تونسان واجب آهي محبت جو تعلق رکڻ: ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي، صدر مسلم ليگ (ن)، منارٽي ونگ، سنڌ

تاريخ ۾ وزير اعظم محمد نواز شريف جهڙا انسان تمام ٿورا آهن، جن انساني تهذيبن ۽ قدرن کي سمجھيو آهي ۽ ماڻهن اندر مختلف تهذيبن ۽ مذهبن ۾ محبت کي وڌايو آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف تي قدرت جي خاص عنايت آهي ته هُو ملڪ جي سڀني اقليتن ۾ هڪ جيتري عزت ۽ احترام رکي ٿو ۽ اقليتي برادري سندس عمل ۽ پاليسين کي ڀليڪار چئي ٿي ۽ سندس اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ مضبوطيءَ جي حوالي سان سندس محنت تي يقين ۽ ڀرپور اعتماد رکي ٿي، ۽ ايئن ڇو نه هجي ڇو ته وزير اعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ئي پاڪستان جي تحفظ جو انقلاب برپا ٿيو ۽ هي ملڪ ائٽمي طاقت جي صورت ۾ دنيا جي تختي تي اُڀري آيو. دهشت گرديءَ جي خلاف جرئت سان آپريشن ڪري انهن کي ختم ڪيو ويو. ملڪ ۾ موٽروي جو ڄار وڇايو ويو، ميٽرو بسون هلايون ويون، عام ماڻهوءَ کي سفر جي سهولت لاءِ ريلوي کي جديد بڻايو ويو، سي پيڪ جهڙو عالي شان منصوبو شروع ڪري نه صرف پوري ملڪ پر پوري خطي جي ترقيءَ لاءِ رستو کوليو ويو، ملڪ کي لوڊشيڊنگ جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تڪڙا اُپاءَ وٺي بجليءَ لاءِ ڪارخانا کولي صنعتي ترقيءَ لاءِ راهون هموار ڪيون ويون. اڄ ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج سڀ مائيل اسٽون ڪراس ڪري اڳتي نڪري وئي آهي ۽ سڄي دنيا پاڪستان جي معيشت ۾ تيزيءَ سان ٿيل ترقيءَ جي گواهي ڏئي رهي آهي. اهو سڀ ڪجھ ممڪن ٿيو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف جي بي مثال اڳواڻيءَ جي صلاحيتن ۽ جرئتمند فيصلن جي عمل درآمد جي ڪري ٿيو آهي.

وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ ملڪي آزاديءَ جي حوالي سان جيڪي تاريخي قدم کنيا آهن ۽ اعلان ڪيا آهن ان تي اقليتي برادري سندس شڪر گذار آهي. ڏياري ۽ پوءِ هولي جي موقعي تي، وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتي برادريءَ جي دعوت تي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي خاص طور تي اسان جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي آهي ۽ اسان کي عزت بخشي آهي، جنهن ڪري اسان کي اهو پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف اسان سان هر خوشي ۽ ڏک ۾ گڏ آهي ۽ اسان جي جذبن جو احترام ڪري ٿو. وزير اعظم محمد نواز شريف جي اها شفقت سموري اقليتي برادريءَ لاءِ عزت جو باعث آهي. اسان سموري اقليتي برادريءَ پاران پنهنجي قائد جناب محمد نواز شريف جا دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيون ۽ سندس صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعاگو آهيون. سچ اهو آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف پاڪستان جو اهو پهريون وزير اعظم آهي جنهن منارٽيءَ کي خاص اهميت ڏني آهي. ڏياري هجي يا هولي هن هر ڀيري اقليتن جي جذبات جو احترام ڪيو آهي.

زبردستي مذهب مٽرائڻ کي ڏوهه قرار ڏئي وزير اعظم محمد نواز شريف اقليتي برادريءَ جي دل کٽي ورتي آهي. ان حوالي سان جيڪي خدشا، تحفظات ۽ شڪايتون هيون وزير اعظم محمد نواز شريف انهن جو تفصيلي جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اصل ۾ تاريخ جي اندر گھڻو ڪجھ ڪرڻ جون خواهشون ته گھڻا ئي ليڊر ڪندا آهن، مگر اُهو ڪو خاص اڳواڻ هوندو آهي جيڪو ان تي عمل ڪرائي ڏيکاريندو آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف صحيح معنيٰ ۾ اهو واحد اڳواڻ آهي، جيڪو جيئن چوندو آهي، تيئن ڪري ڏيکاريندو آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

خواہش سے نہیں گرتے پھل جھولی میں
وقت کی شاخ کو میرے دوست ہلانا ہوگا۔

کچھ نہیں ہوگا اندھیروں کو برا کہنے سے
اپنے حصے کا دیا خود ہی جلانا ہوگا۔

وزير اعظم محمد نواز شريف جڏهن هولي جي موقعي تي خاص طور ڪراچي آيو ته اُتي مون پنهنجي تقرير ۾ سڀني آيل خاص مهمانن کي بسنت رُت جي رنگين ڏڻ هولي جون شڀ ڪامنائون ڏيندي مبارڪ پيش ڪئي ۽ ڀليڪار چيو هو ۽ ٻڌايو هو ته اهو ڏڻ آهي جنهن تي محبت ۽ پيار جو رنگ وسندو آهي. هي اهو ڏڻ آهي جنهن تي شري ڪرشن ڀڳوان گوپين سان گڏ بندرابن ۾ رنگن جي پچڪارين سان کيڏندو هو. هي اهو تهوار آهي جنهن ۾ ميران ٻائي پنهنجي ڪرشن ڪنيا کي چوندي آهي ته:

رنگ دے چنریا شام پیا موری رنگ دی چنریا،
ایسی رنگ دے رنگ نہیں اترے  دھوبی دھوئے  ساری عمریا،

هولي جو اهو شڀ ڏڻ بسنت بهار جي راتين ۾ ايندو آهي، جڏهن گلستان رنگ برنگي گلن سان مهڪيل هوندو آهي، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ جو راڄ هوندو آهي. هولي جو ڏڻ حق ۽ سچ جي جيت ۽ ظالم جي شڪست جو ڏينهن هوندو آهي. جڏهن راجا هرنا ڪشيپ ظلم جو پهاڙ پنهنجي پُٽ پرهلاد ۽ ماڻهن جي مٿان رکي چيو هو: “مون کي ڀڳوان مڃو، مون کي ايشور مڃو….” پر پرهلاد انڪار ڪئي هئي ۽ چيو هو ته: “منهنجو ته پرماتما مٿي رهندو آهي، جيڪو سڄي جهان جو پالڻهار آهي، سڀن جو تحفظ ڪندڙ آهي.” راجا هرنا ڪشيپ حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ ۽ ان کي موت جي گھاٽ پُڄائڻ لاءِ پنهنجي ڀيڻ هوليڪا کي گھرايو. هوليڪا وٽ جادوءَ جي چادر هئي، باهه جو وڏو مچ ٻاريو ويو، جنهن ۾ هوليڪا پرهلاد کي هنج ۾ وهاريو، پرهلاد ڀڳت پرماتما کي ياد ڪيو. تيز طوفان آيو، هوليڪا جي چادر اُڏامي پرهلاد جي مٿان اچي وئي، هوليڪا سڙي وئي، پرهلاد بچي ويو. حق ۽ سچ جي جيت ٿي، ان ڏينهن کان هولي جو ڏڻ رنگن ۽ پچڪارين سان ملهايو ويندو آهي.

جڏهن ته اڄ هولي جو ڏينهن دهشت گردي کي شڪست ڏيڻ ۽ اَمن جي جيت، فتح طور ملهايو پيو وڃي. هي پاڪستان جي ترقي ۽ امن جي دشمنن ۽ دهشت گردن جي خاطمي جو ڏينهن آهي. محبت جي رنگن کي نڇاور ڪرڻ ۽ ڀائيچاري ڦهلائڻ جو ڏينهن آهي. وزير اعظم محمد نواز شريف ڏانهن ان ڳالهه جو ڪريڊيٽ وڃي ٿو ته هن دهشت گردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خورن سميت سڀني مجرماڻن نيٽ ورڪس کي بنا فرق جي ڪراچيءَ کان پشاور تائين ڀرپور آپريشن ڪري ختم ڪرايو آهي. سندن دور ۾ اهم ۽ ڪامياب آپريشن ضرب عصب ڪيو ويو ۽ هاڻ آپريشن ردالفساد پوري شدت سان هلي رهيو آهي ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ آپريشن به تمام گھڻيون ڪاميابيون ماڻي چُڪو آهي. امن امان جي صورتحال ۾ نمايان نتيجن ملڻ ڪري ملڪ ۾ سرمائيڪاري ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ واپاري سرگرميون عروج تي آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پوري دنيا ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ پاڪستاني معيشت جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جنهن جو اعتراف عالمي سطح تي مالياتي ادارا ۽ سروي رپورٽون به ڪري رهيون آهن.

مون کي وزير اعظم محمد نواز شريف صاحب جي 11 جنوري 2017 تي ڏيڍ هزار سال پراڻي ڪٽاس راج مندر جي دوري تي ڪيل تقرير به اڃا چڱي طرح ياد آهي ۽ آئون اها ڳالهه برملا چوڻ چاهيان پيو ته تاريخ ۾ وزير اعظم محمد نواز شريف جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ايندا آهن. جيڪي انساني تهذيبن ۽ قدرن کي چڱيءَ ريت سمجھندا آهن، ماڻهن، تهذيبن ۽  مذهبن وچ ۾ محبتن کي وڌائيندا آهن. ان لاءِ آئون بار بار چوان پيو ته وزير اعظم محمد نواز شريف هولي جي عظيم ڏڻ تي شريڪ ٿي، ان کي بهار جي جشن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پنهنجي محبت ۽ چاهت جي رنگن سان هولي جي رنگن کي وڌيڪ گَهرو ۽ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. ڀائي چاري ۽ هم آهنگيءَ جي مقدس جذبن سان  هنن رشتن کي اڃا به پائيدار بڻائي ڇڏيو آهي. محمد رفيع هڪ گيت ڳايو هئو “بہارو پھول برساؤ میرا محبوب آیا ہے.” اڄ بسنت بهار جي موسم آهي، اسان جو محبوب اڳواڻ وزير اعظم محمد نواز شريف صاحب اسان جي جي گھر هلي آيو آهي، ان لاءِ مون پنهنجي تقرير ۾ چيو آهي ته “بهارو پھول برسائو، اسان جو محبوب آيو آهي.” ۽ وزير اعظم محمد نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ منهنجي ان ڳالهه کي ياد رکيو آهي ۽ محمد رفيع جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ “بهارون ڦول برسائو جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.” اسان ته چاهيون ٿا ۽ اسان کي پڪ به آهي ته وزير اعظم محمد نواز شريف جنهن محنت سان ڏينهن رات پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هميشه بهار پاڪستان تي گُلن جي ورکا ڪندو رهي ۽ پاڪستان ترقيءَ جون وڏيون منزلون طئي ڪندو رهي.

مون کي پنهنجي قائد سان گڏ بيلا روس ۽ سريلنڪا جي دوري جو شرف پڻ حاصل آهي. پنهنجي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ به انهن کي ۽ پاڪستانين کي بي حد عزت ملندي ڏٺي سون، جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هُنن مون کي ۽ منهنجي پُٽ راهول شام کي پرڏيهه ۾ جيڪا محبت ۽ مهمان نوازي ڏني، آئون ان محبت، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ کي ڪڏهن به ڀُلائي نه سگھندس، ۽ شاعر جو هي شعر سندن نظر ڪيان ٿو:

تجھ سے واجب ہے محبت کا تعلق رکھنا،

ایسی دلچسپ عبادت کو قضا کون کرے۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *