جنگي جنون ۽ زميني حقيقتون: رزاق عاصي

ڀارت ۾مودي سرڪار ۽ پاڪستان ۾نواز حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جون سرحدون ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل آهن، رڳو ائين به ناهي ته هندوستان ۽ پاڪستان ۾ڪو پهريون ڀيرو  ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿيو آهي، پر مشرف جي آمريت اچڻ کان اڳ به ڪارگل معاملي کي جواز بڻائي  جمهوريت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو، پر  اسين ڳالهه ڪنداسين ان کان به اڳ جي جڏهن ننڍي کنڊ جي وجود جا ٻه حصا ڪيا ويا ۽ بعد ۾ مذهب جي بنياد تي قومون تشڪيل ڏئي، هڪ ڌرتي جي ڪيل ٻن ٽڪڙن جي هنجهه ۾ رهندڙ  انسانن کي اهڙو ته ورهايو ويو،  جنهن کانپوءِ هيءَ ڪجهه ڌرين جي مفادن جي جنگ جو هاڻ ڪٿي به دنگ نٿو ٿئي، اهو چوڻ جو به اسين حق رکون ٿا ته جڏهن يورپ جي سوين ورهين واري معاشي حڪمراني تي چائنا پنهنجو مڪمل قبضو ڪري ورتو آهي ته هن جا اثر دنيا جي اسرندڙ ملڪن تي پوڻ به اڻٽر آهي، اسين ڀارتي سياستدان توڙي فوج ۽ پاڪستان جي به ساڳي ڌرين  کي  هڪ ئي صف ۾ بيٺل ڏسون ٿا، ڇو جو جنگي ڇڪتاڻ ڪنهن به صورت ٻنهي ملڪن جي غريب توڙي عام ماڻهو جي حق ۾ ناهي، ڇو جو جنگ ۽ پيار ۾ اهو سڀ ڪجهه جائز بڻجي وڃي ٿو جنهن سان انساني رت جي به ڪا تميز ناهي هوندي، جنگين جي نقصان کان ڪو به اهڙو ذهن ناهي جيڪو اڻڄاڻ هجي، دنيا جون جنگيون گواهه آهن ته هن ۾ وڌ کان وڌ عام انسان جو رت وهيو آهي، گهر، ٻنيون ٻارا، مال متاع، توڙي انساني وجودن جي ڀيل به سڀ کان گهڻي عام ماڻهو جي ٿي آهي،  هاڻ جڏهن دنيا هڪ سڌريل ۽ انساني حقن جي حوالي سان تمام گهڻي ڳڻتي رکي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ جنگيون ڇيڙڻ ايترو سولو به ناهي پر جڏهن ڳالهه انساني انا ۽ سگهارن جي مفادن جي هجي ته پوءِ ڪو به حادثو ٿيڻ ۾ دير ناهي لڳندي.

موجوده وقت هلندڙ ڇڪتاڻ جا سبب صرف ۽ صرف ٻن سپرپاور سڏائندڙ  جا مفاد آهن، جنهن جي لپيٽ ۾ سموري دنيا جي ترقي پزير ملڪن کي بلي جو ٻڪر بڻجڻو پوندو، پاڪستان ۽ ڀارت جي معاملي کي جيڪڏهن ڏسبو ته هي رڳو ڪشمير مسئلي تي ناهي، هن ڇڪتاڻ جي پويان ٻيا به کوڙ سارا سبب آهن، جنهن جي ڪري ڪنهن به صورت ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو برقرار رهڻ ئي حڪمرانن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان جا الزام اهن ته ”را“  ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت پيو ڪري، جڏهن ته ڀارت به آءِ ايس آءِ  جي اثر هيٺ رهندڙن کي پنهنجي لاءِ خطرو قرار ڏيندو پيو اچي، ان پيش منظر ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو هي بيان ميڊيا تي آهي ته  ڀارت نه ڪڏهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي زمين جو بکيو آهي. ڀارت ٻين جي مفاد لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ٻن عالمي جنگين ۾ مفاد نه هجڻ باوجود ڏيڍ لک ڀارتي فوجين قربانيون ڏنيون آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀارتي به ٻين برادرين سان گڏجي رهن ٿا. جڏهن ته اهڙي نموني پاڪستان حڪومت به پنهنجو الڳ موقف ٿي رکي جنهن لاءِ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير طارق فاطمي جو چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. سنڌ طاس معاهدي ۾ آمريڪا جو به ڪردار آهي. اهو معاهدو ختم ٿيو ته ڪنهن به حد تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون.

ڀارت کي ايران سان لاڳاپن تي پريشاني نه هئڻ گهرجي. ان سان سٺا لاڳاپا آهن. ڪابل جا پنهنجا اندريان مسئلا آهن جڏهن ته ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. پر پرڏيهي معاملن جي مشير سرتاج عزيز ته سموري ڇڪتاڻ کي ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جا پاڇا برقرار رهڻ قرار ڏنو آهي، سندس اهو به چوڻ آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ آزادي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪريل حرڪت تي لهي آيو آهي. ايل او سي تي حالتون معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا. ڪشمير تي نئين قومي پاليسي ٺهڻ ضروري آهي. پر هن اهو به مڃيو ته ڀارت طرفان پيغام آيو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ چاهيون ٿا. پر پاڪستان جي دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف ته سڄي معاملي کي ڀارت نام نهاد سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچايو. ڀارتي ڳجها ادارا پاڻ اهڙا واقعا ڪندا  آهن. برهان واني جي قتل کانپوءِ به ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو آهي. ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ ڪشمير فتح ڪرڻ سان همڪنار ٿيندي. سي پيڪ کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. هن چيو ته افغانستان اسان جي دشمن سان گڏ ٿيو آهي ته ڪا ڳالهه ناهي. اسان به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪري سگهون ٿا.

هاڻ اسين مٿين بيانن مان آساني سان اهو سمجهي سگهون ٿا ته آخر ڪهڙو مسئلو آهي، انڪري ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پويان وري به سپر پاورن جا مفاد آهن، ڀارت توڙي پاڪستان جو عوام ڇا ٿو سوچي اهڙي ڇڪتاڻ  نه رڳو ٻنهي ملڪن جي مفادن لاءِ خطرناڪ آهي، بلڪه هي جنگ سموري دنيا جي امن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي، باقي اسين صوفين جي ڌرتي جا واسي ته ڪنهن به صورت ان ڇڪتاڻ جي حق ۾ ناهيون ته انسانيت جو قتل عام ٿئي، جنگ کٽڻ يا هارائڻ وڏو مسئلو ناهي، اهم مسئلو جنگي جنون ۽ سوڀ جي حاصلات لاءِ ٿيل انساني قتل عام وڏي ۾ وڏو الميو آهي، انڪري اسان محبتن جي جنگ چاهيون ٿا بقول ساحر لڌهيانوي جي ته:

اے شریف انسانو

خون اپنا ہو یا پرایا ہو

نسلِ آدم کا خون ہے آخر

جنگ مشرق میں ہو کہ مغرب میں

امنِ عالم کا خون ہے آخر
بم گھروں پر گریں کہ سرحد پر

روحِ تعمیر زخم کھاتی ہے

کھیت اپنے جلیں کہ اوروں کے

زیست فاقوں سے تلملاتی ہے
ٹینک آگے بڑھیں کہ پیچھے ہٹیں

کوکھ دھرتی کی بانجھ ہوتی ہے

فتح کا جشن ہو کہ ہار کا سوگ

زندگی میّتوں پہ روتی ہے
جنگ تو خود ہی ایک مسئلہ ہے

جنگ کیا مسئلوں کا حل دے گی

آگ اور خون آج بخشے گی

بھوک اور احتیاج کل دے گی
اس لئے اے شریف انسانو!

جنگ ٹلتی رہے تو بہتر ہے

آپ اور ہم سبھی کے آنگن میں

شمع جلتی رہے تو بہتر ہے

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *