جمهوري ۽ آمريتي دور ۾ پسجندڙ “آئين ”: صاحب خان ڀٽي

ملڪ کي 70 وريهه وهامي وڃڻ باوجود جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهي آهي،  ڪڏهن آمرن جمهوريت حڪومت جو تختو اونڌو ڪري  حڪومت ڪئي ته ڪڏهن وري جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي مختلف لقب ڏئي انهن کي ڀت سان لڳايو ويو، جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي، جنهن جا ذميوار هن ملڪ جا سياستدان  ئي آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن سياستدان خلاف  ڪارروائي ٿيندي آهي يا وري کي هٽائي جلاوطن ڪيو ويندو آهي ته ٻيون پارٽيون اهو تماشو  ڏسنديون رهنديون آهن، هن ملڪ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان ويندي ٻيا ڪيترائي سياستدان  رهيا آهن جن کي جلاوطني گذارڻي پئي آهي پر ان باوجود سياسي پارٽين ۾ ڪو به اتحاد نه ٿي سگهيو آهي،.

ڪجهه سياسي پارٽيون آمرن جي ڇانوَ پلجنديون آهن ته جيئن اهي ڳچ عرصو اقتدار ۾ رهي سگهن ۽ جيڪي پارٽيون آمريت  خلاف هونديون آهن، انهن جي اڳواڻن کي آمريتي دور يا ته هن ملڪ کي ڇڏڻو پوندو آهي يا وري روپوش ٿيڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريت دور سمورن سياسي  پارٽي جي اڳواڻن جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا آهن،ڪرپشن جي ذڪر به ٿيندو آهي ته غداري جا الزام به لڳندا آهن پر ان باوجود  ڪجهه سياسي پارٽيون آمريت کي لبيڪ چونديون  آهن ته ڪجهه پارٽيون وري جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪنديون آهن، انهن مان پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ به هڪ آهن، شايد ٻيون پارٽي به هجن پر ظاهري طور اهي ٻئي پارٽيون وڏيون سياسي پارٽين طور مڃيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي پارٽين جي  هدايتن تي عوام روڊن تي به نڪرندو آهي.  پر جڏهن به آمريت آئي يا جمهوري دور قائم ٿيو، تڏهن صرف هڪ ئي ڪم ضرور ٿيندو آهي، اهو هوندو آهي ته آئين ۾ پنهنجي سولائي لاءِ ترميم ڪئي وڃي پر ان باوجود سياسي پارٽين کي ڪو به فائدو نه پهچندو آهي.

آمريت ۾  “آئين ” ۾ پنهنجي مرضي موجب ترميم ڪئي وئي ته جمهوريت ۾ به  “ آئين” سان ساڳيو حشر ڪيو ويو، هن وقت به اهڙيون ئي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن،  مسلم ليگ ن طرفان آئين کي تبديل ڪرڻ جون  ڳالهيون ڪيون پيون وڃن،  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف به  چيو آهي ته آئين کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نوازشريف ته نئين پاڪستان جو به ذڪر ڪري رهيو آهي، هاڻ  ته هن ملڪ جو عوام به تمام گهڻو پريشان ٿي چڪو  آهي، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته هو نئون پاڪستان ٺاهيندا ته ٻي طرف نوازشريف سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ نئين پاڪستان جو نعرو هڻي رهيو آهي، جنهن سبب هن ملڪ جو عوام اهو سوچڻ  تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر نئون پاڪستان ڪنهن جو بهتر هوندو.

نوازشريف جو پاڪستان بهتر هوندو يا وري عمران خان جو پاڪستان بهتر هوندو؟ مطلب ته هن ملڪ جو عوام منجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي. بهرحال نئون پاڪستان ٺهي يا نه ٺهي پر آئين  کي تبديل ڪرڻ لاءِ نواز ليگ  تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهي آهي، پير بابا  جي پارٽي جي حمايت به نوازشريف کي ملي چڪي آهي، مطلب ته پيربابا جي پارٽي ۽ نوازليگ ۾ ٺاهه بعد  ڪراچي جو ته هاڻ الله ئي حافظ آهي، جيئن ماضي ۾ پير بابا جي پارٽي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ٺاهه ٿيو هو ته ڪراچي جون حالتون پنجن سالن دوران ڪڏهن به بهتر نه ٿيون ۽ عوام امن لاءِ هوڏانهن هيڏانهن نهاريندو رهندو هو ، نه سڪيورٽي ادارا ڪراچي  ۾ امن ڪرائي سگهيا هئا ۽ نه ئي سياسي پارٽيون امن لاءِ  ڪراچي ۾ احتجاج ڪري سگهن پيون. بهرحال هن وقت حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، اهو صرف نوازشريف  جي حڪومتي دور ۾ ئي امن قائم ٿيو، هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نوازشريف آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ڪهڙي ريت ختم ٿو ڪري.

جيڪڏهن نوازشريف آئين ۾ ترميم ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ٿو ته پر پوءِ سندس نااهلي ختم ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، هڪ دفعو جيڪو نااهل ٿي ويو، سو ٿي ويو، هاڻ ڀلي سندس نااهلي  به ٿي وڃي پر عوام کيس نااهل وارو لقب ڏئي چڪو آهي، مطلب ته عدالت طرفان مٿس اهو ٺپو لڳي چڪو آهي، جيڪو شايد سندس سڄي عمر تائين  مٽجي نه سگهندو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪجهه سياستدان نوازشريف جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه وري ان ڳالهه ۾ ڏاڍو خوش نظر اچي رهيا آهن ته سندن لاءِ  رستو مڪمل طور صاف ٿي ويو آهي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي ٿو  ته اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته هر قيمت تي ووٽ جو تقدس قائم رکيو ويندو۽ نعرو هنيو  آهي ته کيس  قائد اعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻو آهي، جنهن لاءِ آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو.

نوازشريف ته اهو به چيو آهي ته جمهوريت عوام جي ووٽ جي تقدس جو نالو آهي، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي قائد اعظم جي طئي ڪيل رستي تي گامزن ڪيو وڃي. نوازشريف هڪ وڏي اهم ڳالهه اها به چئي آهي ته هڪ ٻانهن ڪٽجي بنگلاديش بڻجي ويو، جڏهن ته باقي بچل حصي ۾ ڏڦيڙ ڏٺو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اهو به چيو هو چاهي ٿو پاڪستان اقتصادي طور مضبوط هجي، پاڪستان جي سرزمين 20 ڪروڙ عوام جي ملڪيت آهي، ڪجهه ماڻهن جي جاگير ناهي. 70 ورهين کان هلندڙ تماشو بند نه ٿيو ته اهو ملڪ کي ڪنهن حادثي جي ور چاڙهي ڇڏيندو ۽ ملڪ ڪو وڌيڪ حادثو برداشت نه ٿو ڪري سگهي.  نوازشريف جيڪي لفظ اچي چئي رهيوآهي، اهي لفظ اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون پر نه ته بلوچستان جون حالتون بهتر ٿي سگهيون آهن، هاڻ ته ويتر سنڌ جون حالتون به بلوچستان کان وڌيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي، ڏينهن ڏٺي ماڻهو گم ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن انهن جي بازيابي لاءِ به ڪو روڊن تي نڪري ته اهي به غائب ٿي وڃن ٿا، جن جي نه ته قانون لاڳو ادارن کي خبر هوندي آهي ۽ نه ئي وري پوليس ڪجهه ٻڌائڻ  جي زحمت ڪندي آهي، بهرحال صوبن ۾ احساس محرومي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آهي،جنهن جي خاتمي لاءِ  ڪنهن به قدم نه کنيو آهي.

هن وقت نوازشريف عوام کي اپيل ڪري رهيو آهي ته سندس ساٿ ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي  مرضي موجب آئين ۾ ترميم ڪري سگهي، آئين ۾ بار بار ترميمون ڪرڻ سبب هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته  ڀُٽي جو ڏنل آئين ساڳي حالت بچيو به آهي يا سياستدان ۽ آمرن ان جو هليو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته  آئين ملڪي سالميت ۽ بقا جي ضمانت آهي، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 سان ڇيڙ چاڙ ڪئي وئي ته اهو ملڪي سلامتي سان کيڏڻ جي برابر هوندو، سراج الحق اهو به چيو آهي ته آئين کي تبديل ڪرڻ بدران حڪمران پاڻ کي تبديل ڪن، نوازشريف پاران آئين تبديل ڪرڻ واري بيان کانپوءِ ته آئين جا محافظ سامهون اچي ويا آهن ۽ اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن  ته جيئن هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي طرفان ڏنل آئين جي حفاظت ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو هجي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق هڪڙي ڳالهه تمام بهتر به ڪئي آهي ته آئين سان هٿ چراند ڪندڙ  آمرن جو به احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته کيس نوازشريف جو پاڪستان نه کپي، صرف کيس قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان چاهي ٿو.  سينيئر سياستدان  مخدوم جاويد هاشمي چئي ٿو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ضياءُ الحق پنهنجي مخالفن لاءِ آئين جو حصو بڻايو هو ۽ هو شروعات کان وٺي ان جي خلاف هو،  جاويد هاشمي ته اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته سندس اڳيان سازشون ڪيون ويون ۽ هو ميڊيا سان گڏ نوازليگ کي به آگاهه ڪندو رهيو. سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار  ڏنل  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي آئين ٺاهڻ جي ڏوهه ۾  سزا ڏني وئي، مطلب ته جنهن شخص هن ملڪ کي آئين ڏنو، اهو آئين ان جي حفاظت ئي نه ڪري سگهيو.

بهرحال هن وقت آئين کي تبديل ڪرڻ وارو بحث ڏينهون ڏينهن  وڌندو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا تمام گهڻا خراب  نڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته نااهلي  واري فيصلي کانپوءِ  نوازشريف عوام آڏو پنهنجو ڪيس رکي ڇڏيو  آهي ۽ آئين ۾ تبديلي جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن، هونئن ته وفاق ۾ نوازليگ جي حڪومت آهي، صدر به نوازليگ جو آهي ته وزيراعظم به نواز ليگ جو آهي، جيڪي چاهين ته آئين ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ته صاف صاف چئي ڇڏيو  آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جا ڪجهه اصول آهن ۽ هو ان تحت ئي هلندا،.

بلاول ڀٽو زرداري ته اهو به چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ٿي به وڃي ٿي ته ان جو نوازشريف کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نوازشريف ڪهڙي ريت آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ختم ٿو ڪري ۽ مخالفن کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن هن وقت سموريون پارٽيون متحد هجن ته اڄ ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا نه ٿئي ها ۽ نه مائنس ون وارو فارمولو ڪامياب ٿئي ها ۽ نه ئي ضياءُ الحق جي ڏنل ترميم جي ڪو حمايت ڪرڻ لاءِ  نوازشريف سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڌمڪي ڏئي ها.

Sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *