جرڳائي فيصلا ۽ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ وارو رواج

نارو سوراهه ٿاڻي جي حد  ڳوٺ جمالدين ملاح ۾ 5 مهينا پهرين اڄڻ برادري ۾ سڱاوتي  معاملي ۾ ٿيل جرڳي ۾ سڱ چٽي عيوض ڏنل 5 ورهين جي شهربانو اڄڻ ڌي رحيم بخش اڄڻ کي پرڻائڻ لاءِ ٻئي ڌر  رجب اڄڻ پنهنجي 8 سالن جي معصوم پٽ اعجاز کي گهوٽ بڻائي ڄڃ سميت رحيم بخش اڄڻ  جي گهر پهچي ويو. نياڻي جي پيءُ رحيم بخش اڄڻ پاران پنهنجي نياڻي معصوم نينگريءَ شهربانو جو 8 سالا معصوم نينگر اعجاز سان نڪاح ڪري پرڻائي ڏيڻ جي انڪار تي ڄڃ سان آيل وڏيرن نينگريءَ جي پيءُ رحيم بخش اڄڻ کي ٻڌي قابو ڪري زبردستي نڪاح ڪرايو ته نينگريءَ جو پيءُ رحيم بخش اڄڻ جيئن ئي وڏيرن کان آجو ٿيو ته هو پنهنجي نياڻي کي چوري ساڻ وٺي پاڙي وارن ۾ پناه ورتي.۽ڄڃ گھوٽ سميت نااميد ٿي واپس رواني ٿي ويئي.نينگريءَ جي پيءُ سوراه پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي ويئي جنهن گھوٽ جي پيءُ رجب اڄڻ ۽ نينگريءَ جي ڏاڏي غلام علي اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو جن کي ٿاڻي تي کڻي آئي. جڏهن ته معصوم نينگري شهربانو ۽ سندس پيءُ رحيم بخش اڄڻ به ٿاڻي تي آندا ويا جتي هنن تحفظ جي گھر ڪئي .ان موقعي نينگريءَ جي پيءُ رحيم بخش اڄڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زبردستي نڪاح پڙهائيندڙ مولوي مولا بخش پنهيار کي گرفتا ڪيو وڃي۽ زبردستي ڪڏهن به سڱ چٽي ۾ پنهنجي نياڻي ڪونه ڏيندس.پوليس تحفظ فراهم ڪري ۽ مونکي هنن مان خطرو آهي. ٻئي طرف گرفتار رجب اڄڻ ٻڌايو ته منهنجي مڱيندي گڏيءَ سان مومن اڄڻ شادي ڪئي هئي، جنهن جو فيصلو هنن ڏانهن رهيل هو جنهن ۾ ماروٽ جي پاران رحيم بخش اڄڻ پنهنجي نياڻي شهربانو ڏني هئي جيڪو فيصلو پنج مهينا اڳ مير شاهنواز ٽالپر ڪيو هو جنهن  هن مٿان سڱ ڏنڊ وڌو.۽ رحيم بخش اڄڻ ڏيڻو ڪيو، جنهن کان پوءِ هن شادي جي تاريخ ڏني ست ڏينهن ڇوڪري ونواه ۾ ويهاري نڪاح وقت رحيم بخش اڄڻ دوکو ڪيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *