جنگ صرف هٿيارن سان نه پر جذبن سان کٽي ويندي آهي: صلاح الدين عباسي

اها هڪ حقيقت آهي ته جنگ صرف هٿيارن سان نه پر جذبن سان کٽي ويندي آهي ۽ ان جو واضح مثال 1965ع واري پاڪ – ڀارت جنگ آهي. پاڪستان هڪ پر امن ملڪ آهي پر جڏهن به ان جي مٿان جنگ مڙهي وئي آهي ته پاڪستاني فوج پنهنجي پيشيور مهارت، جرئت ۽ بهادري ۽ جانين جي قربانين سان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. 6 سيپٽمبر 1965 واري جنگ ان جو واضح مثال آهي جنهن ۾ پاڪ فوج توڙي عوام پنهنجي  ملڪ جي سلامتي لاءِ وڏي ويڙهه ڪئي ۽ جانيون قربان ڪيون پر وطن جي سر زمين تي حملو ڪندڙن جا ارادا خاک ۾ ملائي ڇڏيا. ان ڪري پاڪستان ۾ 6 سيپٽمبر جو ڏهاڙو ٿيندڙ جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. 6 سيپٽمبر اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جي فوجي جارحيت جو مقابلو ڪندي نه صرف لاهور، سيالڪوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن جي سرزمين جو دفاع ڪيو پر دشمنن کي ڀرپور جواب ڏنو. 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ جا واقعا پاڪ فوج جي عظيم قربانين سان ڀريل آهن. ڀارت جي فوج 6 سيپٽمبر 1965 تي لاهور ۽ قصور، سيالڪوٽ ۽ ٻين مختلف علائقن تي حملو ڪيو ته پاڪ فوج نه صرف پنهنجو دفاع ڪيو پر دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب به ڏنو، هي اهي ڏينهن هئا جو پاڪستان جي هوائي فوج جي سپوت ايم ايم عالم پنهنجو ايف 86 جهاز اڏائيندي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ دشمنن جا 5 ويڙهاڪ جهاز هيٺ ڪيرائي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. چونڊه جي هنڌ ٿيندڙ ٽينڪن جي ويڙهه کي دنيا جي وڏين جنگين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، هي اها جنگ آهي  ڀارت سيالڪوٽ جي محاذ تي هڪ آرمڊ ۽ 3 ملٽري ڊويزن جي وڏي فوجي طاقت سان حملو ڪيو هو پر پاڪستاني فوج بهادري ۽ جرئت سان وڙهندي اڳتي وڌي ۽ جنگ کي ڀارتي سر زمين تائين کڻي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي اڳواڻن بوکلاهٽ جو شڪار ٿي اقوام متحده ۾ سيڪيورٽي ڪائونسل جو رخ ڪيو ۽ جنگ بندي جي درخواست  ڪري ڇڏي. 10 جنوري 1966ع ۾ معاهدي تاشقند جي تحت ٻئي فوجون  جنگ کان پهرين واري پوزيشن تي واپس هليون ويون. هن 65 واري جنگ جي اهم ڳالهه اها آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ هئي ۽ جنگ ۾ فوج سان ڀرپور ساٿ ڏنو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان هڪ پر امن ملڪ آهي پر جڏهن به ان جي مٿان جنگ مڙهي وئي آهي ته هن دشمنن کي ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ پاڪ فوج پنهنجي پيشيور مهارت، جرئت ۽ بهادري ۽ قربانين جا نوان نوان رڪارڊ قائم ڪندي رهي آهي. قوم ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ ڪجهه ڏينهن اهڙا هوندا آهن جيڪي ٻين ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قرباني گهرندا آهن. اهي ڏينهن مائرن کان پنهنجا جگر پٽ، پوڙهن کان آخري سهارو قربان ڪرڻ جو مطالبو ڪندا آهن. اهي تاريخي ڏينهن تمام اهم هوندا آهن ۽ قرباني گهرندا آهن ۽ جيڪڏهن قرباني نه ڏني وئي ته پوءِ وطن پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آهن. قومون تاريخ جو حصو ٿي وينديون آهن ۽ آزادي جي بدران غلام جي زندگي قومن جو مقدر بنجي ويندي آهي. 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ ملڪ جي عوام گڏجي سر سان ڪفن ٻڌي جنگ ڪئي ۽ جسم سان بارود ٻڌي دشمنن جي ٽينڪن آڏو ليٽي پيا ۽ دشمنن جو مقابلو ڪيو. عوام پنهنجو سڀ ڪجهه مال ملڪيت دولت وطن جي دفاع خاطر قربان ڪيو ۽ دشمنن جا ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيا جيڪي پاڪستان جي نقشي کي مٽائڻ آيا هئا اهي پنهنجي سيني تي ناڪامي جو داغ هميشه لاءِ لڳائي واپس ويا، اهي شايد ان ڳالهه کان واقف نه هئا ته جيڪا سر زمين شهيدن جي رت سان سيراب ٿيندي آهي، اها وڏي زرخيز ۽ شاداب هوندي آهي، ان ڌرتي جا سپوت پنهنجي ڌرتي جي طرف اٿندڙ هر آڱر کي ڪٽي ڇڏيندا آهن ۽ ان طرف ميري اک سان ڏسندڙ جي اک کي ڪڍي ڇڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ پنهنجي ڌرتي خاطر جان جي قرباني ڏئي سگهن ٿا پر وطن کي ڪنهن به قسم جو نقصان ٿيڻ ناهن ڏيندا. ان جو بهترين  مظاهرو 6 سيپٽمبر 1965 ع واري جنگ ۾ ڪيو ويو، انتهائي جرئت، بهادري جا مثال قائم ڪيا ويا جيڪي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيا ويندا. تاريخ لکي ٿي ته اهي ئي قومون پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون آهن جيڪي پنهنجو دفاع مضبوط رکي سگهنديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *