”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو…“: شرجيل انعام ميمڻ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 37هون شهادت وارو ڏهاڙو اڄ اهڙين حالت ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن جي نشاندهي هن تمام گهڻو اڳ پنهنجي ڪتاب ”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو…“ ۾ ڪئي هئي. اڄ پاڪستان سميت پوري اسلامي دنيا ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي. فقط اسلامي دنيا ئي نه پر آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ اندروني مسئلن ۽ زبردست معاشي بحرانن ۾ ڦاٿل آهن. اهي حالتون عالمي طاقتن جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي جو نتيجو آهن. ان منصوبابندي تحت سڀ کان اڳ انهن ترقي پذير ملڪن ۾ عوامي امنگن سان هم آهنگ مقبول سياسي اڳواڻن کي هڪ هڪ ڪري نشانو بڻايو ويو، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي خطي جي استحڪام ۽ خودمختيار ترقي وارين پاليسين جا خالق هئا. انهن سياسي اڳواڻن عوام کي متحرڪ ڪري ۽ علائقائي اتحاد جوڙي پنهنجن ملڪن ۽ پنهنجن خطن خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ ٻاهرين قوتن جي هٿان پنهنجن وسيلن جي لٽ مار جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ امن، خوشحالي ۽ حقيقي قومي خودمختياري جي راهه متعين ڪئي هئي. انهن اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. هاڻ اسان کي ان باهه مان ڪڍڻ وارو ڪير به نه آهي. اسلامي دنيا سميت ٽئين دنيا جا ماڻهو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن ۽ هڪ ٻئي جو رت وهائي رهيا آهن ۽ انهن جي وسيلن تي غيرن جو قبضو ٿي ويو آهي. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عظيم سياسي اڳواڻ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي. اهو نه صرف عالم اسلام جو عظيم اڳواڻ هو بلڪ ايشيائي ملڪن جي خودمختياري جي علم برداران هن ملڪن جي غريب عوام جو آواز هو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تمام گهڻو اڳ ئي اهو سمجهي ويو هو ته عالمي طاقتون ڪهڙي منصوبابندي ڪري رهيون آهن. جڏهن هو ايوب خان جي ڪابينا ۾ وزير جي حيثيت سان شامل هو ته هن ترڪ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي چونڊيل وزيراعظم عدنان ميندريز Adnan Menderes کي ترڪي جي فوجي حڪومت پاران ڏنل موت جي سزا خلاف زبردست عالمي مهم هلائي. شهيد ڀٽو پوري عالم اسلام کي اهو باور ڪرايو ته عدنان ميندريز کي ڦاهي ڏيڻ سان نه صرف ترڪي پر پوري اسلامي دنيا تي خطرناڪ سياسي اثر پوندا. هن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل ايوب خان کي به ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت ترڪ حڪومت کي اپيل ڪري ته عدنان ميندريز کي ڦاهي نه ڏني وڃي، ايوب خان کيس سيپٽمبر 1960 ۾ ترڪي موڪليو ته جيئن حڪومت پاڪستان طرفان عدنان ميندريز کي موت جي سزا کان بچائڻ جي اپيل ڪري سگهجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موت جي ڪال ڪوٺڙي کان پنهنجي سڀ کان پياري ڌيءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جيڪو خط لکيو، ان ۾ هن ان واقعي جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. شهيد لکي ٿو ته ”مون ترڪي ۾ ترڪ فوجي حڪمران جنرل گرسل سان ڊگهي ملاقات ڪئي هئي. ترڪي جو پرڏيهي وزير سليم به موجود هو. جنرل گرسل مون کي چيو ته ترڪي جا مسئلا ميندريز جي موت جي سزا تي عمل سان حل ٿي ويندا. عجيب ڳالهه اها آهي ته هن اهو به چيو ته انا طوليه جي ڪجهه حصن ۾ موت جي سزا تي شديد ۽ پرتشدد ردعمل ٿيندو، پر وري ڪجهه مهينن ۾ هر شخص ميندريز کي ويساري ڇڏيندو. مون جنرل گرسل کي چيو ته ترڪي جي مسئلن جي شروعات ئي ميندريز جي ڦاهي سان ٿيندي. مون هن کي چيو ته ترڪي جو عوام ان ڦاهي کي ڪجهه مهينن ۾ نه وساريندو. ان جي ابتڙ هر ترڪي جو عوام ڪيترن ئي نسلن تائين ڦاهي جي گناهه جو احساس محسوس ڪندو رهندو. مون جنرل گرسل کي چيو ته ميندريز ته ڦاهي تي چڙهي لافاني ٿي ويندو ۽ ان سانحي جو گهرو داغ ترڪي جي چهري تي نمودار ٿي ويندو ۽ ان جي سياست ۾ هڪ گهري تفريق پيدا ٿي ويندي.“ شهيد ڀٽو جي زبردست ڪوششن جي باوجود به عدنان ميندريز تي ڦاهي کي چاڙهيو ويو. ان کان پوءِ اهو ئي ٿيو، جنهن جي نشاندهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي هئي. ميندريز جي ڦاسي سان ئي ترڪي جي مسئلن جي شروعات ٿي. يورپ کنڊ ۾ هوندي به اتي جمهوريت ۽ سياسي استحڪام نه اچي سگهيو.

عدنان ميندريز 10 سال (1950 کان 1960ع) تائين ترڪي جو وزيراعظم رهيو. نوجوان ذوالفقار علي ڀٽو 1955 ۾ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪوششن جي شروعات ڪئي ۽ صرف پنج سال جي عرصي ۾ يعني 1960 تائين هو عالمي برادري ۾ هڪ قدآور عالمي سياسي اڳواڻ طور پنهنجي پاڻ کي مڃرائي چڪو هو. هن دنيا جي ٻين سامراج مخالف اڳواڻن جمال عبدالناصر، سوئيڪارنو، جنرل نيون، پنڊت جواهرلعل نهرو، نڪروما، ٽيٽو، پيٽرس لوممبا، چي گويرا، هوچي منه ۽ انهن جهڙن ٻين قدآور سياسي اڳواڻن سان گڏجي غيروابسته تحريڪ ۽ ترقي پذير ملڪن جي ٻين تحريڪن کي اڳتي وڌائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو ۽ عالمي سياسي منظر نامي تي انهن اڳواڻن ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان نظر اچڻ لڳو. عدنان ميندريز جي ڦاسي جي وقت ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي قد ڪاٺ ايترو وڏو هو جو هن ميندريز جي ڦاسي روڪرائڻ لاءِ ترڪي جي فوجي جنتا کي تمام گهڻي عالمي دٻاءُ ۾ آڻي ورتو، ڇو ته ڀٽو ڄاڻي پيو ته اها هڪ عالمي سازش آهي، جيڪا ٽئين دنيا جي قومپرست، انقلابي، سامراج مخالف ۽ جمهوري طور تي مقبول سياسي اڳواڻن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وٺندي. اڄ اها عالمي سازش نمايان طور تي نظر اچي رهي آهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽو يا ان جهڙو ڪوبه نه آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي وزير جي حيثيت سان پاڪستان جي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسين ۾ غيرمحسوس طور تي تبديلي ڪئي. هو پاڪستان جي قومي خودمختياري تي ٻڌل پرڏيهي پاليسي جو معمار آهي. هن پاڪستان کي عالمي سامراجي ڪيمپ کان ڪڍڻ ۽ ان کي ٽئين دنيا جي تحريڪن ۾ اڳواڻي طور ڪردار سونپڻ لاءِ تمام اهم قدم کنيا. هن ٿرڊ ورلڊ جي تصور کي اسلامڪ ورلڊ ۾ سموئي ڇڏيو. هن مختلف عالمي فورمز تي اسلامي ملڪن لاءِ آواز اٿاري ۽ کين هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو. مولانا ڪوثر نيازي لکي ٿو ته”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪري اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جي جذبن ۽ مسلم ملڪن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت جي احساس کي وڌيڪ فروغ ڏنو. ان جي خواهش هئي ته سمورا مسلمان ملڪ، جيڪي ماضي ۾ سامراجي استحصال جو شڪار رهيا آهن. پنهنجن پنهنجن الڳ طرز حڪومت، سماجي ۽ اقتصادي نظام ۽ جاگرافيائي ۽ تاريخ مجبورين جي باوجود وسيع بنيادن تي پنهنجي عالمي ۽ گڏيل پاليسين ۾ وڌ کان وڌ ممڪن حد تائين هم آهنگي پيدا ڪن. شهيد ڀٽو شعور طور تي دانشمندي سان گڏ انقلابي بنيادن تي مسلم ملڪن جي گڏيل تعاون جي خدوخال اڀارڻ ۾ قابل ذڪر ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن ان راهه جي ڏکائين ۽ رڪاوٽن جو پورو احساس هو ۽ گڏ ئي کيس اهو مڪمل يقين هو ته هلندڙ صدي ۾ اسلام جو انقلابي ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر اڀري سامهون ايندو ۽ هن ڏکويل دنيا لاءِ اهو دين ڪامل انصاف، مساوات ۽ ڀائيچاري جو پيغام بڻجي پکڙبو.“ عالمي طاقتن کي شايد ڀٽو شهيد جو اهو ڪردار پسند نه آيو ۽ اڄ کان 36 سال اڳ کيس دنيا جي غريب عوام کان جسماني طور تي جدا ڪيو ويو. اڄ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته شهيد ڀٽو خلاف ٿيندڙ عالمي سازش جو پاڪستان سميت پوري اسلامي دنيا نتيجو ڀوڳي رهي آهي.

يمن ۾ ٿيندڙ جنگ اسلامي ملڪن جي اندروني انتشار جي باهه تي فرقيوارانه رنگ ڏئي تيل هاريو ويو آهي. هاڻ اها ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي وئي آهي ته شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڇو ڪيو ويو. شهيد ڀٽو جو اهي ڳالهيون به سچ ثابت ٿي ويون آهن، جيڪي هن ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو…“ ۾ ڪيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *