جڏهن سنڌ، سنڌ ڪندڙ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو..!!: دريا خان جهتيال/دادو

سنڌ ڌرتي هونءَ تہ ڪيترن ئي بهادر انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ۽ قوم خاطر پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪڏهن بہ پنهنجو ڪنڌ جهڪايو نہ، پر سدائين ڪپايو آهي، اهڙن لازوال ڪردارن منجهان بشير خان قريشي بہ هڪ آهي، بشير خان قريشي جي سڀ کان وڏي خوبي سادگي ۽ نوڙت هوندي هئي، ننڍن ٻارن توڙي نوجوانن ۽ بزرگن سان نوڙت ۽ وڏي پيار ۽ چاهہ سان ملندو هئو، هُو سنڌ ۽ سنڌين جي هر مسئلي جي حل لاءِ انهن سان گڏ روڊن تي ويهندو هو، جنهن سبب سڄي سنڌ جا ماڻهو هن سان بيحد محبت ڪندا هئا ۽ ڪندا آهن، هُن سائين جي ايم سيد جو نظريو جهر جهنگ، واهڻ وستي، وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن تائين پکيڙيو، شايد اهو ئي سبب هو جو شهيد بشير خان قريشي سدائين سنڌ جي ازلي ويرين جي اکين ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو، بشير خان قريشي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪندي گذاري، هُو سنڌ جي واهڻ، وستين سان عقيدت جي حد تائين محبت ڪندو هو، سنڌ ڌرتي جي مسڪين ماروئڙن تي هو هر دم ساهہ ڏيندو هو، هن جي عاجزي هر ماڻهوءَ کي موهي وجهندي هئي، سندس ملڻ ۾ نوڙت، سندس نيڻن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پيار جو سمُنڊ لهرون پيو هڻندو هو، هو انصاف لاءِ ٻاڏائيندڙ پريس ڪلبن جي آڏو ويٺل ماڻهن سان ملي مسئلا معلوم ڪندو هو، ڪڏهن ڪنهن پيادل مارچ ۾ پگهريل ڪنهن پيرسن کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي سندس هٿڙا چمندو هو، هو تہ دردن جي ستايل جيجل امڙين جي احتجاج ۾ شامل ٿي کانئن دُعا جي اپيل بہ ڪندو هو، سنڌ جو پاڻي ڪيس هجي يا هارين جي حقن لاءِ احتجاج، ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هجي يا سنڌ جي ورهاڱي جي ڪا سازش يا وري سنڌ جي نياڻين کي ڌمڪي وارا خط ملڻ وارو مامرو هجي، هِن دودي جي للڪار سڀ کان اول اٿندي هُئي، هُو هر ڌرتي ڌڻين جي مسئلن تي سدائين سندن سڏ ۾ سڏ ڏئي احتجاج ۾ شامل ٿيندو هو، سَن جي سائين جي ايم سيد جي فڪر، سوچ ۽ سنڌ جو ارڏو عاشق سنڌ جي مسڪين ماڻهن ۾ سدائين محبتون ورهائيندو هو، سيد جي سوچ سان سلهاڙيل سنڌ جي هن البيلي عاشق سنڌ سان پاڻ ملهايو، هُو چوندو هو تہ”منهنجو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آهي”، سائين جي ايم سيد جي فڪر جي امين سنڌ جي مُحبت جي ”ڏوهہ” ۾ ڪيترائي سال جيل بہ ڪاٽيو، ڪروڙين ماڻهن جون محبتون گڏ هجڻ باوجود شهيد بشير خان ڪڏهن بہ غرور نہ ڪيو، هو صوفي صفت انسان هو، هن ڪراچي شهر تي پنهنجي مالڪيءَ جو احساس ڏياريندي ان کي پنهنجي سياست جو محور ۽ مرڪز ٺاهيو، هن سنڌ جي حقن تي ڪڏهن ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي، هن کي جڏهن ڪراچيءَ ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو تہ، سڄي سنڌ سندس محبت ۾ چند منٽن ۾  بند ٿي وئي ۽ سراپا احتجاج بڻجي وئي هئي بعد ۾ ڪوڙي ڪيس مان آزاد ٿيڻ تي سڄي سنڌ جي ماڻهن خوشيءَ ۾ مٺايون ورهايون هيون، جڏهن رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ جو آرڊينس جاري ڪيو ويو هو، تہ شهيد بشير خان قريشيءَ پاران بروقت پريس ڪانفرنس ڪري آرڊينس جي واپسيءَ تائين اڻڄاڻايل مُدي تائين هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو هو، جنهن بعد ان آرڊينس تان سرڪار هٿ کنيو هو، شهيد بشير خان قرشي هر وقت سنڌ جي ماروئڙن جي لاءِ بي پناهہ جدوجهد ڪئي، هن برادري تڪرارن جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون، بشير خان قريشيءَ جي هلي وڃڻ تي ڪيترين ئي ڌرين کيس مان ڏيندي تڪرار ختم ڪري ڇڏيا، بشير خان قريشي 2012ع ۾ جڏهن فريڊم مارچ جو سڏُ ڏنو هو، تہ ان وقت سنڌ ڌرتيءَ جا لکين عاشق پنهنجي سرن جي پرواهہ نہ ڪندي پنهنجي هڙان وَڙان خرچ ڪري پنهنجون گاڏيون ڪرائي 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا ۽ اهو فريڊم مارچ دنيا جي نظر ۾ پڻ رهيو، تہ هڪ ماڻهو جنهن وٽ ڪو اقتدار ناهي، جنهن وٽ ڪا لالچ ناهي ان  لکين ماڻهو گڏ ڪيئن ڪيا؟، بي بي سي جي رپورٽ موجب 23 مارچ 2012ع تي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين فريڊم مارچ ۾ گڏ ٿيل ماڻهن جو تعداد 45 کان 50 لک هو، ان فريڊم مارچ کان پوءِ آخرڪار ٿيو اهو جنهن جو خدشو هو، بشير خان جي دل جڏهن ڌڙڪندي هئي تہ سنڌ جي دل ڌڙڪندي هئي، جڏهن ان دل جي ڌڙڪڻ بند ٿي تہ سموري سنڌ توڙي دنيا ۾ رهندڙ هر سنڌين جي دل مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا، سال 2012ع جي 7 اپريل جو اُڀريل سِج ڌرتي ڌڻين جي حقن لاءِ سوڳوارين جو اهڙو تہ سلسلو کڻي نڪتو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي، 7 اپريل تي سڪرنڊ کان ڪجهہ ڪلو ميٽر تي ڳوٺ دڙي مگسي ۾ سنڌ جي عاشق بشير خان قريشي کي هڪ سازش طور زهر ڏئي شهيد ڪيو يو، سندس دِل دڙڪڻ ڇڏي ڏنو، اها دل خاموش ٿي وئي هُئي، جيڪا نہ صرف سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي هُئي پر انهيءَ ۾ سنڌ سمايل هُئي، بشير خان قريشي جيڪا سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي تاريخ ان کي ڪڏهن بہ نہ وساري سگهندي، شهيد بشير خان قريشي جو وڇوڙو سنڌ جي ماڻهن لاءِ سواليہ نشان بڻيل آهي، شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي آجپي کي ڪنهن بہ موڙ تي نہ ڇڏيو، هُو سڄي قافلي کي اهڙي واٽ تي وٺي وڃي رهيو هو، جتان آجپي واري منزل هڪ ڏينهن ضرور ملڻي هئي، ڪراچيءَ جي ڪامياب فريڊم مارچ ۾ لکين سنڌين جي شرڪت ڏسي سنڌ جي آجپي واري جدوجهد ۾ جاکوڙيندڙ ماڻهو جا حوصلا وڌيا، اُتي وري اهو مارچ دُشمنن کي اک ۾ ڪَنڊي جيان چڀيو هو، 7 اپريل تي اُهو چنڊ هميشہ لاءِ اُبدي آرامي ٿي ويو، جيڪو هن رات جهڙي سماءُ ۾ روشني جو امين هو، جنهن کي ڌرتي ڌڻي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي، سندس شهادت مير مرتضيٰ ڀٽو جيان پيپلز پارٽي جي وفاقي دور ۾ ٿي، حڪومت پاران ڪيترن ئي واعدن باوجود سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ منظر عام تي نہ آندي وئي،  اڄ سنڌ جي بهادر پُٽ شهيد بشير خان قريشي جي 5 ورسي آهي، پر اڃا تائين شهيد بشير خان جا قاتل سنڌي قوم جي سامهون نہ اچي سگهيا آهن، اڄ تائين سنڌ جي هر قومي ڪارڪن جو اهو ئي مطالبو آهي تہ سنڌ جي ارڏي عاشق شهيد بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سنڌي قوم اڳيان آندي وڃي، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي بيرحماڻا سزا ڏني وڃي، سنڌ جي عاشق تي سنڌ توڙي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ناز ڪندا رهندا.

رات ڪيڏي بہ ڪاري انڌاري هُجي،

وحشتن جي وريل ڀل تہ واري هُجي،

ها مگر رات جي رهزنن کي چئو،

آءُ ايندُس وري  آءُ ايندُس وري

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *