جي ٽي روڊ ياترا.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو جي ٽي روڊ وارو قافلو فيض آباد پهتو جنهن کانپوءِ  نواز شريف پنهنجي گاڏي ڇڏي ڪنٽينر ۾ هلڻ پسند ڪيو، نواز شريف اسلام آباد کان لاهور روانگي واري سفر دوران  وزيراعظم نواز شريف چيو آهي  ته شاهد خاقان عباسي اسان جي شروع ڪيل منصوبن جي پڄاڻي ۽ حڪومتي مدو پورو ٿيڻ تائين وزيراعظم رهندو.ڪو پاور شو نه ڪري رهيو آهيان، گهر موڪليو ويو آهي ته گهر وڃي رهيو آهيان.ا ميان نواز شريف جي پنجاب هائوس روانگي جو وقت صبح 10 وڳي مقرر ڪيو ويو هو پر پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۽ ڳالهين جي ڪري روانگي ساڍي يارهين وڳي شروع ٿي.ان وقت ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سينيٽر پرويز ميان نواز شريف سان گڏ گاڏي ۾ موجود هئا. نواز شريف کي ججز ڪالوني ڏانهن وٺيو پيو ته  ان وقت  مري روڊ تي سمورا پيٽرول پمپ بند ڪرايا ويا هئا، ۽ مري روڊ ۽ ڀرپاسي وارا روڊ مڪمل طور بند هئا. ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ  جهنڊا کڻي ميان نواز شريف جي قافلي شامل ٿي چڪو هوُ. مسلم ليگ ن جي ريلي جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ گاڏي ۾ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم لڳايو ويو هو جنهن جي  مٿان اڳوڻي وزير نواز شريف ۽ مريم نواز جا پوسٽر لڳل ويا. اها خاص وين اڳوڻي وزير اعظم سان جي قافلي سان گڏ لاهور ويندي، ان کان سواءِ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم جي سان گڏ 8 خاص گاڏيون تيار ڪيون ويون هينون. سمورن شهرن ۾ نواز شريف جي ريلي جو استقبال ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪيو. ريلي جي استقبال لاءِ  رستن تي جاءِ جاءِ تي ڪيمپ لڳايا ويا هئا جتي ڪارڪنن جي لاءِ پاني ۽ کائڻ جو به انتظام ڪيو ويو هو . ريلي پنجاب هائوس کان مارگلا روڊ، ميريٽ هوٽل سگنل کان ڊي چوڪ کان گذري ۽ ڊي چوڪ تي اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرن مان جمع ٿيل ڪارڪن سندس استقبال ڪندا رهيا.هي ڪالهه وارو ٿورڙو ريلي جو عنوان ان ڪري ڏنو آهي جو هن ڪالم جو سمورو تعلق نواز شريف جي ريلي سان آهي،ڇوته ڪالهه ريلي جي ناهي جيڪڏهن ريلي جي هجي هان ته ميان نواز شريف پنهنجي اقتدار جي ڇار سال ڪجهه ميهنا پاڪستان اندر ئي گذاريا آهن،انڪري اها ريلي ان وقت به نڪري ٿي سگهي پر ائين به نه ڪيو ويو،وري ٻئي ڳالهه به اوهين سوڇندا.ته ميان نواز شريف صاحب پنهنجي نااهلي کانپوءِ عوام کي اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندس پنجاب اندر قوت ڪيتري آهي ۽ سندس حمايت رکندڙ ڪارڪنن توڙي پنجاب ئي عوام ڪيتري آهي.پر ائين به ناهي ڇو ته ميان نواز شريف هڪ نااهل ٿيل وزيراعظم هو ۽ سندس خد اهو چو۾ هو ته هو نااهل ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهر وڃي رهيو آهي.انڪري مان به سوچيان پيو ته جيڪو وزيراعظم نااهل هجي ۽ اهو پنهنجي ماتم اهڙي نموني ڪري انهي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ڇو ته جيڪڏهن ڳالهه صرف گهر وڃڻ تي آهي ته ميان نواز شريف عام ماڻهو وانگر سنڌو سنئون گهر هليو وڃي ها پوءِ ايترو شوز شرابو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ جيڪڏهن ميان نواز شريف جي ڪا ريلي ڪڍڻي هئي ته اها هو پوءِ به ڪڍي سگهيو ٿي ڇو وڏي الڪيشن ۾ اڃان ڪافي دير پئي آهي انڪري اهڙيون ريليون پوءِ به نڪري سگهيون ٿي،اوهانکي ياد هجڻ گهرجي ته لاهور اين اي 120تي جيڪا اليڪشن ٿيڻي آهي اصل راند انهي الڪيشن جي ڪري ڪئي پئي وڃي.

جڌهن ته ڪالهه واري ريلي کي ڏسي اهو به چئي سگهجي ٿو ته خاقان شاهه عباسي صرف ناهي جو وزيراعظم آهي باقي اختياريون مڪمل طور اڃان تائين سابق وزيراعظم وٽ ئي آهن.انڪري پاڪستاني جي سياست هن وقت اهڙو موڙ اچي ٻيٺو آهي جنهن اندر ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اين اي 120 جي الڪيشن جي ڏسي ڪري اوهانکي پاڪستان اندر ٻه سياسي قوتون زور آهي جنهن ۾ هڪ ن ليگ ۽ ٻئي پارٽي تحريڪ انصاف آهي جيڪڏهن سوچئجي ته ٽئي سياسي پارٽي ڪهڙي آهي جيڪا مطبوط هوندي.انڪري اها به هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪبو ته توهانجي خيال ۾ ٻن مشهور جماعتن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز کانپوءِ ٽين وڏي سياسي قوت يا آپشن ڪهڙي جماعت ٿي سگهي ٿي؟ جماعت اسلامي،  يا وري تحريڪ انصاف؟ ”عمران خان جو اليڪشن کٽڻ جي متعلق اعتماد ڏسي ڪري مونکي وڌيڪ ڀئو ٿيڻ لڳو“.هن جا ڪجهه اهم ڪارڻ آهن. بيشڪ عمران خان بهترين رانديگر ۽ مشهور فلاحي ڪارڪن طور مقبول آهي. عمران خان جتي به وڃي هتي ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، ماڻهو کيس سر اکين تي ويهاريندا آهن ۽ سندس ڳالهيون غور سان ٻڌندا آهن. پر عمران خان انهيءَ اهميت کي پنهنجي سياسي حمايت سمجهي رهيو آهي؟ سياست جو مثال انهيءَ وياڪل اٺ وانگر آهي جنهن جي آخري وقت تائين خبر ناهي ته اُهو ڪهڙي پاسي ويهندو. مون جنهن سان به ذڪر ڪريان ٿو اُهو ٻن مشهور سياسي جماعتن جا مسئلا نبيرڻ ۾ ناڪامي تي لعنت ملامت ڪري ٿو پر انهيءَ ٻڏتر جو شڪار پڻ آهي ته ٽين آپشن جي غير موجودگي ۾ ڪنهن کي ووٽ ڏيندو.

مذهبي جماعتن جو مصروف ووٽ بئنڪ آهي جيڪو هنن کي سواءِ نائين اليون کانپوءِ ٿورو يا وڌيڪ ملي ٿو پر اصل مسئلو ٻڏتر ۽ مايوسي جو شڪار ووٽرن جو آهي جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه ٿا اچن. سوال اِهو آهي ته ڇا عمران خان هنن ووٽرن کي ڪيش ڪري سگهندو؟ تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته 15 سالن جي اپوزيشن کيس لائق بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته پيرسن نوجوان ۽ ٻارڙا پاڻ هن وٽ اچي ڪري حمايت ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا. عمران خان جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته اِها حمايت عام چونڊن تائين سونامي جهڙي بڻجي ويندي.“ پر هن کان پهريان عمران خان ۽ سندس جماعت کي وڏا ڪم ڪرڻا پوندا، هن وقت عمران خان عوام جي نظرن ۾ سياسي جماعت کان وڌيڪ ”ون مين شو“ آهي. اهڙو ون مين شو جيڪو ٽي وي جي هر چئنل تي هر وقت توهانکي ڏيکاربو. اهڙي جماعت جنهن ۾ عمران ئي عمران آهي ٻيو ڪير به ناهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته عوام تائين پهچڻ لاءِ ٽي وي نهايت طاقتور ذريعو آهي پر عمران خان اِها ڳالهه تسليم نه ٿو ڪري ته ٽي وي تي وڌيڪ ڏيکارجڻ نقصانڪار پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته سڀ کان وڏو مسئلو اِهو آهي ته ٽي وي وارا شيخ رشيد وانگر هن کان علاوه سندس جماعت جي ڪنهن به ڪارڪن کي گهرائڻ لاءِ تيار نه آهن. ادا توهان ئي خيال ڪريو، شايد توهانجي غير موجودگي ۾ ڪنهن ٻئي کي اچڻ جي دعوت ڏين. جيستائين هڪ ايڪٽيو ٽيم ٺاهڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان موجب چڱا، ايماندار ۽ باڪردار ماڻهو ڳولڻ ۾ دير ٿيندي آهي پر آئون اهڙا ماڻهو آڻيندس جيڪي هن ملڪ کي اقتصادي بحران جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن. عمران خان لاءِ اِهو ٽاسڪ جلدي پورو ٿيڻ لازمي ۽ فائديمند آهي. تحريڪ انصاف لاءِ ڪهڙي ايشو لاءِ ايندڙ چونڊون وڙهڻ فائديمند ثابت ٿيندو؟ اِهو اهم سوال ڪاميابي ۽ شڪست ۾ اهم ڪردار نڀائيندو. عمران خان سمجهي ٿو ته اِهو موضوع بي ايماني هئڻ گهرجي. پر شايد مون جهڙن ماڻهن جي خيال ۾ امن عامه جي بحالي ۽ دهشتگردي جو انت لازمي آهي. ڪجهه ماڻهو هن کي آني ۽ ڪڪڙ واري بحث ڄاڻايو آهي پر منهنجي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي جنهن کانپوءِ بي ايماني واري اهم اقتصادي مسئلي بابت سوچ ويچار ڪري سگهجي ٿو. هينئر تائين اليڪشنز ۾ وقت آهي شايد انڪري ڪنهن به سياسي جماعت کي اليڪشن جي تياري جي تڪڙ  آهي. توڙي هن وقت ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن اهڙي عمل مان گذري رهيو آهي جنهن جو ايندڙ چونڊن تي اثر پئجي سگهن ٿا. اِهو ڪم ووٽرن جي لسٽن جي تصديق ڪرڻ آهي. سڀنيءَ کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف جو اصل اثاثو نوجوان نسل ثابت ٿي سگهي ٿو. پر ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي فيس بُڪ ۽ ٽوئٽر سان چمبڙيل نوجوانن کي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي؟ شايد نه. عام چونڊون ماسي جو گهر نه آهن. هوم ورڪ جي ضرورت آهي جنهن کان هر سياسي جماعت لنوائي ٿي. تحريڪ انصاف پاڻ کي ٻين جماعتن کان ڌار پارٽي قرار ڏنو آهي. تحريڪ انصاف کي ٽي وي تي بحث ڪرڻ سان گڏ عملي ڪارروايون پڻ ڪرڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *