جمهوريت تي راتاهي جو ڏينهن؛ارشاد ڪاغذي

5 جولاءِ ، پاڪستان جي تاريخ جو ’ڪارو ڏينهن‘، آرمي چيف جنرل ضياءُالحق چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ڊسمس ڪئي. ڪجهه عرصو چوڌري فضل الاهي ملڪ جو صدر مملڪت برقرار رکيو ويو پر مالڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ هو. ان تاريخ 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ جمهوري سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو. چونڊيل وزيراعظم ۽ وزارت کي ڊسمس ڪيو. آئين کي معطل ۽ بعد ۾ آئين کي ختم ڪيو ويو. ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪئي وئي، مخالف ڌر پاران ذوالفقار علي ڀٽو تي اليڪشن ۾ سخت ڌانڌلي جا الزام مڙهيا ويا ۽ ان جي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي، جيتوڻيڪ اپوزيشن ۽ ڀُٽي سرڪار ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو معاهدو ٿي ويو هو پر ان جي باوجود ذوالفقار علي ڀٽو کي زوري گھر ڀيڙو ڪري جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو. پاڪستان ۾ بدترين آمريت جو دور شروع ٿيو. ان پُرآشوب ڪاري دور ۾ قتل، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا روز جو معمول هو. مارشلا جي خلاف ڳالهائڻ سخت جرم هو، سياسي ۽ جمهوري جماعتن جي ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ بم بارود ۽ گولين جي ذريعي پاڪستان جي عوام کي ظلم سهڻ تي مجبور ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو تي ڪوڙي قتل جا ڪيس ۽ ٻيا ڪيس ڪري جيل داخل ڪيو ويو ۽ مارشلائي دور ۾ ڦاهي چاڙهي شهيد ڪيو ويو. ماڻهن ۽ خاص سنڌين سان جيڪي ظلم ڪيا ويا، ظالم ضيائي مارشلائي درندگي پاڻ تي پنهنجي مائٽن، دوستن ۽ سياسي ڪارڪنن جي پٺـن، جسمن، عضون ۽ سيني تي سور، درد جا نشان ظاهر ڏٺا ۽ اهڙي پيڙا جي باوجود جوش ۽ جذبي سان سرشار هئا! انهن کي ياد ڪجي ٿو ته ڦٽ اُکِڙَڻُ لڳن ٿا! اسان جي پيارن ماڻهن، سياسي ڪارڪنن ۽ دوستن پنهنجي زندگي جا بهترين سدا بهار سال لڇندي ۽ تڙپندي ڪال ڪوٺين ۾ گھاريا. ذلتون، خواريون، ۽ بيعزتيون برداشت ڪيون. تشدد، عقوبتون جسماني توڙي ذهني ٽارچر، ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ قتل ۽ شهادتون بهادرن جو شيوو هو. ان ڪاري اونداهي دور جي تاريخ لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. فوجي ڪورٽون قائم ڪري ٽارچر سيل قائم ڪيا ويا. فوجي ڪورٽن طرفان سخت سزائون ڏنيون ويون. ڊڪٽيٽري واري وحشي نظام جي ڪارين راتين ۾ نوجوان نسل کي جيئري ئي دفنايو ويو. جيئرا جاڳندا ماڻهو لاش ۽ بوتا بنجي ويا. ڪي چريا ته ڪي وري کريا ٿي ويا! جڏهن ان ڀيانڪ دور جون ڀيانڪ يادون روح کي رَهڙڻ لڳن ٿيون ته اندر اڌ ٿيو وڃي! سنڌ جي عوام اهي صعوبتون، ڪيس ۽ ڪلور وڏي جرئت، حوصلي، همت ۽ مڙسي سان کٽيا! اهو ڏينهن ۽ سفاڪ ضيا وسرڻ جهڙا ناهن! هن جيڪي ڪيس ڪيا اهي دل جي دفتر ۾ داخل آهن!

دل هي تو هي نه سنگ و خشت درد سي بهر نه آئي ڪيون

روئين گي هم هزار بار ڪوئي همين ستائي ڪيون. مرزا غالب

جنرل ضياءَ رات جي انڌيري ۾ ملڪ تي قبضو ڪيو، ان بابت 5 جولاءِ ۾ هڪ نشري تقرير چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر جي روپ ۾ ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي حڪومت ۽ اسيمبلين کي ڊاهي آمريت جو نظام مڙهڻ ۽ 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ ۽ ايندڙ چونڊيل عيوضين کي سرڪار حوالي ڪرڻ جا سبب ۽ ويچار بيان ڪيا. مون سميت ڪيترن نوجوانن گڏجي اها تقرير پي ٽي وي جي نشريات ۾ ڏٺي. هڪ دوست چيو: آزمائش اچڻ واري آهي؟ ڇا مطلب! آئون پنهنجي دوست مظهر اُڄڻ کي هڪ هنڌ ويهاري اٻهرو سوال ڪيو ته توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو. ۽ اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين جنرل ضياءَ جي راتاهي تي ويچار ونڊي، آئنده جي حالتن، سببن ۽ سنگين واقعن جي نشاندهي ۽ اڳڪٿي ڪئي ۽ ذهني طرح ان احساس ۽ سوال ۽ آزمائش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي هڪ بچاءُ بند اڏي ورتو.

ملڪ جو ڪرنگهو آمر جي وار سان ٽُٽي ويو ۽ هڪ نئون دستور ۽ نظام نافذ ڪيو، جنهن ملڪ جي اساسي حيثيت کي ڦيرائي پنهنجي تابع ڪئي ۽ هڪ اهڙو نظام جنهن ۾ هتان جي عوام جي تذليل، تباهي، نسل ڪشي، هيروئن، تعصب، منافقت ۽ اقرباپروي جو انڌو ۽ ڪوڙو راڄ هو.

ضيا هڪ اهڙو ڊڪٽيٽر هو جنهن جي دهشت ۽ وحشت جا داستان عام جام آهن. هن اٿڻ سان اسلامي قانون جوڙائي ان نظام ۽ قانون جي ڏڍ تي زبردست ظلم ۽ بربريت جو راڄ قائم رکيو.

آمر جنرل ضياءُالحق هر برائي جي جڙ هو ۽ هن جو ڊگھو ڏاڍ وارو دور 1977ع کان 1988ع تائين ظلم جو گهاڻو هو، جنهن ۾ سنڌي عوام نسوري عذاب ۽ سورن ۾ هئي. 1983ع جي جمهوري تحريڪ ۾ مارشلائي ظلم سان سنڌ کي مقتل گاهه بڻايو ويو. شهري دهشتگرد، ڌاڙيل ڪلچر، هيروئن، منشيات جو ڌنڌو عروج تي پهچايو ويو. امريڪا جي اشاري تي ڪرائي جا قاتل ڀرتي ڪري افغانستان ۾ رڻ ٻاريو ويو. ان طويل ڪاري پرآشوب دور جو ڪاٿو ڪجي ٿو ته اکين مان ۽ دل مان رت جا ڳوڙها ڳڙي پون ٿا. ايئن اسان ۽ سنگتين آڪاش انصاري جي آسري تي زندگي گھاري:

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!

ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خون خوشبوءِ ٿي ايندو،

ته ويڙها وطن جا به واسي ڇڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *