جبري گمشدگيون ۽ پکڙيل بيچينون‎:  احسان سنڌي

هر طرف سڏڪا دردن جون آنھون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن ، هر روز جھوليون خالي ٿيون نظر اچن ،ڪڏهن ممتا ٿي روئي ت ڪڏهن مومل ٿي روئي ڪڏهن پنھل جي ديس جي سسئي ۽ مارئي جا سڏڪا ڪڏهن ، ڪڏهن سنڌ جا سڏڪا، ڪڏهن ڪوئل جا سڏڪا، تانيه ناريجو جون ڪوڪون ، ڪڏهن هدايت لوهار جي ڌيء جون آهون ، ڪڏهن مرتضي جوڻيجو جي ماء جو صدمي ۾ موڪلائي وڃڻ ۔۔سور پٽيندي صديون گذريون ،

دنيا جي گول نقشي تي جھاتي پائي ڏسو اتي اظھار راء آزادي جي حق کي تسليم ڪنڌڙ ٻين ملڪن ۾ جتان هڪ ئي رياست اندر ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون اتي انھن کي هر شيء هر ڳالھ جي مڪمل طور تي آزادي حاصل آهي ، اتي جيڪڏهن ڪنھن مسئلي خلاف ڪنھن ظلم ڏاڍ جبر خلاف جيڪڏهن آواز اٿاريو ويندو آهي پوء ڀلي آمريڪه ، ٿائلينڊ جاپان ڇو ن هجي اتي انھيء آواز کي ٻڌو ۽ ظلم ڪنڌڙن خلاف عملي ڪم ڪري جبر ۽ ظلم جو خاتمو آندو ويندو آهي ۔يا وري جيڪڏهن اهو آواز حڪومتي عملن خلاف هوندو آهي ت ان کي حڪومت پرامن طور تي اهو احتجاج ختم ڪرائي انھيء عمل يا جنھن حڪومتي جبر خلاف عوام اٿيو ان جبر جو خاتمو ڪيو ويندو آهي ن ڪي ان احتجاجي مظاهروڪرڻ وارن ۽ ظلم ، ڏاڍ ،جبر خلاف آواز اٿارينڌڙن کي کنڀي گرفتار ڪيو ويندو آهي ،يا وري انھن کي کنڀي واڙيو قيد ڪيو يندو آهي ۽ ن ڪي انھن مٿان ظلم جا پھاڙ ڪيرايا ويندا آهن ۔ اتي شايد اھڙا وهشي قيد خانا ب ن هجن جن کي اسان وٽ ٽارچر سيلن جو نالو ڏنو ويندو آهي ، شايد اتي اهي مشينون ب ن هجن جن سان اسان وٽ قومي ڪارڪنن کي سيني اندر سوراخ ڪيا ويندا آهن ،شايد اتي اهي ڪيمڪل ب ن هجن جن سان اسان وٽ حق گھرنڌڙ قومي ڪارڪنن يا عام شھرين کي ساڙي ماريو ويندو آهي ۽ وري شايد اتي اهي ڊراما ب ن هلندا هجن جن سان اسان وٽ قومي ڪارڪنن کي افضل پنھور ،يامين چاچڙ،سوڀل کي ماريو ويو هجي يا وري اتي اهڙا حڪم نامه ب  ن هجن جن سان اسان وٽ گھرن تي چڙهايون ڪري گھرن جي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويندو آهي ، ۽ شايد اتي اهو ب چيو ويندو هجي جيئن اسان وٽ ظالمن کي تحفظ ۽ حق گھرنڌڙن کي دهشتگرد ڪوٺيو پيو وڃي ۔ ڇو جو اتي ميثاق جھموريت قائم آهي ، ڇو جو اتي اظھار راء آزادي جو حق هر شھري کي حاصل آهي ،ڇو جو اتي ان ملڪ مٿان هر شھري جو حق تسليم ڪيو ويندو آهي ، ڇو جو اتي عوام جي ڏنل ووٽن جو مان رکيو ويندو آهي ،ڇو جو هو جيڪو حلف کڻي ايوانن اندر ايندا آهن ان حلف جي ذريعي هو ملڪ ،قوم، سان وفا جو وچن کڻي ايندا آهن، ڇو جو اتي انسانيت جا علمبردار اڃا قائم دائم آهن ، ان لاء دنيا جي ٻين ملڪن ۾ حقن جي آواز اٿارينڌڙن کي ن ڪڏهن واڙي ساڙي ماريو ويو آهي يا وري انھن کي کنڀي واڙي قيد ڪري غيرانساني عمل ڪيو ويو آهي ، ۽ انھن جي حقن کي تسليم ڪندي انھن جي آواز ۽ حقن جي احترام پڻ ڪيو ويو آهي جيئن تازو مثال پرامن ڪرد قوم جي آزادي ۽، ڪاٽالونيا جي آزادي آهي جنھن جو تازو مثال ٿائلينڊ جي عوام جي احتجاج کانپوء اتان جي وزيراعظم جو عھدي تان هٽڻ آهي ۔اهي سڀ ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهن ت اتي عوام جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ٿو ن ڪي انھن جي آواز کي ڌٻائڻ لاء چيٿاڙيو ماريو وڃي ٿو ۔

پر اسان وٽ دنيا جي ٻين ملڪن جي نسبت ابتي گنگا وهي ٿي اسان وٽ ڪجھ ايئن پيو هلي ت جيڪو حقن لاء آواز اٿاريندو ان جو آواز ٻڌڻ بدارن ان آواز کي هميشه لاء ڌٻايو ويندو ، جيڪو حقن جي ڳالھ ڪندو ان کي حقن جي بجاء ساڙي خاڪ ڪيو ويندو جيڪو انھن کنڀجي ويلن لاء آواز اٿاريندو اهو ديدار امرت ، ننگر لوهار ،هدايت لوهار ،خادم آريجو جيان کنڀي ٽارچر سيلن اندر واڙي تشدد ڪيو ويندو ۽ جيڪو انھن کنڀجي ويل لاء آوازاٿاريندو انھن جي پيادل مارچ يا وري انھن آواز اٿارينڌڙن واري صف مان ئي اهو آواز ڌٻائي ڪال ڪوٺين منجھ قيد ڪيو ويندو ۔هي سڀ ابتي گنگا جو اثر آهي جيڪو اسان وٽ گذريل 17 سالن کان هلندو ٿو اچو ۔

سنڌ جي قومي تحريڪ جي شروعاتي دور ۾ گهنشام پرڪاش ۽ يوسف جکراڻي کنڀڻ بعد ٽارچر گنشام پرڪاش کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ يوسف جکراڻي جو لاش مليو ۔۽ ان کانپوء آهستي آهستي اهو سلسلو هلندو آيو جنھن کانپوء شھيد سميع الله ڪلھوڙو کنڀيو ويو ۽ بعد ۾ ماريو ويو ، ان کانپوء شھيد مظفر ڀٽو کي ٻ دفعا کنڀڻ کانپوء ماريو ويو ، ان کانپوء اهو سلسلو وڌ ندو ويو پوء سرائي قربان روپلو چولياڻي،نورالله تبيو کي جبر جونشانو بڻايو ويو ، افضل پنھور يامين چاچڙ ، سوڀل کي ب انھيء ظلم جو شڪار بڻايو ۽ ماريو ويو ، عامر کھاوڙ سجاد مرکنڊ ، کي ب انھيء جبر جو نشانو بڻايو ويو ،روشن بروهي ،شڪيل کوهارو سيد پريل شاھ ظامن شاھ ب ان راھ ۾ شھيد ڪيا ويا، ذاڪر بوزدار ،انيس سومرو، پريم ديوان کي ب ڏاڍ ظلم جو شڪار ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو ايتري حد تائين وڌايو ويو جو آخر ۾ شھيد بشير خان قريشي کي شھيد ۽ ان جي ڀاء مقصود قريشي ۽ ساٿي کي باھ منجھ ساڙيو ويو ،ڪيترائي قومي ڪارڪنن حق گھرڻ جي ڏوھ ۾ کنڀي ،واڙي ٽارچر ڪري ، ساڙي ماريا ويا پراڄ ڏينھن تائين ملڪي عدالتن مان ڪنھن ب هڪ قومي ڪارڪنن جي خون جو انصاف ناهي ٿي سگھيو ۔

انھن شھادتن کانپوء قومي ڪارڪنن پرامن طور تي اهو مطالبو ڪيو ت سنڌ اندر قومي ڪارڪنن کي کنڀي مارڻ بند ڪيو وڃي ، پر اهو آواز ب ظلم بڻجي ويو ۽ پوء سازشون قومي کنڀي ڪارڪنن کي کنڀي واڙي ماريندون هيون پوء وري انھن پرامن قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو پوء آهستي آهستي قومي ڪارڪنن جو کنڀجڻ معمول بڻجي ويو هر ڏينھن قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جا اطلاع هر اڌ ڪلاڪ ۾ هڪ قومي ڪارڪن کنڀيو ويو هر روز سنڌي اخبار جون زينت بڻيل سرخيون شيخ اياز جي باغي سرن وانگي لکبيون رهيون اڄ مھراڻ جي خوشبوء جا پياسا رستي ويندي ڪاري پوشاڪ وارن هٿان کنڀيا ويا ،اڄ ڀٽائي جي بيت جا ڌڳن تي سريلو بيت ڳائيندي کنڀيا ويا ، اڄ استاد بخاري جي ٻولي کي پنھنجي ٻاتي زبان سان ٻولينڌڙ ديس جي دڳن مان دڳن جي داداگيرن هٿان کنڀيا ويا ، اڄ سسئي جي سونھن ڀرئي ديس جا سھڻا ديس سان مست عشق ۾ ماريا ويا ۔۔

پوء هر هنڌ ماتم برپا ٿي ويو ڪالھ ڀيڻ سورٺ جو پيء  استاد ھدايت لوھات انھن سان خوشين ۾ گڏ هيو اڄ اهو ب رهزنن هٿا  کنڀيو ويو ،رات خادم ناريجو گھر وارن سان گڏجي ڪچھرين منجھ مشغول هيو اڄ خادم آريجو ب کنڀيو ويو ۽ ڪچھريون ويران ٿي ويون ، ڪالھ اديب ڏاهو ليکڪ نصيرآباد واسي ننگر چنه پنھنجي قلم سان ظلم جي لڪيرن کي ليڪ ڏيئي انصاف حق جي ڳالھ ڪندو هيو ، اڄ ننگر چنه کي قلم کي ڊڄي ڪري انھيء کي کنڀيو ويو ، ڪالھ واڪا ڪندي وڻن مان اينڌڙ ظلم خلاف آواز هدايت لوهار کي پڻ کنڀيو ويو ۽ ظلم جي خلاف اٿنڌڙ هڪ ٻيو آواز بند ڪيو ويو ڪالھ روشنين جي شھر لاڙڪاڻي مان ۽ وري سنڌ جي ثقافت موئن جي ڌڙي ۾ پرامن قومي ڪارڪنن مرتضي جوڻيجو کي کنڀيو ويو ۽ ان جي امڙ جو حال بيحال ٿيڻ لڳو ، ڪالھ يونيورسٽي جي رونق سيف جتوئي کي اتان کنڀيو ويو ۽ يونيورسٽين جي رونقن کي خوف جي علامت بڻايو ويو وري ظلم جي راند جاري رهي ت ديس ڌڻين جي حقن جي لاء لکندڙ ڄامشوري هي هوائن ۾ پلجنڌڙ ليکڪن ، اديبن ،دانشورن،۽ سچ جو ساٿ ڏينڌڙ صحافين کي کنڀيو ويو ۽ ڄامشوري کي جي سرد هوائن کي انھن جي سرهاڻ ڀري لکڻين کان ڇورو ڇنو ڪيو ويو ۔۽ اڄ ڏينھن تائين کنڀي ڪم ڪيل جو ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو ته هو ڪھڙي غار ۾ غاريا ويا آهن، ڪھڙي کاهي ۾ اڇلايا ويا آهن، ڪھڙي مشين ۾ پيڙهيا ويا آهن ،ڪھڙي هنڌ لٽڪايا ويا آهن، ڪھڙي ڄار ۾ ڦاسايا ويا ،ڪھڙي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويا ، ڪھڙي اڏيء تي اٽڪايا ويا ۔

سنڌ جي درد تي ڪنھن شاعر لکيو آهي ۔

زماني دڳن تي ها شيشا رکيا،

اسان پير تن تي اگھاڙا رکيا.

متان سچّ ڪوئي نه ڀُڻڪي پون،

تڏهن هُن چپن تي ها ٽانڊا رکيا.

رڳو پُـــور، پيڙا، پريشانيون،

مقدر ۾ تحفا خدا ڇا رکيا.

هلي ڳالهه ٽڪرا، ڪجي سنڌ کي،

يزيدن ته آڻي به نقشا رکيا.

اسان نينهن جون هون نمازون پڙهيون،

چري دل غمن جا به روزا رکيا.

مٺي تنهنجي آمد کان اڳ ۾ “ملڪ“،سدائين اکين ۾ ڇو ڳوڙها رکيا ۔۔هر روز دڳن مان ڪو ن ڪو جھپڙجي ويو سنڌ جا عاشق دڳن تان ايئن کنڀيا ويا جو خبر ئي ن پئي سنڌ جي دڳن تي غائب ڪيا وينڌڙ قومي ڪارڪن ڪيڏانھن ويا”

جڏهن ب ڪوئي دنيا جي ملڪن ۾ ٿينڌڙ ظلمن جي ڳالھ ڪندو آهي ، مون کي ايئن ئي محسوس ٿيندو آهي ت هي هٽلر جي دور ۾ ۽ الاهو جي دور جي ڳالھ پيو ڪري جتي ماڻھن کي کنڀي ڳڙڪايو ماريو ويندو هيو يا وري الاهو وانگي رستي تان کڻين ماري اڇلايو ويندو هيو ۽ هٽلر جيان وستيون واهڻ سڀ ساڙي راک ڪري پنهنجي بادشاهت مڃرائڻ لاء ظلم جبر ڪيو ويندو هيو ۔ پر دراصل اها حقيقت تي ٻڌل هڪ تاريخ قصو آهي ۔ پر دنيا سمجھو ت هي اهڙا واقعا تڏهن ڪيا ويندا هيا جڏهن جهالت جي دور عروج تي هوندو هيو ، هٿيارن سان وڙهي ماري بادشاهتون مڃرايون وينديون هيون ، ۽ يا ت وري انھن ڪوڙي بادشاهت ن مڃڻ تي ڌرتي تان ڌڪاريو ويندو هيو ۔ پر اڄ ان سموري عالم دنيا ، دنيا جي عظيم ملڪن ، اقوام متحده کي هي ٻڌائيندا هلون ت اهو ظلم جبر جي راند ختم ناهي ٿي اڄ ب گھڻا ئي هٽلر جي بادشاهي سوچ رکنڌڙ پنھنجي ملڪن ۾ قومن کي غلام بڻائي ڌرتي تان ڌڪارڻ ، وسيلن تي قبضه ڪرڻ ، وسندين کي باهيون ڏيڻ ،۽ ان ظلم ڏاڍ جبر خلاف آواز اٿارينڌڙ ننگر خان چنه، ديدار امرت’ ھدايت لوھار ،الله وڌايو مهر ، مجيب چولياڻي ،ايوب ڪانڌڙو ، جھڙن ارڏن پٽن کي واڙي قيد ڪيو ويندو آهي ۔

گمشدگين تي ميڊيا جي خاموشي….

سنڌ ۾ قومپرست ڪارڪنن جي کنڀي گم ڪرڻ واري غيراخلاقي غيرانساني عمل خلاف دنيا جي هر ملڪن ۾ ننگر چنه ، پنھل ساريو ، الله وڌايو مھر ،سميت سڀني ڪارڪنن جي آزادي جي ڀرپور نموني تحريڪ هلائي وئي دبئي ،آسٽريليا ،آمريڪه،جرمني،ڪئناڊا سميت ڪافي ملڪن ۾ ان عمل خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا پر افسوس سد افسوس هو ملڪي ميڊيا چينلن تي تالا لڳل هيا سواء ڪجھ سنڌي اخبارن جي باقي سڀ پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرڪ ميڊيا ڄڻ ت چپ جو روز رکي ونگار وهڻ واري ڪوشش ۾ رڌل هئي ۔نومبر 2014ع ۾ جڏهن قومي ڪارڪنن جا کنڀڻ کانپوء وقفي وقفي کانپوء جڏهن چچريل لاش ملندا رهيا هڪ طرف پوري سنڌي قوم ۾ ڪاوڙ ۽ بغاوت جي لھر پکيڙيل هئي ۽ ٻئي طرف سموري انسانيت پرستن ۾ تشويش جي لهر پکيڙيل هئي ۔ ان ايڏي سامراجي ظلم ۾ اسان جو سڀني سنڌي ميڊيا وارن ڀرپور ساٿ ڏنو پر اسين شڪر گذار آهيون آواز نيوز وارن جا جن ڊاڪومينٽري ڪري اسان جي قومي ڪارڪنن جي گمشدگي کي ڀرپور نموني هلايو ويو ۔اردو ميڊيا ت آهي ئي ويچاري ايئن ان تي معيار ڪھڙي ڏبي۔۔۔

کنڀي گم ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن کي مارڻ اها ڪھڙي ب دنيا جي باقي ملڪن ۾ ريت ناهي رهي پر اسان وٽ اها سوچ عروج تي آهي ت شايد کنڀي گم ڪرڻ ۽ وري مارڻ سان آزاديء جون تحريڪون ختم ٿي وينديون يا وري انھن مان جان ختم ٿي ويندي پر تاريخ جي ويڙھ هميشه ظالم سامراجي کي شڪست ڏيئي حق ۽ سچ جي فتح ڪري ساٿ ڏنو آهي ۽ مظلوم قومن جي حامي ڀري آهي پوء ڀلي اهي تاريخون ، سائوٿ آفريڪه، بنگلاديش ، ڪردستان، ڪاٽالونيه ڇو ن هجي تاريخ ۾ سي سوڀارا نظر آيا آهن ۔

جبر ظلم ڏاڍ سان ڪنھن جو آواز ڌٻائي ن ٿو سگھجي پر ان ۾ ويتر جان پئجي ويندي آهي ۽ مظلوم قوم مٿان ظلم جبر نفرت جو ٻج پوکي ڇڏيندي آهي ، اهڙيون ڪريل حرڪتون ن صرف انھيء مظلوم قوم مٿان وقتي پر ظالم مٿان مستقبل هاڃيڪار ثابت ٿينديون آهن ۔۽ پوء انصاف جي لاحاصل عنصر کي ڏسي ڪري عوام ن صرف اهڙين حرڪتون ڪرڻ وارن ۽ اهڙين حرڪتن کان پر انصاف واري لفظ مان ب نفرتون ڪندا آهن جنھن لفظ مان اميدون لڳائي ڪيترا ئي خون لڙهي ويندا آهن ۔

اوهان کنڀي گم ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو باقي واڙي قيد ڪري ڪھڙي تاريخ ٿا ڌهرائڻ چاهيو ۔ ت اسين وقت جا هٽلر آهيون اسين وقت جا ھلاڪون آهيون ، اسين وقت جي عرب حڪومت آهيون جنھن يمن ۾ انسانيت جي لتاڙ ڪري امن جي نالي تي بيگناھ شھرين جو خون وهايو آهي ،يا وري اهو ثابت ٿا ڪرڻ چاهيو ت اسين هت بادشاهت ۽ هڪ صوبي جي سامراجي تخت بازي هلائڻ ٿا چاهيو ، پر ملڪ ۾ رهنڌڙ سنڌي ، بلوچ ، سرائيڪي، پختون، هزارا برادري، گلگتي ، سموري قومن کي پنھنجي ماڳ تي آزاد رهڻ جو مڪمل حق حاصل آهي ن ڪي ڪنھن هڪ صوبي جي غلامي ڪرڻ جو ،

هڪ صوبي واري بادشاهت مڙھڻ واري ساڳئي طريقي وڏين ڪوششن سان ٺاهيل مسلمانن لاء هڪ الڳ ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اوهان وري انھيء ڳالھ کي درهائڻ ٿا چاهيو ؟

جيڪڏهن هن ملڪ ۾ سموري قومن سمورن صوبن کي برابري جا حق ڏنا ويندا ، جيڪڏهن هڪ صوبائي مداخلت بند ڪئي ويندي ، جيڪڏهن تخت پنجابي ختم ڪري سموري قومن کي ملڪي معيشيت مان برابر حصو ڏنو ويندو ، جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن سميت ملڪ جي تعليمي ادارن مان مداخلتون بند ڪيو وينديون ت ڪير ب نفرتن جو ٻج پوکي ن سگهندو ڪو ب جبر ڏاڍ جو شڪارن  ٿيندو باقي جي سامراجي تخت هلائڻ جي سوچ جاري رکي وئي روز جبر خلاف آاوز اٿندا ۽ وري ساڳئي طرح گمشدگيون ڪيون ويندون وري نئين طرح سان ڪنھن الڳ ملڪ کي نئين سر جنم ڏنو ويندو ۽ ٿيندو ب سھي جي جبر ڏاڍ ۽ گمشدگين وارو سلسلو بند ن ٿيو ت حالتون ڳنڀير ٿي وينديون نفرتون عروج کي ڇهنديون ۔

هاڻي ڳالھ ڪئيسين جبري زوري کنڀڻ جي۔ سو ان ڳالھ ۾ ڪو ب شڪ ناهي ت سنڌي قوم جي حقن جي ڳالھ ڪنڌڙن کي ڪھڙا واڳون ٿا ڳڙڪائي وڃن ، يا انهن کي زمين ٿي ڳيهي وڃي يا آسمان اڏائي ٿو وڃي ، يا وري نئين مخلوق آئي آهي جيڪا پنھنجو ڏاڍ ٿي هلائڻ چاهي ۔

افسوس ان ڳالھ جو آهي ت هر روز ازخود نوٽيس وٺڻ واريون ملڪ جون عدالتون الائي ڇو خاموش ويٺل آهن ، انھن کي الائي ت ڇا ٿي ويو آهي جو ڪنھن هڪ جج جي پٽ جي گمشدگي تي ايڏو ماتم ڪرڻ وارن کي هي سنڌي قوم جي مائرن ڀينرن جي ڪوڪون دانھون ٻڌڻ ۾ ڪو ن ٿيون اچن ، ڪاريون پٽيون ٻڌي رستن جو سفر ڪرڻ وارن کي اهي احتجاج نظر ڇو ن ٿا اچن ،اوهان ڪنھن هڪ جي ڪري پوري عدالت  جو بائيڪاٽ ڪيو هيو ٿرٿلو مچايو هيو اوهان جو پٽ گم ٿيل هيو اوهان جون ننڊون فٽل هيون پر ڇا هي ڪنهن جا پٽ ن هوندا ، هي ڪنھن جا ڀائر ن هوندا ، هي ڪنھن جا ور ن هوندا ، جو گذريل مھيني مھيني روز 6-7 جي بنياد تي سنڌ مان قومي ڪارڪن ليکڪ کنڀيا ويا جن جو هن محل تائين ڪو اتو پتو ڪونھي ، جنھن جي آزادي لاء سول سوسائٽي ، قومپرست جماعتن ، کنڀجي ويلن جي وارثن هر روز احتجاجي مظاهره ڪيا ويا ، ڇا اهي مظاهره توهان کي نظر ڪو ن ٿا اچن  ڪنهن جي ايميا تي ميڊيا کي ڪنھن هڪ اداري جو غلام بڻائيو ويو آهي، هر روز ڪچري کان وٺي ڪتو مرڻ تائين جون خبرون هلائينڌڙ ميڊيا کي ڇا هي واقعا نظر ڪو ن آيا ، ڇا انھن جا احتجاج نظر ڪو ن آيا ، ڇا رڻ پٽ ۾ واڪا ڪندي ھداي لوھارجي ڌيء سسئي ۽ سورٺ جون دانھون اوهان تائين ن پھتيون ، ڇا اوهان جي ڪنن تي ڪنھن ڏاڍ جبر واري حڪيم جي پٽي پھريل آهي ، جو پوري سنڌ کي جاڳائينڌڙ آواز اوهان جا ضمير ن جاڳائي سگھيو ، ڇا ڏوڪري مان کنڀي گم ڪيل شاهد جوڻيجي جي امڙ جي نازڪ حالت اوهان کي ڪو نٿي نظر اچي جيڪا پٽ جي گمشدگي جي صدمي ۾ فوت ٿي وئي ” اهڙين اکين کان  ماڻھون نابين ڀلو آ جيڪو زبان جي اشارن جي سمجھي صحيح قدم ت کڻندو آهي ۔ اوهان ت انھن کي ب مات ڏيئي ڇڏي ،

سنڌ مان جيڪي جبري طور کنڀي گم ڪيا ويا آهن اهي عدالت ۾ ڇو ن ٿا آندا وڃن ۔

دنيا جا تاريخي دهشتگرد جيڪي طالبان ب رهي چڪا جيڪي گينگ وار جا سربراھ ب رهي چڪا جيڪي اڄوڪي دور ۾ امن  جي نالي سان پوري دنيا جو امن تباھ برباد ڪيون ويٺا آهن انھن ب کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو آهي پوء ڀلي اهو حافظ سعيد ڇو ن  هجي ، احسان الله احسان جي پاڻمرادو گرفتاري کانپوء پرسرار منظر عام تان غائب هجي يا وري ڇوٽو گينگ کانپوء عزير بلوچ هجي ۔۔

جڏهن سڀني دنيا ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ وارن کي ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو ت پوء  سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪنڌڙ آزادي جي ڳالھ ڪنڌڙن کي ڪڌي رسم تحت ڇو  کنڀي گم ڪري واڙيو ويو آهي ۔ڇو ن ٿو قومي ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۔ جيڪڏهن واقعي ۾ انهن مٿان ڪي ڪيس آهن يا هو اوهان جي نظرن ۾ سنڌ سان عشق ڪنڌڙ آزادي گھرنڌڙ ڏوهاري آهن ت ملڪي عدالتن ۾ پهچايو وڃي۔پر هو ڄاڻن ٿا هي جيڪو اسان غيراخلاقي غيرانساني عمل ڪيو آهي اهو کلي عام قانون جي خلاف ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي  آهي اهي ڄاڻن ٿا اسان کي شڪست ٿيندي اسان کي ناڪامي جو منھن ڏسڻو پوندو ۔هو پنھنجون ڪوتاهيون پنھنجو ڪردار پنھنجي ساخ لڪائڻ لاء پيش ن ڪري رهيا آهن ۔هو ڄاڻين ٿا جيئن بلوچ اڳواڻ گزين مري بلوچستان ڪورٽ مان باعزت بري ٿي ويو هي سڀ ڪوڙا فريب منافقت تي ٻڌل ڪيسن جي عدالتن ۾ شڪست ٿيندي ۽ هو انڪري ن ٿا پيش ڪن ۔

اهڙا قسم جا واقعا ت آمرن جي دور ۾ ب ن ڪيا ويندا هيا ، اهڙي قسم جا واقعا ت شام دمشق، بغداد جي جنگين ۾ ب ناهن ڪيا ويا ، اهڙا واقعا ب مھاڀاري لڙائين ۾ ن باهن ڪيا ويا جھڙا واقعا هنن بنگلاديش جي قوم ۽ سنڌين مٿان ڪرڻ شروع ڪيا آهن ڪھڙو قانون ٿو اجازت ڏيئي کنڀيو ماريو ساڙيو آزاد گھمون ڪير ن پڇندو جيڪو پڇي ان جو آواز ڌٻايو انصاف جا گهر خريد ڪيو ٺيڪا هلايو بادشاهت قائم ڪيو حق فٻايو ۔۔۔۔

هاڻي اهي نظرون سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ۾ آهن ت ڇا هو انسانيت جي لتاڙ جو نوٽس وٺندو ، ڇا هن کي سنڌ ۾ جبري گمشدگيون نظر اينديون ، ڇا هو اکين تان پردو لاهي اکيون کوليندو , ڇا سنڌ جا سڏڪا ان کي ٻڌڻ ۾ ايندا ، ڇا مارئي جون ڪوڪون ٻڌندو يا وري ڪاري پوشاڪ اوڙي بس ڪري تاريخي خاموشي اختيار ڪري تاريخ جو ڪارو باب لکندو ۔

منھنجي سنڌ جي مائرن ڀينرن جي دانھن آهي ۔۔۔۔

ٻڌايو ڪھڙي ڏوھ ڪھڙي قانون تحت سنڌ مان پرامن سنڌي قومي ڪارڪن کنڀيا پيا وڃن ، ٻڌايو وڃي ڪھڙي قانون تحت انھن کي ٽارچر سيلن اندر قيد ڪري واڙيو ويو آهي ، ڪھڙي ڏوھ ۾ اهي گذريل ڪي مھينن ڪي سالن کان ڪال ڪوٺين منجھ باندي بڻايا ويا آهن ،ڪھڙي ڏوھ ۾ سنڌ جو پرامن صوفي ڪارڪن پنھل سارئي کي کنڀي واڙيو ويو آهي ۔هو هڪ رحمدل نيڪ دل انسان جنھن پنھنجي جواني جي جوڀن ڏينھن کان وٺي هن محل تائين سدائين انياء خلاف آواز اٿاريو هو ت سدائين ٻين مٿان ظلم خلاف ڀڙڪي اٿي پوندو هيو ،هو سنڌ جو صوفي امن پرست جنھن آخري گھڙي تائين پيادل مارچ ڪري سنڌ ما  جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء جاکوڙيندو رهيو ، هن جو ڏوھ ظلم خلاف آواز اٿارڻ بڻيو يا ان جو آواز جي سٽ گھڻن کي مچ ٿي لڳي جو هنن جو آواز ڌٻائڻ لاء کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۔

اسين کنڀجي ويلن جي وارثن سميت خادم آريجو ،ديدار امرت، الله وڌايو مهر ،هدايت لوهار ،سيف جتوئي ، سميت کنڀجي ويلن جي پرامن طور تي آزادي جو مطالبو ڪيون ٿا ۔ کنڀجي ويلن کي فوري طور آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي  ۔۔اسين عالمي عدالتن کان سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جو فوري نوٽيس وٺي بازيابي جو مطالبو ڪيون ٿا ۔اسين سنڌ هاء ڪورٽ کان معاملي  جو ازخود نوٽيس وٺي گم ٿيلن کي صحيح سلامت بارياب ڪرايو وڃي ۔۽ سنڌي قوم ۾ پکيڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ غيراخلاقي رسم کي پڻ انجام تي آندو وڃي ت جيئن سڀاڻي ڪنهن ماء جو پٽ وري ڪٿان ن کنڀيو واڙيو وڃي ۔سنڌ جي مائرن جي دانھن آهي انساني  حقن جي ڪميشنن، عالمي عدالتن مسيحا جھڙن اڳواڻن کان اسان کي پنهنجا پيارا آزاد ڪرائي ڏنا وڃن ۔هر سنڌ جي مائرن ڀينرن ڌيئرن جي آھ آ سنڌ مان ديدار امرت ، هدايت لوهار ، غني آريجو ،سميت سڀني کي آزاد ڪيو وڃي ۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *