جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر: يار محمد شاهه

سان اڳ ئي چيو ته هي اضحيٰ واري عيد آهي، فرمائشي پروگرام، جنهن ۾ جيڪي به مهانگا ڍور ڍڳا ٻڪر ٻڙا ورتا ويا جن جي واقعي ريمپ تي ڪيٽ واڪ ٿي ۽ ٽي وي تي انهن جا نالا به ورتا ويا هئا، جن ۾ شاهه رخ، سلمان خان، شان وغيره. انهن مان شاهه رخ نالي هڪ وهڙو وٺي آيا ۽ سڄي پاڙي جا اهي غريب ٻار جن جا وڏا مائٽ ان ڏينهن جي انتظار ۾ هوندا آهن ته اسان ٻاڪري عيد تي گوشت کائينداسين، اهي حسرتون کڻي غريب ٻار انهن اميرن جي در تي گوشت وٺڻ لاءِ اس ۾ بيهي بيهي ٿڪجي پيا ٻارن اندر گوشت تقسيم ڪرڻ جا جملا ٻڌي مايوس ٿي ويا.

ڪنهن ڀڇيو ته بابا هيءَ ران وارو گوشت، ڪنهن کي چيو ويو اهو چاچا جن جي گهر، سيني وارو ماما جن جي باقي بچيل گوشت اسانجي فرج ۾ رکرائي ڇڏيو کل ڪاسائي کي وهٽ ڪهڻ عيوض ڏئي ڇڏجو اهو ٻڌي سڀني غريبن جا منهن لهي ويا، مايوسيءَ مان سڀ وڄڻ لڳا ته ان وقت مالڪن دروازو کولي اوجهريون آنڊا ٻاهر اڇليا، غير مسلم ٻارڙا وري ڪنهن ٻي فرمائشي قرباني ڪندڙ جي در تي هليا ويا ۽ مون جڏهن ان گهٽيءَ مان جا سيٺين جي گهٽي سڏبي آهي، ان مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪئيءَ اها سڄي گهٽي اوجهرين ۽ آنڊن سان ڀري پئي هئي ۽ ڪتن جا ڍِڳ انهن کي کائيندي پاڻ ۾ وڙهيا پي پر غير مسلم ڇوڪرن انهن کان اوجهريون ڇڏائيندي چيو ته اڙي چريا پاڻ کي اوجهريون ۽ آنڊا ڪتن کان ڦري قائم ڪبابيءَ کي صاف ڪري ڏيڻون آهن، جن مان وري آنڊي ويڙهيون ۽ اوجهريءَ جو اسپيشل ٻوڙ ٺاهي انهن ئي اميرن کي وڪرو ڪري ڏيندو پر منهنجا هي عيد وارا ڪپڙا ڇورن ڇنڊا هڻي خراب ڪري ڇڏيا آهن هاڻ ٻڌايو وڏيري جي ووٽن جي سڏ جو پير ڪيئنه ڀريان، جهونو جوڳي سڀڪجهه يڪ ساهي چئي ويو.

ڪامريڊ سليم تنقيد ڪندي چيو ميان جهونا جوڳي جهڳي هئي خالي وقت پيو وڄائين جيئن سعودي ۾ اسانجي گم ٿيل حاجين جي شهادت جي تعداد ۾ آهسته آهسته پيو. اضافو ٿئي ۽ خبر نه آهي ته پاڪستان جي شهيد ٿيل حاجين جو مڪمل تعداد ڪڏهن ٻڌائيندا 1997.ع ۾ مني ۾ باهه لڳي هزارين حاجي شهيد ٿي ويا، پر پاڪستانين جي شهيدن جو اعلان آهسته آهسته پي ڪيائون  هن وقت ايران جا 110 کن حاجي شهيد ٿيا آهن ته سڄي ملڪ ۾ سعودي جي انتظاميه خلاف ايران ۾ احتجاج هلن پيا ۽ ٻين ملڪن ۾ به جيئن جيئن شهيدن جا نالا اعلان پيا ٿين تيئن تيئن انهن ملڪن ۾ به احتجاج شروع ٿي رهيا آهن،

پاڪستان جي گم ٿيل حاجين جي تعداد کانپوءِ شهيدن جا انگ اکر به ان خوف کان آهسته آهسته ٻڌايا پيا وڃن، ان کان اڳ به هر سال شيطان کي پٿرين هڻڻ ۾ سوين ماڻهو مرندا هئا ۽ باهه به اڪثر لڳندي رهي آهي، ڪعبته الله ۽ سڄو مڪو اهڙو امن جو شهر ۽ علائقو آهي جنهن ۾ خداوند عالم هر نبيءَ کي ان امن جي شهر ۾ خون خرابو ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، امام حسين کي جڏهن اطلاع مليو ته مڪي ۾ سندن خلاف سازش تيار ٿي آهي ته تڏهن امام حسين جبل رحمت وٽ حج جي نيت عمره ۾ تبديل ڪري احرام تبديل ڪيائون صرف ان ڪري ته جيئن مڪي ۾ خون خرابو نه ٿئي رت نه وهي.

پر هن دفعي سڄي دنيا ڏٺو آسمان مان کينيوڻي يا بجلي ان ڪرين جي جوائنٽ تي ڪري جنهن کانپوءِ ان کي باهه لڳي ۽ لوهه ڳرندو رهيو ۽ پوءِ جهڪ ۽ طوفان اهڙو لڳو جو ڪرين ڳنڍ واري جاءِ تي ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ ڪرين جي ڪري ۽ حاجين جي طواف دوران خون وهڻ ۽ ڪرين جي هيٺيان دٻجي سوين حاجي شهيد ٿيا ۽ ان کانپوءِ شيطان کي پٿريون هڻندي موجوده بادشاهه جي فرزند جي پروٽوڪول محافظن جيڪو پروٽوڪول ڪيو ته عوامي پريشر وڌي ويو ۽ هڪ پاسي جي ديوار ڪرڻ کانپوءِ عوام گهٽ ۽ گرميءَ ۾ دٻجي بنا ڪو رت وهائڻ جي گُهٽجي مرندا رهيا جن نوجوان شهيدن جو گهڻو تعداد هو. جيڪي اڳئيي سڀ طاقت جي زور تي ڌڪ هڻي طواف ڪرڻ، حجراسود چمڻ ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻندا رهندا آهن، بهرالحال سوشل ميڊيا تي خبر آهي ته سعودي حڪومت شهزادي جي حفاظت ڪندڙن 14 ڄڻن جا سر قلم ڪري ڇڏيا آهن.

مواليءَ چيو ته ادا انهن ويچارن ته هڪ شهزادي کي بچائڻ لاءِ پنهنجا سر ۽ ست سو کان وڌيڪ حاجي شهيد ڪرايا، اهو سڀ الله جو انسانن کان ناراضپو آهي، سعودي حڪومت جي ٻي وڏي طاقت ۽ سرمائڪار بن لادن جنهنجي تعميراتي ڪمپنيءَ جو سعودي پاڻ قرضي آهي، تنهن هاڻ هنن جا ٺيڪا رد ڪري ڇڏيا آهن، پر جيڪا نشاني خوني چنڊ گرهڻ جي ذريعي اسانکي ڏيکاري وئي آهي، ان تي ته انگريز سائنسدان ٿا چون ته اها دنيا جي خاتمي جي نشاني آهي، هيترو ڪجهه ٿيڻ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي باوجود به ڇا اسان ۾ خوف خدا جاڳيو آهي؟ ڇا تو بهه ڪرڻ شروع ڪئي؟ ڇا هاڻ انسانن جو رت نه وهائڻ جو عهد ڪيو آهي؟ جيڪي ڪيو آهي ان جون معافيون گهريون آهن، ڇا داعش، القاعده ۽ طالبان وارا سلسله بند ٿي ويا؟ اڙي چريا پاڻ هميشه چوندا آهيون ته آمريڪا پن منهن واري بلا آه، آمريڪا هاڻ اسانجي مسلم ملڪن ۾ خوني انقلاب لاءِ ايترو ته خون وهايو آهي جو هاڻ ته فوجي جنرل به آمريڪي سازش تحت ملندڙ پاور کان لنوائڻ لڳا آهن،

سڀڪجهه ٿي به رهيو آهي، پر بي يقيني هراداري ۾ آهي ڪنهنکي ۾ ڪنهن تي اعتبار نه آهي، سنڌ جي 16 ضلعن ۾ نيون تڪبنديون، 15 ٽائون ڪميٽيون ختم، سنڌ حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان، ٻئي طرف سياستڪارن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ايف آءِ کي به پوليس جهڙا اختيار ملي ويا آهن، هاڻ هو ملڪ ۾ ڪنهنکي به 90 ڏينهن لاءِ حراست ۾ رکي سگهن ٿا،

جڏهن ته افغانستان تي ٿيل موجوده حملي ۽ قبضي کانپوءِ افغان چيف ايگيزيڪيوٽو واضح ٿو چوي ته پاڪستان سرحد پار کان حملا ڪندڙن جي مدد پيو ڪري، پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ سوڌو دهشتگردن جون پناهه گاهون آهن، افغانستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ پاڪستان جو هٿ آهي، اها تقرير جنرل اسيمبليءَ ۾ چيف ايگيزيڪيوٽو عبد الله عبدالله ڪئي ۽ ان کان پوءِ جنرل اسيمبليءَ ۾ اسانجي وزير اعظم جوابي تقرير ڪئي، پر هو ڪنهن به قوت کي مطمئن ڪري نه سگهيو، جڏهن ته ان موقعي تي داعشن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي صدر اوباما ۽ روسي صدر پيوٽن ۾ ملاقات سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ٿي. ملاقات ۾ شامي تڪرار جي خاتمي ۽ داعش خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، روس گڏيل قومن جي منظوري بعد داعش خلاف بمباري ڪندو، اهي سڀ عنوان الڳ الڳ پر سڀڪجهه آمريڪا جي ٿنڪ ٽيئنڪ جي مرضيءَ سان ئي ٿي رهيو آهي، اسانکي آءِ ايم ايف 50 ڪروڙ 20 لک ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي،

اسان جا ادار فخر سان پيا چون ته اها رقم ملندي ته پوءِ اسانجي زر جا ذخيره تاريخ جي بلند ترين سطح تي 19 ارب ڊالرن کان به وڌي ويندا. جڏهن ته اسانجي چيف آف اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ چين راهداري مان خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، يعني اسان جي اهم سربراهه جي سوچ آهي ته چين واري معاهدي کي ڪامياب ڪجي.

جڏهن ته آمريڪا اسان کان اهو به ڪم وري وٺڻ ٿو چاهي جيڪو اسان 11 سيپٽيمبر 1999 کان اڳن ڪندا هئاسين روس ٽٽڻ کانپوءِ طالبان  وارو دور وري پنهنجي ڳچيءَ  ۾ پئجي ويو آهي، آمريڪا ته انا کان وڏو ڪم وٺندي سڄي دنيا جي ملڪن کي دهشتگردي جي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان به حقاني نيٽ ورڪ جي خالق ۽ ڪم وٺندڙ طور تنقيد جو نشانو ٿيندو رهيو آهي، اسان کي واپس انڊيا سان اٽڪائي ٻيهر ڪشمير جو مسئلو تازو ڪري اسانکي 65ع جي جنگ واري دور ڏانهن واپس ڌڪيو ويو آهي ۽ ساڳي طرح اسان کي نقلي طالبان جي ذريعي جيئن اڳ افغانستان سان اٽڪائي رکيو هو،

تيئن هاڻ به اسانجي لاءِ ساڳيو ڄار تيار ٿي چڪو آهي، اڳ به اهم ادارا، معاشي ادارا ۽ فارين پاليسي جا ادارا ڪلهه به آمريڪي ٿنڪ ٽينئڪ جي نصاب تي هليا ۽ هاڻ وري به اسان ساڳئي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ڏيهي پرڏيهي سازشي ادارن اسان لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جو دنيا کي ته اسان تي اعتبار ئي نه رهيو آهي، پر هن ملڪ جي عوام مان اعتبار ۽ اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي، سياستدانن جي هر چر پر ۽ اعلان تي عوام کي ڪو به اعتماد نه آهي رهيو، آخر ۾ اهوئي عرض ڪندس ته هاڻ سنڌ جي مالڪي وارن قومي اڳواڻن ۽ قوم پرستن جا بيان ۽ منصوبه بندي يا احتجاج ته هاڻ سنڌي اخبارن ۾ به اندرون صفحن تي هليا ويا آهن، ان کان اڳ جو باقي بچيل سنڌ کي بقول گرهوڙي شريف جي ته ’’ جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارين جوکو‘‘. ان کان اڳ  ئي ڪو واهرو اچي ۽ سنڌين کي مالڪي ڏياري.

’’واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو‘‘

عوامي اواز جي ٿورن سان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *