جي ڊي اي جو آواز نئين اميدن جو  آغاز …! : جاويد احمد چانڊيو

سياسي جماعتن جو هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ سان عوام جو اعتماد بحال ٿيندو آهي.سياسي جماعتن جا گڏيل اتحاد ڪاميابي جي ضمانت پڻ هوندا آهن. ماضي ۾ به سياسي ڌرين جا اتحاد ٺهندا رهيا آهن .سياسي ڌرين جو ڪنهن به اشو تي گڏ ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ۽ تعجب نه هوندو آهي. ملڪي ۽ صوبائي سطح تي سياسي ڌرين جا ٺهندڙ اتحاد جمهوريت جو حصو هوندا آهن.پاڪستان ۾ سياسي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو اعزاز بزرگ سياسي اڳواڻ نواب زاده نصرالله خان (مرحوم)وڏي مقبوليت ماڻي ورتي هئي ،نوابزاده نصرالله خان جو اڪثر سياسي جماعتن جا سربراهه احترام ڪندا هئا.۽ حڪومتن خلاف سياسي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم جمع ڪرڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.گڏيل اتحاد وسيلي تحريڪ هلائڻ ۽ حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾بھ نوابزاده نصرالله جو وڏو ڪردار هوندو هو.ان ڪري نوابزاده نصرالله خان کي بابا ءِ جمهوريت به سڏيو ويندو هو. هن وقت به ملڪي توڙي صوبائي سطح تي سياسي ماحول گهڻو سرگرم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.پ پ حڪومت مسلسل 8سالن کان وڌيڪ عرصو هجڻ جي باوجودبه عوام جا اڪثر مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.عوام احساس محرومي جو شڪار آهي.موجوده دور ۾ به سنڌ ۾ مختلف سياسي ڌرين پ پ حڪومت جي غلط ۽ ناڪام پاليسن  خلاف ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پ پ حڪومت خلاف محاذ جو ڙيو ويو آهي.سنڌ جون مختلف سياسي جماعتون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن. سنڌ جي ممتاز تجربيگار سياستدانن (ف) مسلم ليگ جي سربراهه حضرت پيرصاحب سيد صبغت الله شاهه راشدي( پير صاحب پاڳارو) جن جي سربراهي ۾ بڻجندڙ پ پ خلاف سياسي مورچو گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ٺهي چڪو آهي.هن اتحاد ۾ (ف) مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ سنڌ عوامي اتحاد پارٽي،سنڌ يو نائيٽيڊ پارٽي ،قومي عوامي تحريڪ پ پ ورڪرز پارٽي ، تحريڪ انصاف راڄو ڻي اتحاد کان سواءِ ٻيون سياسي پارٽيون شامل آهن، سنڌ جا نالي وارا سياستدان سيد پير صدرالدين شاهه راشدي، سردار ممتاز علي ڀٽو.سيد غوث علي شاهه، ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ،لياقت علي جتوئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سسيد جلال محمود شاهه، محمد اسماعيل راهو ،غلامرتضيٰ جتوئي عرفان الله مروت .شهر يار مهر،نصرت سحر عباسي، ڄام مدد علي ڪاشف علي نظاماڻي.ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر. سميت ٻيا اڳواڻ گهڻو سرگرم آهن. سنڌ ۾ سياسي هلچل جو آغاز شروع ٿي چڪو آهي.

جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻن جو عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ مير پور خاص،ٽنڊو الهيار پهچڻ تي والهيانه استقبال ڪيو ويو.جڏهن ته سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ ۾ شاندار جي ڊي اي جلسو ڪيو جنهن ۾ لکين عوام جي شرڪت اهو ثابت ڪيو ته جي ڊي اي کي وڏي عوامي پذيرائي حاصل آهي. سنڌ جي عوام جو جي ڊي اي  آواز  بڻجي چڪي آهي،عوام جو لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ جي ڊي اي جي ڪاميابي جي علامت ظاهر ڪري ٿو. جلسي ۾ جوش جذبو ۽  اهو هرگز نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو سرڪاري ملازمن کي زبردستي اچڻ جو پابند ڪيو ويو هجي، ان ڪري جلسو ڪامياب ٿيو آهي عوام جو رضاڪارانه جلسي ۾ شرڪت ۽ ذاتي خرچ ڪرڻ چاهت ۽ جي ڊي اي تي اعتماد آهي.ڪامياب جلسو  عوامي تبديلي جي شروعات آهي جڏهن ته جي ڊي اي اڳواڻ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به مرحلي وار سياسي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندا.ٻئي طرف موجوده سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پ سرڪار جي عهديدارن وزيرن اها پڻ وضاحت ڪئي آهي ته گرينڊڊيمو ڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي ڪو به اشو ۽ عوامي پروگرام نه آهي خبر ناهي ته ٽانگا پارٽيون ڪهڙو مقصد کڻي نڪتيون آهن. ماضي ۾ پ پ خلاف ڪيترائي اتحاد قائم ٿيا۽ جيڪي ناڪام ٿيا. پ پ حڪومت کي انهن اتحادن مان ڪو به خطرو نه آهي. سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ترقي خوشحالي ڏانهن وڃي رهي آهي،پ پ وڌ ۾ وڌ عوام کي روزگار ڏنو آهي،سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب جن جو اهو به چوڻ آهي ته پ پ مخالفين پنهنجي اکين ۽ نظرن جو معائنو ڪرائن ڇو ته سنڌ هن وقت ترقي ڪري رهي آهي پ پ مخالفين کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي،پ پ اڄ به اٽي لٽي اجهي جي نعري تي قائم آهي،پ پ کي ڪو به ختم نه ٿو ڪري سگهي. جي ڊي اڳواڻن کي عوام رد ڪري چڪي آهي،انهن کي عوام جي حمايت حاصل نه آهي،سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب جن جو فرمان پنهنجي جاءِ تي سوچ درست اندازولڳائڻ اهو هڪ الڳ مسئلو آهي،هر هڪ ڌر کي پنهنجو موقف بيان رکڻ جو پورو حق حاصل آهي.گرينڊڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي جا اڳواڻ سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا کڻي عوام جي عدالت ۾ حاضر ٿيا آهن.سنڌ جا جيڪي اهم اشو آهن خبر ناهي پ پ جي صوبائي سرڪار کي نظر نه اچي رهيا آهن .ڇا سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي ٿيندڙ ڪرپشن  کان واقف نه آهي ۽ هر قسم جي ڪرپشن جو خاتمو گهري ٿو ؟ پ پ پاران چورايل مينڊيٽ عام اليڪشن 2013کان ويندي مڪاني ۽ ضمني چونڊن کي صاف شفاف ڌانڌلين کان پاڪ رهيون؟ سرڪاري مشينري جي مداخلت سبب پ پ مخالفين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري وفاداريون تبديل ۽ حراساڪرڻ حڪومتي ڏاڍ تي زبردستي ڪري عوام جو اصل فيصلو رد ڪيو ويو آهي،چند مثال ڏجن ٿا سنڌ جي ضلعن سانگهڙ ،دادو ،ٿرپارڪر، بدين. ٺٽو ،خيرپور۾ ٿيل ڌانڌليون ڪنهن کان به ڳجهيون ۽ لڪيل نه آهن،خيرپور ناٿن شاهه ۽ موري ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ ويران پولنگين پ پ کي اڪثريت ڪيئن حاصل ٿئي ۽ ٺپا مافيا آزادي سان پنهنجو  ڪم ڪري ڏيکاريو ؟ اهو کڻي سچ تسليم کڻي ڪجي ته خيرپور ناٿن شاهه ۾ سنڌ عوامي اتحاد پارٽي جو سربراهه لياقت علي جتوئي پ پ تي ڌانڌلين جا الزام لڳائي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. ته پ پ لاءِ رستو صاف رهيو.هوڏانهن موري ۾ مسلم ليگ (ن) جو اميدوار رئيس مسروراحمد خان جتوئي به ضمني چونڊن ۾ پ پ تي ڌانڌلين جو الزام لڳائي بائيڪاٽ ڪيو.۽ پ پ لاءِ رستو صاف رهي ٿو ۽يقينن پ پ جي ڪاميابي جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.ضمني چونڊن ۾ پولنگن جو ويران هجڻ باوجود وڏي ليڊ سان پ پ جو ڪامياب ٿيڻ ڪيتري ڌانڌلي ثابت ڪري ٿي؟ سنڌ ۾ بک بدحالي مفلصي بي روزگاري .زراعت جي تباهه ڪاري. بدامني مهانگائي،ڪرپشن عروج تي آهي.ماضي جي خوشحال سنڌ جا ماڻهون مرد عورتون وڏيون ڊگهيون قطارون ٺاهي بينظير انڪم سپورٽ تحت امداد جا منتظر هوندا آهن .ان کي ڪهڙو ناءُ ڏجي ته خوشحال سنڌ جا ماڻهون غربت مفلصي تنگي لاچاري سبب وڏيون قطارون ٺاهي امداد وٺڻ جا حقدار بڻجي ويا آهن پوءِ سنڌ جي خوشحالي ترقي وارو دور ڪٿي آهي؟ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو پ پ سرڪار تصور به نه ٿي ڪري ته ڪرپشن ڪٿان ختم ٿيندي؟ اگر سچائي آهي ته فرار ٿيندڙ لٽيرن کي انٽرپول ذريعي گرفتاري يقيني بڻايو وڃي،انهن خلاف اسيمبلي ۾ سزاجو بل پاس ڪيو وڃي.سرڪاري نوڪريون وڪرو ڪندڙن ۽ جعلي آڊرن ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ٿئي؟سنڌ جا تاريخي شهر ڪرپشن جي وڌنڌڙ ناسور سبب موهن جو دڙو بڻجي ويا آهن انهن جو سڌارو ڪير ڪندو؟ تعليم يافته نوجوان ڊگريون هٿن کڻي وزيرن ۽ ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ نوجوان بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ڇا ان حقيقتن کي ڪوڙقرار ڏجي؟ ڌانڌلين جي ذريعي چونڊيل نمائدا عوام جي حقيقي خدمت ڪري سگهندا؟سنڌ ٻين صوبن کان وڌيڪ مسئلستان بڻجي وئي آهي. هر طرف گندگي جا ڍير ٿيڻ ڪنهن جي ناڪامي ڪري ڪوٺجي؟ پيئڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي ؟ بدامني جي باهه ختم ڪير ڪندو ؟هن وقت سنڌ ۾ مختلف سياسي جماعتن گڏيل پليٽ فارم طور گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي سنڌ جو حقيقي ڪيس کڻي عملي طور ميدان تي نڪتي آهي عوام ان سان گڏ آهي. جيڪا عوامي اميدن پورو لهندي. جي ڊي اي جتي به پروگرام ڪندي عوام ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندو .عوام مسئلا حل چاهي ٿو.۽ حالاتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو

ته تبديلي اڻٽر بڻجي چڪي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *