جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال: عامر علي ڀٽي/ٺل

چائنا ۽ ايران جا ماڻهو به هن ئي رستي کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ هي ضلعو تمام حساس حيثيت رکي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو افغانستان جا دهشتگرد به هن ئي رستي ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿي پنهنجو ڪهري ڪاروايون ڪري ويندا آهن، ان کان علاوه هن ضلعي ۾ توهان کي هر قوم ۽ هر ذات جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا ۽ هر ماڻهو پنهنجن مختلف ڪمن ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندا، پر هتي آيل ڌاريا ماڻهو جن سنڌ صوبي جي عوام جو سڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي اهڙين ڏوهاري ماڻهن کي پڪڙڻ لاءِ دلير پوليس آفيسرن جي ضرورت هوندي آهي سو گذريل ڪجھ مهينن کان ضلعي جيڪب آباد جي چارج ايس ايس پي سرفرازنواز شيخ جي حوالي ڪئي ويئي آهي جنهن پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪندي هتي امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

گذيل ڏينهن ضلعي جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ پنهنجي سالانه رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ضلعي جيڪب آباد ۾ 2016ع جي ڀيٽ ۾ 2017ع ۾ قتل، اغواءَ، ڪارنهن ۽ زناءَ جا ڏوه گھٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 2016ع ڌاري ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪارنهن، زناءَ اغواءَ ۽ قتل جون  569 واداتون ٿيون هيون ۽ 2017ع ۾ نمايان ڪمي واقع ٿي آهي.

ايس ايس پي صاحب ٻڌايو ته 2017ع ۾ جيڪب آباد پوليس پاران 80 ڦريل موبائلز،  31 موٽرسائيڪلز ۽ 167 مختلف جانور برآمد ڪيا آهن جڏهن ته 80 عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه 65 گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪرائي گھر پهچايو ويو آهي، قومي ايڪشن پلان مطابق لائوڊ اسپيڪرن جي غلط استعمال تي 15 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ان کان علاوه 22 افغانين کي به گرفتار ڪيو ويو جيڪي  غير قانوني طرح سان هتي ترسيل هئا، جڏهن ته هٿيار ايڪٽ موجب 162 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي جيڪب آباد جناب سرفراز نواز شيخ صاحب پنهنجي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪومبنگ آپريشن ذريعي 290 ريڊ هنيا ويا جنهن دوران 146 ڄڻن کان تحقيقات ڪئي ويئي جنهن ۾ 40 ڏوهاري  ۽ 4 ويڙهاڪ پڪڙِيا ويا، آپريشن دوران 383 روپوش ۽ 203 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ ريل جي پٽڙين تي بم رکي ريل کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن دهشتگردن جنهن ۾ مور بنگلاڻي، هنگو بگٽي، بالڪ ۽ ڪريم ڏنو بنگلاڻي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 6 ڪلو بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته 2 انعام رکيل ڏوهاري جنهن ۾ سائين بخش تيغاڻي ۽ سردار ڏاهاڻي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي جيڪب آباد سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته 2017ع ڌاري ڏوهارين سان 60 پوليس مقابلا ٿيا جنهن ۾ 7 ڏوهاري زخمي ۽ 116 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪب آباد ضلعي اندر جوئا جي اڏن تي ڇاپا هڻي 262 ڄڻن کي گرفتار ڪري 2 لک 65 هزار 525 روپيه برآمد ڪيا، ان کان علاوه منشيات جي ڪيسن ۾ 117 ڄڻن کي گرفتار ڪري 539 ڪلو 689 گرام چرس، 13 ڪلو ڀنگ، 40 ڪلو ڏوڏي ۽ هزارين ليٽر ديسي شراب برآمد ڪيو ويو، ضلعي جيڪب آباد اندر غيرقانوني هٿيارن جي ڏوه ۾ 3 عدد ڪلاشنڪوف،  2 عدد رائفلز، 110 پسٽل، 43 بندوقون، 4 عدد ريوالور ۽ 735 گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون.

ايس ايس پي صاحب ٻڌايو ته سن 2017ع ڌاري جيڪب آباد ۾ 207 جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، جن ۾ 4 پاٿاريدار، 83 چور، 33 اسٽريٽ ڪرمنل ۽ 85 مختلف ڪيسن ۾ گھربل جوابدار شامل آهن.

سرفراز نواز شيخ صاحب ٻڌايو ته امن امان جي قيام لاءِ پوليس هر وقت تيار آهي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اها به هڪ حقيقت آهي ته پوليس ۾ڪجھ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي پوليس جي نالي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن پر اسين عوام کي اهو پيغام ڏينداسين ته ڪنهن به شخص کي جيڪڏهن ڪو به پوليس اهلڪار بنا ڪنهن عضر جي تنگ ڪري ته ان جي رپورٽ اسان کي ڏني وڃي ته جيئن ان جي خلاف بروقت ڪاروائي ڪري سگھجي، سو اسين پوليس ۽ عوام جو رابطو باهمي بنيادن تي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن عوام جي دلين ۾ پوليس لاءِ پيدا ٿيل نفرتون ختم ٿي وڃن ۽ هڪ سٺي شهري جيان عوام جي عزت ٿي سگھي.

سو سائين اها هڪ حقيقت آهي ته ضلعي جيڪب آباد ۾ اڳ ۾ ڏينهن ڏٺي جو هتي چوريون، ڌاڙا، ڦرون، اغواءَ براءِ تاوان سرعام ٿيندا هئا پر جڏهن کان ايس ايس پي جيڪب آباد جناب سرفراز نواز شيخ هتان جي چارج ورتي آهي تڏهن کان پوري ضلعي اندر امن امان جي صوت بهتر ٿي آهي، سرفراز نواز شِيخ صاحب جو اهو به چوڻ درست آهي ته هتي عوام جي دلين ۾ پوليس لاءِ غلط راءِ قائم آهي جنهن جي ڪري ڪوبه شريف ماڻهو ٿاڻي تي وڃڻ کي بهتر نه سمجھندو آهي سو سرفراز نواز شِخ صاحب جون اهي ڪوششون جس لهڻيون آهن ته پوليس ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ٿيڻ گھرجن ته جيئن ڪوبه مظلوم شخص بنا ڪنهن ڊپ جي ٿاڻي تي وڃي پنهنجي ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگھي، سو اسين اڳتي به سرفراز نواز شيخ صاحب سان گڏ پوري سنڌ جي پوليس آفيسرن مان اها اميد رکنداسين ته هو به پوليس کاتي ۾ اهڙو هڪ سٺو نظام قائم ڪن جيئن انصاف هر امير توڙي غريب کي پلئه پئجي سگھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *