تنهنجي ياد جي وري آ وير ؛مير اعظم علي ٽالپر

دنيا ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم ”ٻئي“ کي پڙهائڻ آهي. ڇو ته هڪ کان ٻي شخص تائين علم پهچائڻ به هڪ فن آهي. ان جيان هن دنيا ۾ صحافت جي رنگين سنسار ۾ به اديب ۽ ليکڪ هئڻ به هڪ وڏو فن آهي. ان لاءِ هر هڪ شخص کي ان تائين پهچڻ ممڪن نه آهي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجو سئوٽ ۽ ماستر محمد علي ٽالپر (جيڪو انگريزن جي زماني ۾ زير ويچار جي پوزيزشن ۾ پاس ٿيو هو) پر فارسي جو والد کان ئي ماهر هو ان سان گڏ سائين حيدر علي لغاري ۽ سائين گل حسن لغاري (ڊاڪٽر به ٿيو هو) جن سان گڏ ٽنڊوڄام ۾ هڪ نئون استاد بطور ڊرائينگ ٽيچر سائين لائق سنڌي جو به اضافو ٿي ويو. اها سڀني کي ڀلي ڀانت سڌ آهي ته هو بنيادي طور تي هڪ استاد هو پر منهنجو ساڻس استاد کانسواءِ هڪ مضمون نگار ليکڪ طور هو ۽ هن جو مون سان واسطو هڪ ڪاتب ۽ پيٽنگ ڪندڙ طور هو، جيئن ته راقم خبر نه آهي ته ڪيتريون ئي بهارون ۽ خزائون ڏسندي اخبارون شايع ٿيندي ۽ بند ٿيندي ڏٺيون آهن ۽ اها سڀني کي ڄاڻ به آهي ته راقم جي پيدائشي لکڻ جي جنم ڀومي عبرت آهي. (حالانڪه ٻين جي آهي) سو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيتريون ئي اخبارون نڪتيون ۽ بند ٿيون هيون.لائق سنڌي سان سنگت نه پر گهرائپ هئي سو هڪ ڏينهن سائين لائق اچانڪ گول بلڊنگ وٽ ملي ويو ۽ ٻانهن ۾ هٿ وجهي سڌو پاڻ سان گڏ آفتاب اخبار ۾ وٺي وڃي سائين شيخ علي محمد سامهون بيهاري چيائين ”شيخ صاحب هي آهي ڪرڪيٽ تي لکندڙ“ ڪوشش ڪريان ٿو ته ڪرڪيٽ لاءِ آفتاب ۾ لکي. شيخ صاحب (کيس الله جنت ۾ جاءِ ڏيئي) راقم کي ڏسندي هڪدم پنهنجي جناح ڪيپ ٽوپي لاهي مٿو کنهندي مسڪرائيندي خاموش رهيو. ڇو ته راقم جي شيخ صاحب سان ڪڏهن کان نيازمندي ۽ نوڙت هلندڙ هئي. شايد 1965ع ۾ عبرت کانپوءِ ته پڪي قلعي مان هلال پاڪستان وغيره، انهن ڏينهن ۾ آفتاب ۾ امتياز علي اوستو، سائين در محمد ڪمال کي به هٿ ۾ وٺي آيو هو. سائين لائق سنڌي جي شوق ۽ محبت سبب راندين جو صفحو به راقم کي بطور انچارج آفتاب ۾ ڪڍڻ جو موقعو مليو. ليڪن سائين جي عزت ۽ پيار ڪنهن کان به لڪل نه آهي، هو هڪ هلندڙ گهمندڙ يادگيرين جي لائبريري هو، آئون کيس صرف ”جي سائين“ چوندو هوس ۽ هو پنهنجي کلڻ ۽ مسڪرائڻ واري انداز سان ڪڏهن سگريٽ جو سوٽو (ڪش) هڻي يا ڪڏهن صرف ائين چپ گول مول ڪري کلندي ڏسندو هو. سائين آخر ۾ عبرت ۾ پروف ڏسڻ کي ٻُهاري سُهاري چوندو هو. لائق سنڌي هڪ استاد به هو، خبر نه آهي سندس دماغ  ۾ اها سوچ ۽ ويچار جي ڳالهه ڪٿان آئي، جو هن ويٺي ويٺي لفظ ”سنڌ“ جي اکر کي انگلش ۾ لکڻ لاءِ پڙهڻ کانپوءِ اسپيل ۾ ”دي“ کانپوءِ ”هه“ سا به هرڻي لکڻ لاءِ حڪمت کي تجويز ڏني ۽ اخبار ۾ به لکيو يعني اڳ ”سنڌ“ کي انگريزي جي چار اکرن “Sind” جي شڪل ۾ لکيو ويندو هو پر سائين لائق جي نظر ۾ اهو ”سنڌ“ جي انگريزي ”ويزن“ لاءِ صحيح نه هو. جيتوڻيڪ اهو اکر Sind انگريز بهادر ۽ ميرن جي بادشاهي جي خيبر کان هلندڙ هو ۽ هلندو آيو هو پر سائين لائق جيڪو هڪ انسائيڪلو پيڊيا جي حيثيت رکندڙ شخصيت هو، تنهن جي اها تجويز حڪومت منظور ڪئي ۽ ورهين کان ”سنڌ“ ۾ رائج انگريزي اسپيل ۾ ”دي“ کانپوءِ ”ايڇ“ جو اضافو ڪيو ويو. ان بعد سنڌ کي انگلش ۾ Sindh رائج ڪيو ويو، جيڪو سنڌي جي ”سنڌ“ جي ڀيٽ سنڌ جو انگريزي ۾ صحيح لکت وارو اکر آهي.سائين لائق جي ماهرت جو هر ڪو قدر ڪري ٿو. هن جي سيني اندر هزارين راز به هئا، هو ڪافي يادگيريون به ٻڌائيندو هو. راقم کي هڪ اندازو ضرور هو پر سائين لائق ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته 1978ع جي آخر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي قصوري واري ڪيس مان ڦاسي کان بچائڻ لاءِ هڪ آخري ڪوشش طور سائين شيخ اياز جي چوڻ تي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه شيخ علي محمد وٽ آئي ته سندس والد کي بچايو وڃي ۽ پر شيخ صاحب ان وقت ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته ”وقت گذري چڪو آهي ۽ هاڻ اهو ممڪن ڪونهي.“بهرحال سائين لائق سنڌي کي اسان ڪهڙي به لکپڙهه جي کيتر ۾ ڏسون، هو هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اخباري دنيا کان علم جي دنيا ۽ لکڻ پڙهڻ اسڪول جي هر موڙ تي سائين لائق واقعي لائق نظر اچي ٿو. راقم ۽ سائين لائق وچ ۾ ذاتي ۽ ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ٿي وينديون هيون ۽ سڀني مضمونن جي هينڊنگ سائين هٿ سان لکندو هو ۽ پيسٽ به ٽيبل تي خود ڪندو هو. هڪ دفعي اتفاق سان هو دير سان آيو مون پنهنجي مضمون جي خود پيسٽنگ ڪندي شاندار بارڊرن سان سجائي تيار ڪري رکيو هو ته سائين اوچتو اچڻ شرط مون واري پيسٽنگ ڏسندي رڙ ڪري چيو ته ”گهوڙا هي ڇا ڪيو اٿئي مير صاحب“ ايڊيٽوريل واري صفحي تي مضمون سان گڏ هي بارڊر ڪو نه لڳندا، ڇو ته هي بارڊر هڪ پرائيويٽ ڪمپني جي اشتهار لاءِ مخصوص آهن. مضمون ۾ ايڊيٽوريل جي پيج ۾ هي پٽيون، منهنجي ڪيل محنت سائين اُکڙي ضايع ڪري ڇڏي پر راقم کي هڪ سبق ضرور ملي ويو، جيڪو اڄ تائين ياد آهي ۽ سائين لائق به ياد آهي، جنهن کي اسان کان ڌار ٿئي 16 جنوري تي سال مڪمل ٿيو آهي. سائين سان منهنجي آخري ملاقات احمد خان شيخ جي پٽ ۽ ننهن جي بي وقتي موت سبب سندن تڏي تي ٿي هئي.سائين لائق جي 16 جوري تي پهرين ورسي هئي، سڀني اخبارن کي ياد ڪيو ۽ سڀئي دوست احباب صحافي ليکڪن آرٽيڪل لکيا، ڇو ته هو هر هڪ جو دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. بهرحال ”تنهنجي ياد جي ويري آ وير“ هن سرد موسم ۾ ان ڪري يعني اندر آهي گرمي ۽ اکين ۾ آهن يادگيرين جا ڳوڙها. خدا ڪري اسان سڀ نالائق، سائين لائق کي سدائين ياد رکون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *