جمهوريت لاءِ راهه جوڙيندڙ ڪارساز سانحو ؛ ناديه گبول

 ارڙهن آڪٽوبر 2007ع پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو ڏينهن هيو، جڏهن پاڪستان جي غريب، هاري ۽ ابتري واري حالت مان گذرندڙ ماڻهن کي پنهنجي مسيحا جي پاڪستان آمد جو بيچيني سان انتظار هو ۽ جيئن جيئن ميڊيا ذريعي انهن مظلومن کي دادرسي ڪندڙ جي چرپر جي حوالي سان آگاهه ڪيو پئي ويو، تيئن تيئن ماڻهن جي محبت ۽ عقيدت ۾ شدت پيدا ٿيندي رهي.پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جو اطلاع ڏنو ويو ته ايشيا جي فخر، قائدِ عوام ۽ ملڪ جي پهرئين متفقه آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي جي قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پير رکيا آهن، پوءِ ته سموري ملڪ مان کان پهتل جمهوريت جي پروانن جو سمونڊ پنهنجي مسيحا جو شاندار استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ ۽ محترما جي منزل واري روٽ تي سندس آمد جو منتظر هو.جهاز جو در کليو ۽ محترمه بينظير ڀٽو دروازي کان ٻاهر نڪتي، ته دنيا ڏٺو ته واقعي به بينظير لڳي رهي هئي، ڄڻ ته ڪنهن روحاني شخصيت جي آمد ٿيندي هجي، محترمه بينظير ڀٽو جهاز کان نڪري خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ قرآن پاڪ جي ڇانوَ ۾ جهاز کان هيٺ لٿي. هڪ انسيت ۽ محبت جو عجيب منظر هو ۽ ڀٽو جي نياڻي جون اکيون پنهنجي سرزمين تي پير رکڻ جي خوشي ۾ ڇـُلڪي رهيون هيون، ٻئي پاسي جيالا پاڻ کي قائد جي وچ ۾ ڏسي جذبات منجهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. محترمه کي آگاهه ڪيو ويو هو ته سندس جان کي شيد خطرو آهي، پر ان وقت پنهنجي ماڻهن وٽ ۽ پنهنجي سرزمين تي پهچي سندس جيڪا ڪيفيت هئي، اها خطرن جي خوف تي حاوي ٿي چڪي هئي.

هاڻ محترمه جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هو ۽ محترمه جي چاهيندڙن، توڙي جيالن جي قافلن ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو، ايئرپورٽ کان قوم جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ۽ ان کانپوءِ 70 ڪلفٽن تائين وارو رڳو ڪجهه دير جو سفر، ڄڻ ته ڪنهن به صورت ۾ پڄاڻي تي پهچڻ ئي نه پئي چاهيو. جتان جتان محترمه جو قافلو گذري رهيو هو، اتان مٿس گل نڇاور ٿي رهيا هئا ۽ ڪارساز جي جاءِ تائين ايندي ايندي ڪيترائي جذباتي منظر رقم ٿيندا پئي ويا.

اُڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج سان قافلو شاهراهه فيصل کان ماڪوڙي جي رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ رات جو لڳ ڀڳ 12 لڳي 52 منٽن تي ڪارساز واري هنڌ پهتو. اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظر ڀٽو ان دوران ٽرڪ تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ ديوانن جيان نعرا هڻندڙ مردن توڙي عورتن کي جواب ڏئي رهي هئي ۽ پوءِ آرام لاءِ ٽرڪ اندر تيار ڪيل ڪمري ۾ هلي وئي، ته اوچتو هڪٻئي پويان خوفناڪ ڌماڪا ٿيا ۽ هر پاسي تباهي مچي وئي، ڪنهن کي به خبر نه پئي ته ڇا ٿيو. محترمه بينظير ڀٽو کي ڪارڪنن ٽرڪ مان ڪڍي حفاظت سان گهر پهچايو. ڪارساز واري هنڌ ٿيل انهي ڌماڪي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 150 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي تي مقرر 20 پوليس اهلڪار به شامل هئا، ان کانسواءِ 450 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کانسواءِ پوليس اهلڪار ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل آهن.

محترمه جي قافلي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن وڏي واڪي آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪئي، پر انهن سڀني جي باوجود ڀٽو جي نياڻي، جيڪا ان کان اڳ به آمر جو مقابلو ڪري چڪي هئي، هن ڀيري به اوتر ئي پرعزم هئي، جيتري 2 ڏهاڪا اڳ هئي. محترمه بينظير ڀٽو کليل لفظن ۾ مليل ڌمڪين باوجود رڳو ان ڪري پاڪستان واپس آئي، جو ملڪ ۾ جاري نام نهاد جمهوريت بدران هڪ حقيقي جمهوريت جي قيام جي جدوجهد ڪئي وڃي، ته جيئن عوام الناس کي آمريت جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ مان ڇوٽڪارو ڏياري آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. کيس خبر نه هئي ته انهي جدوجهد ۾ سندس زندگي به وڃي سگهي ٿي، پر هن لنڊن ۽ دبئي جي پُرامن فضا کي الوداع ڪري عظيم والد شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پيروي ڪندي پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ پسند ڪيو، سندس جيالن به لکن جي تعداد ۾ ايئرپورٽ پهچي ان جو جواب ڏنو.

ڪارساز سانحي جي شهيدن پنهنجو جيڪو رت ڏنو، اهو جمهوريت جي قيام لاءِ برسات جي پهرين بوند ثابت ٿيو ۽ شهيدن پنهنجي رت سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو، اهو جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي رهنمائي جو ڪارڻ بڻيو، جنهن قرباني ۽ عزم جو استعارو بڻجي سدائين لاءِ عوام الناس جي ذهن ۾ منتقل ڪيو.

هڪ پاسي جتي محترمه بينظير ڀٽو سانحي جي شهيدن کي زبردست ڀيٽا ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪيو، اتي شهيدن جي پونئيرن محترمه مٿان پنهنجا ايندڙ نسل به قربان ڪرڻ جو عزم ورجايو.

ڪارساز سانحي جي شهيدن جي رت جي برڪت سان ئي 2008 ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنج سالن جو مدو پورو ڪيو ۽ عوام الناس جي اميدن تي پورو لهندي تقليد جوڳا ترقياتي ۽ فلاحي منصوبا شروع ڪيا، جن جي ثمر مان اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ عوام فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.

ڪارساز سانحي جي شهيدن پنهنجي رت سان جيڪو دڳ مقرر ڪيو، ان تي هلندي هاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فرزند بلاول ڀٽو زرداري معاشري جي پٺتي پيل ۽ محروم طبقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جو وَڙ به آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڏکئي رستي تي سفر ڪندي شهادتن جي تاريخ رڳو ڀٽو ڪٽنب ئي لکي آهي ۽ ٻيو ڪو ائين ڪري به ڪيئن ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي تاريخ لکڻ لاءِ ڀٽو هجڻ ضروري آهي.

(نوٽ: ليکڪه انساني حقن بابت
وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر آهي)

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *