق ايندڙ ڪجهه ڏينهن ملڪي سياست ۾ انتهائي حد تائين خطرناڪ ثابت ٿيندا، ڇو جو مصطفيٰ ڪمال جيڪي الزام هنيا آهن اهي ڪهڙي طرح سان به هضم ڪرڻ جهڙا ناهن، ان جي ڪري ڏسڻو اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جو ردعمل ڪيتري حد تائين مضبوط ٿئي ٿو، جنهن تي هن وقت ڳجهيون اکيون اٽڪيل آهن، ان کان پوءِ اهو به ڏسڻو آهي ته هن سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ڪهڙي پاسي بيهي ٿي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿو، شايد ان کان پوءِ صورتحال جي پروڙ پئجي ويندي ته ملڪي سياست ڪهڙي پاسي بيهي ٿي.

سرفراز مرچنٽ ۽ مصطفيٰ ڪمال جي ميڊيائي بيانن ۽ پريس ڪانفرنس کان جتي ملڪي سياست ۾ ڦيرو اچي ويو آهي، اهڙو فيصلو لازمي طور تي هاڻي اسڪاٽ لينڊ يارڊ وارن وٽ به اچي سگهي ٿو لازمي طور تي لنڊن ۾ اهڙيون ڳالهيون به اٿي سگهن ٿيون ته جيڪڏهن سرفراز مرچن ۽ مصطفيٰ ڪمال جون ڳالهيون صحيح ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاران مهيا ڪيل ثبوت حقيقت تي مبني آهي ته پوءِ ڪهڙي طاقت الطاف حسين خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، بحرحال قومي سياست ۾ هاڻوڪو جيڪو وقت هلي رهيو آهي، هاڻي لازمي طور تي هيڏانهن يا هوڏانهن ضرور ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *