جيڪب آباد خودڪش حملي جا کنيل پيرا : غلام مصطفيٰ جمالي

اها ڳالهه منظرعام تي اچي وئي آهي ته جيڪب آباد ۾ ٿيل خدڪش حملي جي زميواري پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي قبولي ورتي آهي.اهڙو انڪشاف سنڌ صوبي جي گهرو وزير انور سيال پاران ڪيو ويو آهي.جڏهن ته گهرو وزير  انور سيال ۽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ميڊيا سان ڳالهيندي چيو.جڏهن ته محرم الحرام کان پهرين ڪيترن ئي نجي ٽي وي چيئنلن تي اها برڪينگ نيوز هلائي ته سنڌ اندر 50کان وڌيڪ داعش جا اهي دهشتگرد داخل ٿي چڪا آهن. جن .خدڪش حملن کان ويندي هرطرح جي دهشتگردي جي سکيا ورتي آهي.جيتوڻيڪ سنڌ اندر داعش جي حملي ۽ انهن جي هجڻ جو ڪو پڪو ثبوت ناهي مليو.ليڪن جيڪا ڳالهه سنڌ اندر هٌلي آهي ان ۾ ڇا صداقت ٿي سگهي ٿي اهو وقت فيصلو ڪندو.جڏهن ته سنڌ اندر داعش جي موجودگي کي پڻ آءِ جي سنڌ کي مڪلمل طور رد ڪندي چيو آهي ته انهي ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي.پر پاڪستان اندر ڪيتريون جهادي تنظيمون ضرور آهن. جيڪي پاڪستان جي مخالف ملڪن جي ايجنسيز کان ڪروڙين ڊالرن جي مالي مدد وٺي ڪري پاڪستان اندر دهشتگردي ڦهلائي رهيون آهن.۽ اها ڳالهه سورهن آنا سچ آهي.اوهان پاڪستان تي هڪ نظر وجهندا ته سموري ملڪ جي  تاريخ اندر جيڪي به خدڪش حملا ٿيا آهن.۽ انهن اندر جيڪي به معصوم جانيون ضايع ٿيون آهن.انهن جي زميواري ڪنهن نه ڪنهن پابندي مڙهيل جهادي تنظيم ضرور قبول ڪئي آهي.پوءِ چاهي اها تحريڪ طالبان هجي،يا لشڪر جهنگوي هجي،جندالله يا داعش هجي. يا اڃان به ڪا ٻئي تنظيم. پر اها هوندي جهادي تنظيم آهي..انهي ڪري جيڪب آباد واري خدڪش حملي جا پيرا ڀلي ڪيڏانهن به وڃن .پر مان سمجهان ٿو ته انهي جي آخري منزل وري ڪا جهادي تنظيم ئي هوندي.اها پراڻي ناهي ته ڪراچي اندر ڪجهه ميهنا پهرين صفوران ڳوٺ اسماعيلي جماعت سان تعلق رکندر ماڻهن جي هڪ ڀريل بس مٿان حملو ٿيو.جنهن حملي اندر پاڪستان جي سڀ کان جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو هو.جنهن اندر50کان وڌيڪ اسماعيلي جماعت جا مرد عورتون مارجي ويا.جڏهن ته انهي صفوران ڳوٺ ڀرسان ٿيل واقعي جي زميواري.تحريڪ طالبان کان ڌار ٿي پنهنجي تنظيم ٺاهي.حملا ڪندڙ جهادي تنظيم جندالله قبول ڪئي هئي.جڏهن ته جندالله جي ترجمان احمد مروت هڪ رائيٽرسان ڳالهائيدي انهي حملي جي زميواري قبولي هئي.جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان داعش جا پفليٽ پڻ مليا هئا. جن ۾ انگريزي زبان اندر لکيل هو ته انهي حملي جي زميواري داعش قبولي آهي.انهي ڪري ڀلي سنڌ اندر داعش جي هجڻ ڪا پڪا  ثبوث ناهن مليا .پر جڏهن اهڙا بيان ميڊيا جي سامهون ايندا آهن ته سنڌ داعش موجود آهي ته ملڪ جي قوم کي هڪ ڊپ ۽ حراس ضرور پيدا ٿيندو آهي.اهو انهي ڪري ته ملڪ اندر امن بلڪل به ختم ٿي چڪو آهي ننڍڙي ٻار کان ويندي هر ڄمار جو ماڻهو محفوظ ناهي.انسان جڏهن پنهنجي اکين سامهون اهڙا حملا ٿيندي ڏسندو آهي ته کيس ڊپ ۽ حراس ضرور ٿيندو آهي.جڏهن ته جيڪب آباد واري حملي جي زميواري پاڪستان اندر پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي قبولي آهي انهي ڪري مان اوهان کي انهي جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان اندر هن وقت لشڪر جهنگوي جو نالو تمام گهڻو استعمال ڪيو پيو وڃي.ڇو ته ڪجهه ڏينهن پهرين اهو بيان پڻ سامهون آيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي “را”پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ حافظ سعيد تي حملو ڪرائي سگهي ٿي ۽ اها خبر به هر ٽي وي چيئنلن توڙي.اخبار جي سرخي بڻي هئي.جنهن خبر اندر اهو پڻ ٻڌايو ويو هو ته انهي حملي لاءِ پابندي مڙهيل تنظيم تحرڪ طالبان ۽ لشڪر جهنگوي کي استعمال ڪيو ويندو.جنهن کان وزير اعظم ميان نواز شريف جي سڪيورٽي واڌائي ڪري.سندس سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.پر اها به ڳالهه اتي ختم ناهي ٿي.محرم الحرام جي ڇهه تاريخ تي لشڪر جهنگوي پاران آءِ جي پنجاب کي پڻ ڌمڪي ڏني وئي هئي.جنهن اندر مشتاق سکيرا کي ملڪ اسحاق جي قتل جي پلاند وٺڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.انهي ڌمڪي شدا بيان کان پوءِ ڳجهن ذريعن پڻ اها آگاهي ڏني وئي هئي ته محرم الحرام اندر ملڪ جي ڪهڙي صوبي اندر وڏي رتو ڇاڻ ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته هن وقت هارون ڀٽي نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.جنهن جو تعلق پڻ لشڪر جهنگوي سان آهي.جيڪو ملڪ اسحاق جو ويجهو ۽ قريبي ساٿي آهي.جڏهن ته هارون ڀٽي جي نالي ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڪيترن ئي ڪيسن بري ٿيل هو جنهن کي وري ٻيهر گرفتارڪيو ويو آهي.جيتوڻيڪ پنجاب حڪومت لاءِ هارون ڀٽي جي گرفتاري هڪ وڏو ڪارنامو آهي پر سوال وري به اهو آهي ته ڇا گرفتاري دير تائين هلندي يا وري به کيس بري ڪيو ويندو.اهو سموري احوال لشڪر جهنگوي کان شروع ٿو ٿئي ۽ جيڪب آباد واري خدڪش حملي تي ختم ٿو ٿئي.اوهان پاڻ سوچيو ته ملڪ ۾ محرم الحرام کان پهرين ڪيترا ڀيرا لشڪر جهنگوي کان بيان سامهون آيا پر انهن تي عمل ٿي نه سگهيو.جنهن جي ڪري جيڪب آباد واري خدڪش حملو ٿيو.ڇو ته سڪيورٽي جا انتظام جي سخت هجن ها ته اهو حملو هرگز نه ٿئي ها..جڏهن ته جيڪب آباد واقعي جون ٻه جانچ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.جن مان هڪ جي سربراهي ثناالله عباسي ڪندو.۽ بم ڌماڪن جي سببن  جو پتو لڳائڻ لاءِ ثناالله عباسي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطح تي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.جڏهن ته عفلت ڪندڙن آفيسرن لاءِ سائين رکيي ميراڻي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.جڏهن ته حملي خلاف سموري سنڌ اندر مظاهرا ٿي رهيا آهن.جڏهن ته شيعا اڳواڻ علامه ڊومڪي اهو مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي جيڪب آباد کي معطل ڪيو وڃي.پر سوال صرف ان حد تائين آهي ته آخر ملڪ اندر وڌندڙ اها دهشتگردي ڪڏهن ختم ٿيندي.ڪڏهن عوام سک جو ساهه کڻندي.جيڪب آباد واقعي جا پيرا سامهون اچي چڪا آهن.پر انهي واقعي کي به چار ڏينهن گذري چڪا آهن. اڃان ته  ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.انهي ڪري افسوس آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي کي ملڪل ڇوٽ مليل آهي.جنهن مان هو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ جڏهن به چاهين جٿي به چاهين .پنهنجون ڪاروايون ڪري سگهن ٿا.پر اسانجي حڪومت ڇو سجيندا ناهي.ڪو واقعو ٿيو ناهي ۽ ڏهه لک جو اعلان ڪيو ناهي.انهي ڪري قوم کي هر قتل ٿيل ماڻهو کي قيمت ڏهه لک رپين تي راضي ڪندڙ حڪمرانن مان ڪهڙيون اميدون رکن.انهي ڪري.حڪومت هن وقت حڪومت کي ڪجهه اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکارڻ گهرجي جنهن مان ملڪ ۾ امن جي فضا قائم ٿي.جيڪب آباد جي حملي جا پيرا مڪلمل ٿي چڪا آهن.رڳو حڪومت کي ڪو ساراهه جوڳو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.جنهن سان هن ملڪ جي قوم مطعمين ٿي سگهي.

mustafa_jamali13@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *