جمهوريت ۽ انقلاب ؛غلام قادر وسير

اسان جي دادلي سماج جو موڊ به عجيب هوندو آهي، مثال طور غربت کي ختم ڪرڻ بجاءِ غريب کي ختم ڪيو ويندو آهي! قاتل کي بچائڻ لاءِ مقتول جي پونئيرن کي ختم ڪيو ويندو آهي ۽ ڏوهه کي ختم ڪرڻ بجاءِ ڏوهاري کي ختم ڪيو ويندو آهي، جيستائين مون کي ياد ٿو پوي ته مون پنهنجي ٻالڪپڻ کان سنڌ ۾ هڪڙو ئي نعرو ٻڌو اُهو اهو ته اسان جي پارٽي جو مشن آهي ته اسان اقتدار ۾ اچي عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو مهيا ڪنداسين ۽ اهو نعرو ٻڌندي ٻڌندي منهنجي عمر 40 سال ٿي وئي. چونڊن ۾ مير، پير، نواب، جاگيردار، غنڊو، وڏيرو، سردار، مل مالڪ، انڊسٽريل، سرمائيدار وغيره وغيره بيٺا ۽ جائز توڙي ناجائز طور تي ڪامياب ٿي ويا پر اڄ به شهرن ۾ مايون پِنن ٿيون، ٻار ڪاغذ چونڊين ٿا. غنڊه سرعام ڀتا وٺن ٿا، نوڪرين جا اگهه مقرر آهن، ٿاڻا وڪامجن ٿا ۽ انهيءَ پارٽي جا پارٽي ورڪر هڪ پٽيوالي جي نوڪري لاءِ انتهائي درجي جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن. شهر وانگي ساڳيو حال ٻهراڙي جي تڪن جو هوندو آهي. وڏيرا ڌاڙيل ۽ چور پالين رات توڙي ڏينهن وڏيرا انهن کان ڦرون ڪراين ڌاڙا هڻائين ۽ ڪو شريف جيڪڏهن وڏيري کي سلام نه ڪري ته انهيءَ کي پادر به هڻائين. سندن شوق به عجيب آهن ڪڪڙ ۽ ڪتا پالڻ ته سندن خانداني شوق آهي، باقي بيلچا ۽ چمچا ته انهن وٽ کوڙ هوندا آهن، اُهي انهن کي وٺڻا ناهن پوندا. اُها ئي هوندي آهي سنڌ جي وڏيرڪي سياست.

انگ اگهاڙن لاءِ فيض احمد فيض چيو ته:

هم محنت ڪش جگ والون سي جب اپنا حصا مانگين گين

ايڪ کيت نهين ايڪ ديس نهين هم ساري دنيا مانگين گين.

هتي گذريل 68 سالن کان جمهوريت ۽ جمهوريت جو راڳ آلاپي اليڪشن ايندي نوان ايڊونچر پيدا ڪرائي ووٽ ورتا وڃن ٿا پر بعد ۾ انهن قائم ٿيندڙ نام نهاد جمهوريتن وٽ عوام جي ڀلائي بهتري لاءِ ڪي به منصوبابندي يا پروگرام ناهي هوندو. انهيءَ ڪري فرينڊلي اپوزيشنون قائم ڪيون وينديون آهن ۽ اقتدار جي بک لاءِ پيڪٽ ڪيا ويندا آهن ته هي 5 سال منهنجا، هي پنج سال تنهنجا، ڇا هي آهي جمهوريت؟اڄ 70 سيڪڙو تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ هڪ عجيب دور مان گذري رهي آهي عوامي استحصال لاءِ وڏيرن تڪ ورهائي ڏنا ويا آهن. اليڪشن ايندي سڀ مظلوم ٿي ويندا آهن ۽ وڏيرن کي فاتحون به ياد اچي وينديون آهن. هڏ ڏوکي ٿي ڪري اچي تڏي تي منهن سڄائي ويهندا آهن ۽ پوءِ اليڪشن ختم وڏيري جي اوطاق کي تالو فون نمبر بند ۽ وڏيري جي پڇا ڪر ته وڏيرو خبر پئي ويو دبئي، ڏيري جي تڪ ۾ چورن ۽ ڦورن تر تپائي ڏنو هوندو ۽ ٿاڻا من پسند اگهن تي وڪامجندا هوندا. وڏيرو وري انهن اقتداري سالن ۾ پاڻ ته عوام وٽ موجود نه هوندو پر انهن لاءِ وري ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪندو يا سندس غير موجودگي ۾ پي اي ڪم هلائيندا پي اي وري پيئڻ سان گڏ ايجنٽ به هوندا آهن جنهن ڪري عوام به خوش وڏيرو به خوش ۽ پي اي به خوش.هينئر هڪڙي پارٽي اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو جيڪو فلاڻو نظربند سياستدان آهي سو اسان جي حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿو…! عجيب اتفاق آهي دسيندڙ  پيو دانهون ڪري ته دسيل جي اُٿي پيو ته مون کي دسي وجهندو..!! هنن سڀ هيلا ۽ وسيلا هلايا اٿن پر عوام جو آزار ختم نه ٿو ٿئي، ڇو جو ڪم ۾ نيڪ نيتي ناهي هوندي ته پوءِ عوام جا شڪ سجايا هوندا آهن، هاڻ ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته همراهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عوام نظر اچي رهيو آهي ۽ انهيءَ وٽ مظلوم ٿي پيش پوڻ، انهن کي ڏينهن نظر اچي رهيا آهن، شور نظر اچي رهيو آهي.پر هاڻ هن نڌڻڪي بڻيل عوام نام نهاد جمهوريت ۽ جمهوريت واري راڳ کي رد ڪري ۽ هڪ عوامي انقلاب جي آمد جي تياري ڪري جنهن ۾ تخت ۽ تاج ڪنهن وڏيري، نواب، چوڌري يا خان صاحب جو نه بلڪه پورهيت طبقي جو هجي هاڻ گهڻئي ويڌن ٿيا هن عوام سان هاڻ عوام کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي انقلاب جي تياري ڪئي وڃي، جنهن جي لاءِ فيض جون سِٽون آهن ته:

اي خاڪ نشينو اب اٺ بيٺو وه وقت آ پهنچا هي

جب تاج اُڇالي جائينگي، جب تخت اُڇالي جائين گي.

هڪ اهڙو پورهيت نظام، جتي پورهيت طبقي لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو توڙي صحت جون سهولتون آسان هجن، جتي ڪو به ٻار بک وگهي نه مري. 14-12-30 تائين يعني ٽن مهينن اندر 300 ٻار ٿر ۾ بک وگهي مري چڪا آهن ۽ اڃا به مرڻ جو سلسلو جاري آهي ته پوءِ به حڪومت جو اخلاقي طريقي سان اقتدار کي چنبڙڻ ٺهي ٿو؟ ٿر جي ماڻهن کي مٽي ملائي ڪڻڪ پئي ڏني وڃي!

افسوس خودڪفيل سنڌ جا ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن ۽ اسان جا حڪمران ڪرسمس جا ڪيڪ ڪٽي کائي رهيا آهن ته اسان جو غريب طبقو وري گند ڪچري جي ڍيرن تان کاڌو ڳولي کائڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي هن ظلم ۽ بربريت واري دور ۾ جنهن ۾ هي رائج هٿرادو جاگيرداراڻو ۽ سرمائيداراڻو نظام انسان کي اعليٰ مرتبو ڏيڻ بجاءِ ان کي اڇوت بنائي ڇڏيو آهي ۽ کيس شاهوڪار طبقي اڳيان پنڻ ۽ عصمت وڪڻڻ ۽ پنهنجا جگر جا ٽڪڙا وڪڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هي هاري ناري ۽ پورهيت جن کي ڪڏهن اڇوت ته ڪڏهن وحشي جو نالو ڏنو وڃي ٿو، سي غير فطري موت هيٺ مرڻ لاءِ نه ڄاوا آهن. هن ئي سماج مرد جي مقابلي ۾ عورت کي ڪمزور ڄاڻائي امير جي ڀيٽ ۾ غريب کي اڇوت ۽ وحشي بڻائي هٿرادو طبقاتي نظام پيدا ڪيو آهي، جيڪو نظام اسان جي سنڌ واسين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ يقينن سنڌ جو مزدور، هاري ۽ پورهيت طبقو به هن نظام کان هاڻ مايوس ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي سوچڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ ئي ڪو بهتر حل ڪڍڻ گهرجي جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڪا ڀلائي بهتري ۽ ترقي جي راهه جو تعين ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *