جمهوريت جو نوجوان سپاهي،بلاول ڀٽو زرداري: پروفيسر ڊاڪٽر محمد مشتاق ڪلوٽا

21 سيپٽمبر 2014 بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي

پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري قدرن جي امين آهي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ عوامي امنگن جو ترجمان هو. هن ملڪ کي 1973ع جو هڪ متفقه آئين ۽ قوم کي سچو ۽ حقيقي شعور ڏنو. شهيد جمهوريت راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي سوچ ان جي فڪر ۽ فلسفي ۽ جمهوري رويي جي امين هئي. هن ملڪ ۽ قوم ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ جدوجهد ڪئي، هو جمهوريت جي علامت هئي. هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي اهڙي طرح سکيا ڏني جو هو جمهوريت جا سپاهي ٿيا ۽ آمريت خلاف هميشه اڳيان رهيا. قائد عوام ۽ اوڀر جي نياڻي جي ويزن مطابق پاڪستاني عوام جي قيادت ان نوجوانن جي هٿن ۾ هجي جيڪي پاڪستان جي تقدير بدلڻ جو عزم رکندا هجن ۽ مستقبل جي سمورن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي، پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهن. ترقي جون منزلون ۽ قوم کي ترقي جي راهه تي گامزن اهو ئي ڪري سگهي ٿو جنهن جي اندر سرواڻي جون صلاحيتون ۽ خوبيون موجود هجن.

خدا ڪري ڪه ميري ارض پاڪ په اتري- وه فصل گل جسي انديشه زوال نه هو

نوجوان قائد بلاول ڀٽو زرداري، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فڪر ۽ فلسفي، نظريي ۽ امانتن جو وارث آهي. هن سياسي شعور، جمهوريت جي بقاء  ۽ تسلسل، جمهوري قدرن جي فروغ، آمريت جي خاتمي ۽ مفاهمتي سياست جو سبق پنهنجي والده کان حاصل ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اها تربيت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان اخذ ڪئي هئي. هن جي سياست ۾ عملي قدم رکڻ ملڪ ۾ تبديلي جي نڪتي جي شروعات جي نويد آهي، جيڪا قائد عوام ۽ ملير جي ماروي جي پراڻي خواهش هئي.

ڪروڙين ماڻهن جون نظرون بلاول ڀٽو زرداري تي آهن، جيڪو ملڪ ۾ جمهوريت جو اڀرندڙ هڪ روشن ستارو آهي، ملڪي سياست ۾ ان جي عملي ڪردار کي سڀني ساراهيو. هن تمام ٿورڙي عرصي ۾ جنهن تدبر، فهم ۽ فراست، بالغ نظريي، سياسي بصيرت، جمهوريت، رواداري ۽ مفاهمتي فڪر ۽ فلسفي جي ترجماني ڪئي، ان کيس جمهوري قوتن جو نمائندو بڻائي پيش ڪيو آهي. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت ۽ وفاق جي علامت آهي. هي واحد پارٽي آهي جنهن جمهوريت ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻايو. ڇا اڄ دنيا ۾ ڪا اهڙي پارٽي موجود آهي جنهن جي خاندان صرف ۽ صرف جمهوريت جي بقا، جمهوري جدوجهد جي حصول ۽ عوامي حقن خاطر پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا هجن؟ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون شهادتون ان حقيقت جي ترجماني ڪن ٿيون.

ملڪ جي آبادي جو سڀ کان وڏو طبقو نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نوجوان آهن جن کي اڳتي اچي ملڪ جي قيادت سنڀالڻي آهي، ملڪ ۾ چونڊ عمل جو فيصلو نوجوانن جي ووٽ تي ٿيندو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪنهن به جمهوري ملڪ ۽ جمهوري سوچ رکندڙ قوم جا نوجوان بذات خود ۽ نوجوان قيادت فعال ۽ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي آهي. جمهوريت تي يقين رکندڙ ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آهن ته قوم ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ حقيقي جمهوريت جي قيام ۾ نوجوان مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي جو نوجوان قائد ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهي. هن ٿوري عرصي ۾ ملڪ ۽ عالمي سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. هن جي قابليت ۽ لياقت هن جي عظيم سياسي ۽ جمهوري پس منظر جي ڪري آهي. پاڪستان جي سياست، پاڪستان جي قيادت، جمهوري جدوجهد، ملڪ جو جمهوري مستقبل هن جهڙن نمائنده ماڻهن سان وابسته آهي. هو جنهن جرئت سان پارٽي جي اڳواڻي سنڀالي رهيو آهي ۽ جنهن جمهوري انداز ۽ سياسي شعور سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڪري رهيو آهي اهو ان ڳالهه جو هڪ روشن اشارو آهي ته هو ملڪ ۽ قوم ۾ هڪ مقبول ۽ متحرڪ اڳواڻ طور اڀري رهيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي هن جي قيادت ۾ متحرڪ به آهي ته فعال به آهي. هو پنهنجي سياست ۽ فراست سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي منشور ۽ پارٽي کي منظم ۽ فعال رکڻ ۾ ڏينهن رات مصروف آهي. هو نه صرف ايشيا بلڪ اولهه جي دنيا ۽ ٻين سمورن جمهوري قومن ۾ هڪ بالغ نظر ۽ سياسي شعور رکندڙ اڳواڻ طور سامهون آيو آهي. پنهنجي عمر جي مختصر عرصي ۾ هن جيڪا مقبوليت ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان جو جمهوري سفر ان جو مستقبل ڪيترو روشن آهي. ان لاءِ چيو ويو آهي ته:

محبت مجهي ان جوانون سي هي ستارون پر جو ڊالتي هين ڪمند

بلاول ڀٽو زرداري جديد تعليم يافته نوجوانن جي صف ۾ تمام گهڻو اڳتي آهي. هن جمهوريت جي نرسري برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪئي اتي جي جمهوري ۽ سياسي ڪلچر کي انتهائي ويجهو سان ڏٺو ۽ گڏوگڏ پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ سياسي نظام تي به مڪمل گهري نظر رکي ٿو. دنيا ۾ اڄوڪي ۽ ايندڙ حالتن ۾ جنهن قيادت جي ضرورت ملڪ ۽ قوم محسوس ڪري رهيو آهي، نوجوان قائد بلاول ڀٽو زرداري ان تي هر لحاذ سان پورو لهي ٿو. اڄ ۽ ايندڙ حالتن ۾ ملڪ کي جيڪي مسئلا ۽ چئلينج آڏو هوندا ان ۾ ملڪ ۽ قوم کي اهڙي قيادت ۽ اهڙي اڳواڻ جي ضرورت آهي جيڪو عوام جي حقيقي معنيٰ ۾ ترجماني ڪري سگهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اها قيادت سامهون اچي چڪي آهي. جيڪڏهن دنيا جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي ته اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته جنهن قوم جي نوجوانن پنهنجي رياست جي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. اهي قومون ترقي جي مينار کي وڃي رسيون ۽ اهي قومون هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويون، انهن قومن جي نوجوانن پنهنجون سموريون صلاحيتون ملڪ جي ترقي ۽ تعمير تي صرف ڪري ڇڏيون.

نهين تيرا نشيمن قصر سلطاني ڪي گنبد پر

تو شاهين هي بسيرا ڪر پهاڙون کي چٽانون پر

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ۽ قومي ليڊر هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي فڪر ۽ فلسفي جي امين، جمهوري دور جي علامت ۽ قومي ۽ بين الاقوامي اڳواڻ هئي، هن پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ طور دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو جنهن کي تاريخ جي هڪ روشن حقيقت طور هميشه ياد رکيو ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انهي سوچ ۽ فڪر جو علمبردار آهي. هو ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي فروغ لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن جي سوچ جمهوريت جي علامت ۽ ان جو فلسفو ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ ملڪ جي مستقبل سان وابسته آهي. هو ملڪ ۾ جمهوريت، مفاهمت، تحمل ۽ برداشت، رواداري امن ۽ سلامتي، عوام جي حقن جي تحفظ ، اقليتن جي مڪمل مذهبي آزادي، غريب ۽ پسمانده، مظلومن جو ترجمان آهي. هن جي سياست ۽ گفتگو جو مرڪز عوام ۽ عوامي مسئلا آهن. هو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، جمهوري قدرن ۽ پارلياماني نظام جي تسلسل تي يقين رکي ٿو. هن جي هڪ جملي “جمهوريت بهترين انتقام آهي” سياسي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي.

هن دهشتگردي خلاف واضح موقف اختيار ڪري عوام جي دليون کٽي ورتيون ۽ پنهنجي امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت واري نظريي کي نظر ۾ رکندي مفاهمتي پاليسي کي عملي جامو پهرائي رهيو آهي، جنهن جو هڪ نهايت شاندار مظاهرو ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن مارچ 2014 ۾ پنهنجي سياسي مخالف ميان محمد نواز شريف کي ان جي سنڌ جي دوري جي موقعي تي ذاتي طورتي خوش آمديد چيو. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ثقافت کي بين الاقوامي طور تي اجاگر ڪرڻ لاءِ مثالي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي جنهن جي شاندار مثال سنڌ فيسٽيول جو ڪامياب انعقاد آهي.

موجوده مسئلن ۽ چئلينجن ۾ اسان کي اهڙي ئي اڳواڻ ۽ سياسي مفڪر جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي ترقي لاءِ مخلص هجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکندو هجي ۽ جيڪو ملڪ ۽ قوم جي بهتري، معاشي ترقي جو خواب سجائي مسلسل مصروف عمل هجي، جيڪو پاڻ به مخلص هجي ۽ ملڪ ۽ قوم سان به مخلص هجي. اسان کي اهڙي نوجوان، باصلاحيت، باڪردار اڳواڻ ۽ قيادت جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي. اقبال ڇا خوب چيو آهي:

نگاهه بلند، سخن دل نواز جان پُرسوز يهي رختِ سفر مير ڪاروان ڪي لئي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *