جمهوري نظام جاري رهڻ گهرجي!: محبوب حسين

جمهوريت جي معنيٰ آهي “عوام جي حڪومت” ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي ٻيون ڀيرو آهي جو عوام جي چونڊيل جمهوري حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏانهن وڌي رهي آهي. سياسي پارٽين جي حمايت ۽ تعاون سان پيپلز پارٽي جي حڪومت پهريون ڀيرو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو. ان کانپوءِ 2013ع جي چونڊن ۾ جڏهن مسلم ليگ نواز پنهنجي حڪومت ٺاهي ته سمورين سياسي پارٽين ان جي ڀليڪار ڪئي ۽ جمهوريت کي جاري رهڻ لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو.

جمهوريت جو سڀ کان وڏو حسن اهو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون توڙي عام ماڻهو پنهنجي آئيني حقن جي لاءِ بنا رنڊ روڪ جي احتجاج ڪري سگهي ٿو. جمهوريت ۾ ڳالهه چئي ويندي آهي، ان کي ٻڌو ويندو آهي ۽ عمل به ڪيو ويندو آهي پر آمريت ۾ اهڙي آزادي ناهي هوندي. هن وقت به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪوبه سياسي اتحاد جيڪڏهن جوڙيو ٿو وڃي ته اهو عوام جي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ هجڻ گهرجي. ان جي قيمت جمهوريت تي راتاهو ڪنهن به صورت ۾ نه هجڻ گهرجي ڇو ته خطرا هاڻ به موجود آهن.

پاڪستان جي عوام کي هيءَ جمهوريت وڏين تحريڪن ۽ قربانين کانپوءِ ملي آهي. جمهوريت جي ناڪامي پوري ملڪ ۽ قوم جي ناڪامي هوندي آهي، ڇو ته ان سان معيشت کي تمام گهڻو نقصان رسندو آهي. معيشت جي ترقي جمهوريت سان سلهاڙيل هجي ٿي. سڀني سياسي سماجي ڌرين کي ذميداري جو مظاهرو ڪندي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته جمهوريت کي هر صورت ۾ ڊي ريل ٿيڻ کان بچايو ويندو. سمورين سياسي پارٽين کي قومي مفاد ۾ سياست ڪرڻ گهرجي. عوام جي حقن لاءِ اتحاد جوڙڻ  ۽ احتجاج ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيئن نه رات وچ ۾، بنا ڪنهن سبب ۽ بنياد جي جمهوريت تي راتاهو هنيو ويندو رهيو آهي. ان ڪري غير يقيني واري صورتحال هاڻ به موجود آهي، ڇو ته غير جمهوري عنصر موقعي جي ڳولا ۾ هوندا آهن ته ڪيئن نه جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. هن وقت جڏهن عوامي حڪومت کي پورو ٿيڻ ۾ صرف ڪجهه مهينا ئي باقي بچيا آهن ته به ان خلاف ڳجهيون سازشون جاري آهن. اميد ٿي ڪجي ته سڀني سياسي پارٽين جا سربراهه ۽ انهن جا عهديدار جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ وارن ڳجهن هٿن جو شڪار نه بڻبا ۽ عوامي حڪومت جو ساٿ ڏيندا ته جيئن آمريت جي رستن کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي.

حڪومتن کي چونڊجڻ جو حق صرف عوام کي هجڻ کپي ۽ هاڻ جڏهن چونڊن جي تاريخن جو اعلان به ٿي ويو آهي ته ان لاءِ سڀني پارٽين کي تياري ڪرڻ گهرجي ۽ پرامن نموني اقتدار عوام جي چونڊيل حڪومت حوالي ڪيو وڃي. پاڪستان جي تاريخ ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي جمهوريت نواز اتحاد جوڙيا ۽ وڃن ۽ عوامي حڪومت خلاف فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سياسي پارٽين کي دانشمندي جو مظاهرو ڪندي قومي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، عوام جي لاءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن. جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هڪ هنڌ تي گڏ ٿيڻ گهرجي. اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان جمهوري نظام کي نقصان پهچي، قومي سلامتي ۽ مفادن کي ڌڪ لڳي، ملڪي معيشت کي نقصان پهچي. جمهوريت خلاف ٿورڙي به غلط قدم تي تاريخ ۽ پاڪستان جو عوام اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *